رديف ’ض‘
غزل (89)
بي نِياز1 تون بادشاه، ڪنھنجو توکي ناه غَرضُ2،
در سندءِ محتاج شاه، سڀ تي تُنھنجو آه فرضُ3.
تو سَندِيءَ ڌاران رضا، ڪم نہ ٿئي ڪو ئي بجا،
لفظ ھڪ4 سان سڀ بَنيا، ھيءُ جڳٽ آڪاس ارضُ5.
ھر جڳھ حاضر تُونھين، سڀ پَرينۡ6 ناظر7 تُونھين،
جيئن ڪرين، قادرُ تُونھين، سُوکِمئُون8، اِسٿُول9، عرضُ10.
عيب مون آھن انيڪ، ڪين ڄاتم ڪِي وِوَيڪ11،
ڪم نہ ڪيَڙم ڪوئي نيڪ، رک سَترَ12، اوناءِ عرضُ.
طلب پنھنجي تات ڏي، يادگيريءَ بات ڏي،
من سندُم کي سانتِ ڏي، ڪرم سان ڪر معاف قرض.
جي گناھن ۾ گندو، تہ بہ آھيان تُنھنجو بندو،
ٻانِهڙَي ’آسُوءَ‘ سندو، درد فرَقت13 ميٽ مرضُ.
(1) بيپرواه (2) گهرج، پرواه (3) لازم ڪيل حڪم (4) ’ڪُن فَيڪون‘ يعني اسان چيو تہ ”ٿي پئُہ! تہ پوءِ ٿي پيو“ (5) زمين (6) طرف کان (7) ڏسندڙ (8) نازڪ، ڪمزور (9) ٿلهو متارو (10) ويڪرو (11) ست (سچ: آتما، پرماتما)، اَسَت (ڪوڙ: ھي جھان) جي ڄاڻ (12) ڍَڪَ (13) جدائي
غزل (90)
يا اِلاھي! مھر مون، تون بخش فيض،
ڦٽُ وڇوڙي ميٽ مون، تون بخش فيض.
سوز سِڪ ۾ ويو سڙي سارو سَرِير،
ٿيو جهُڪي سو جهُرِ جهُنُون1، تون بخش فيض.
ڪئين ڪبيرا2 ۽ صغيرا3 ڏوهَ ڍِڳَ،
ٿيا پَري آکڻ ڪنون، تون بخش فيض.
دل و جان سان، بندگي ڪا ڪانہ ڪيَم،
ٻاھران ڪيَم ھان ۽ ھُون، تون بخش فيض.
ڄاڻُ ڄاڻان ٿو تہ دنيا درگذر،
آه ساري ڏينھن ڏُون، تون بخش فيض.
پر مونکي حِرصن، خيالن ڪيو خراب،
نفس ڪر منھنجو سنئُون، تون بخش فيض.
رَنڪَ4 کي راجا ڪرين، ۽ راءُ5 رَنڪُ،
ٻاجهہ گهُرجي تو دَرُون، تون بخش فيض.
لِکَ لکيي مان لاھِين، اختيار تو!
ڀاڳ ڪر منھنجو نئون، تون بخش فيض.
فيض بخشڻ کان سِواء چارو نہ آه،
جي کڻي ٿيان مثل ڀُون6، تون بخش فيض.
حال ’آسُوءَ‘ جو مٿي آھي عيانُ7،
ڏينم درشن اَندرُون، تون بخش فيض.
(1) ڳريَل سڙيَل (2) وڏا (3) ننڍا (4) گداگر، کٽل (5) راجا (6) مٽي (7) ظاھر
