رديف ’ث‘
غزل (29)
عشقَ ڌاران ھيئن گُذارڻ، اَلغِياث1!
دوست رِي دنيا ۾ گهارڻ، الغياث!
مَنِکُ2 ٿي، سُڌ ٻُڌ3 ڪنان ٿِئي بي خبر،
جنم جو سمجهي نہ ڪارڻ، الغياث!
ٿو چوي عاشقُ! ڊڄِي ڊپَ ڪات جَي؛
پير ساڳيو پُٺ تي وارڻ، الغياث!
پاڻ ساڌو ٿو سڏائي يا فقير،
مَنَ مُٺَي4 کي ڪينَ مارڻ، الغياث!
وعظُ يا اُپديشُ5 آھي ٻين کي،
پاڻ کي ھڏ نا سُڌارڻ، الغياث!
ھت وِڪارن6 ۾ اچي سوگهو ٿيَڻ،
آبرُو7 ھٿ ساڻ ھارڻ، الغياث!
ظاھري ۽ پڻ زباني ذڪر ڪن،
ساس مالها8 نا اُچارڻ، الغياث!
ناه وُسعت پاڻ ۾ پئسي سندي،
ھٿ ھزارن ڏي پَسارڻ، الغياث!
جو ڪري انجام پُختو ۽ پڪو،
پوءِ ’آسُو‘ ڪين پارڻ، الغياث!
(1) افسوس، ارمان (2) انسان (3) ھوش عقل (4) خراب، بُڇڙي نفس (5) واعظ، نصيحت (6) من ۾ ويٺل پنج دشمن: ڪام (خواھش)، ڪروڌ (ڪاوڙ)، لوڀ (لالچ)، اھنڪار (تڪبر)، موه (لاڳاپوAttachment ) (7) مانُ
(8) سواسن جي مالها، دمن جي تسبيح، ساه پساه سان ذڪر ڪرڻ
غزل (30)
سچا ستگُر! سڀن سردار يا غوثَ1!
مِٺا مُرشد! مِڙن مَھَندار2 يا غوثَ!
اڍائي وَرَن توکي ٿا نِمن نِت،
سلامي سڀ تُنھنجا مُختار3 يا غوثَ!
تجَلو نُورِ حق بر حق آھين،
چِٽو چوطرف ۽ چوڌار يا غوثَ!
وِلهِيءَ4 تي وَرُ5 ڪري واھر6 وريجانءِ،
اڙيَن، اوڳن7 اَجها غمخوارَ8 يا غوثَ!
جنهين ورتو وَھِيانۡ9! تو پاند پُختو،
اُنهن جا غم ڪٽين غمٽار يا غوثَ!
سوالي سَوَ ڏٺم، خالي نہ ويَڙا،
تُنھنجي در تان اِرادت دار يا غوثَ!
جهلي جهولِي پنڻ پينار آيو،
آھيان ڏَڏُ، ڏات ڏي ڏاتار يا غوثَ!
آھيان ديدار درسن10 لئِہ اُداسي،
سِڪايل جي اچي لھُ سار يا غوثَ!
’ﻭﹷ ﻛﹸﻞﹹ ﻭﹷﻟِّﻲِ لَّہٗ قَدَمًا‘11 بلاشڪ،
قدم مون تي بہ رک ھڪ وار يا غوثَ!
’مُرِيۡدِي لَا تَخَفۡ‘12 پارت ملِي اِيءَ،
تَڳَي13 ’آسُو‘ انھيءَ آڌار يا غوثَ!
(1) غوثِ اعظم حضرت شيخ عبدالقادر جيلانيؒ (2) اڳواڻ (3) اختيار وارا (4) بي وارث (5) حمايت، مددگاري (6) مدد (7) بي سمجهہ (8) ھمدرد (9) مالڪ، وارث (10) درشن (11) سڀني ولين تي قدم منھنجو (12) منھنجا مريد بي خوف ٿي (13) جيئي
غزل (31)
منھنجي دل! ھاڻ سنسا سَٽِ1، وَھيُون2 وارث وريو وارث،
محبَت غير واري مَٽِ، وَھيُون وارث وريو وارث.
صفا ڪر ميلِ کي ميڙَي، اچي دلبر سندءِ نيڙَي،
لياڪا3 لوڪ جا سڀ لَٽِ، وَھيُون وارث وريو وارث.
پلنگ ڀاوي4 پِرت وارو، وِڇاڻو سڪ جو وجهہ سارو،
عطر عنبِيرُ سچ جو ڇَٽِ، وَھيُون وارث وريو وارث.
فڪر ۽ فَنَ ڦِٽا ڪر تون، نَذر5 جِيءَ جان جو ڌر تون،
وِھي تان وَرُ اچي تو وَٽِ، وَھيُون وارث وريو وارث.
ڏِسي دلدار جو درشن، مَنگهن ره پِرت ۾ پَرشن6،
ڪَسُون7 ڪورَي سڀيئي ڪَٽِ، وَھيُون وارث وريو وارث.
خِزان ويَڙو بھار آيو، پُنون ’آسُوءَ‘ سندو رايو،
اُٺو8 مِينھن مھر جو جهٽ پَٽِ، وَھيُون وارث وريو وارث.
(1) وھم، ڀرم ڇڏ (2) ماڪ، ڌڻي (3) لاڳاپا، سَنگ (4) ڀانءِ (5) نذرانو (6) خوش (7) خرابيون (8) وسيو
