شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ٺ‘

غزل (26)

عشق ڌاران جيئڻ جَڳ ۾ آه جُٺِ،
تيئن ڦري ٿو مِثل: رِي ناڪيل اُٺِ.

عشق جي دردن سندو دارُون وِصال،
ڇا لڳي گُل، گائُوزبان، گُلقند، ڪُٺِ1!

ڇا مُکان2 ٻولڻ نہ ڏسجي ’لاءُ ساءُ‘3؟
تنھن ڪنان بھتر، ڀلِي ھيءَ ’ڀيڙ مُٺِ‘4.

سي مُڙن نا مُور، متيون سَوَ ڏينِ،
ٿي ڏِنگائي جي جنهين جِي دل تي ڏُٺِ5.

سُورَ ساماڻا سمهڻ مان، سُرتِ6 رک،
پُر ادا ’آسُو‘! پُنهل جي پار پُٺِ.

 

(1) ھڪ پسارڪو وکر  (2) واتان   (3) مِٺو ذائقيدار   (4) ھٿ جي مُٺ بند ڪرڻ. يعني زبان کي روڪڻ    (5) ڳنڍ   (6) ھوش، سجاڳي   

 

غزل (27)

يا شھنشاه سائين! آھين سدائين سيٺِ،
تو ساڻ روزِ اَزلِيءَ1، آھيم مُحبَ! ڏيٺِ2.

ھيءُ حال منھنجو ھيڻو، آھي مٿئي عَيانُ3،
جهُونو جهُڪي سندُم ٿيو، ڪُل ڪارخانو ھيٺِ.

پورَي پئِي سگهڻ جو، ڪونهي ڪمائي ٻلُ،
ڪر معاف مون مٿي ٿِي جا بيشمار پيٺِ4.

ڏکيو فِراق5 ڏاڍو، واڍو وڍي جيئن وڻ،
وِصلت6 سندي مَلم سان، چاڪر7 جا چاڪ8 چيٺِ9.

جن يادگيري تُنھنجي ناھي، يقين ساڻ،
آھي اُنهن جي مُنھن تي، ھر ويل ’ھيٺ ڦيٺ‘10.

ڪر ھوت! ڪا حمايت، ناھيم ٻيو ثمرُ،
سُورن سواءِ تُنھنجي! مون ھڙَ نہ ھنج، بيٺِ11.

ورکا12 وسي مُندن تي، تون نِت13 وسين وَھِيان14!
ڪر خاص ڪا نوازش، ’آسُوءَ‘ تي نظر نيٺِ.
 

(1) روزِ اَزَل: روحن جي پيدائش وارو ڏينھن  (2) سڃاڻپ، ڳانڍاپو   (3) ظاھر   (4) قرض   (5) وڇوڙو   (6) ميلاپ   (7) خادم، ٻانهي   (8) زخم   (9) ڇٽاءِ   (10) لعنت ملامت، ڌڪار   (11) چيلهہ جو سندرو   (12) برسات   (13) سدائين   (14) مالڪ، ڏاتار

 

غزل (28)

آه سڀ کان ڀلِي ڀليري ماٺِ،
چَيت چِتَ1 سان ڏِسين، چڱيري ماٺِ.

ايءُ خدا پاڻ آه فرمايو،
سالڪن2 سچ، اُتم نبيرِي ماٺ.

ڪو پُڇي: ڪم دنيا جا ڪيئن ھلندا؟
وَڌِ پروَجَن3 نہ ڪُڇ، سُپيرِي4 ماٺ.

من سندا ڇاڙتا پنج ئي وِشيُون5،
آه اُن جي سدائين ويرِي ماٺ.

نفس، شيطان جِي شرارت جِي،
رقم6 ڊاھي ڪري ٿي ڍيري ماٺ.
7
حسدَ، جهيڙا، فساد، وَيرَ، وِکادَ8،
ماتِ9 سڀ کي ڪري مٿيري ماٺ.

ڪرم ڪونين10 لاءِ قرب سندِي،
آه مڙني مٿي مُجيري11 ماٺ.

پرين جي پار پِرتَ پُورڻ جِي،
ڳوپَ وارِي اُچِي اُميرِي ماٺ.12

ماٺ دردن سڀن دوا آھي،
ڪو پِيئَي ايءَ سُتي13 تِکيرِي ماٺ.

سانتِ14 ڌِيرج15 ڏئي وڃائي ٻيا،
ڏُرتَ، ڏولاءَ16، ڏرَ17، ڏڦيرِي18 ماٺ.

’سُڀ اِڇا‘19 سچ صفا ڏئي، تَرڪَي:
ڪُڀ لڇڻ ۽ مدِي ۽ ميرِي ماٺ.

ماٺ جھڙو نہ ڦل ٻيو ڪوئي،
آه ڏاڍِي ڪرڻ ڏُکيرِي ماٺ.

ڪَٿَ ڪٿُون20، گيان21، ڌيان22 وَستُن23 کان،
سڀ مٿي صاف سا سُٺيرِي ماٺ.

ست سَھيلين24 ۾ سوچ سان سوچيم،
آه ’آسُو‘ وڏِي وڏيرِي ماٺ.
 

(1) ڌيان سمجهہ   (2) خدا وارن فقيرن   (3) خطاب، بيان   (4) پير کڻندڙ (پيري، پيراڍو)  (5) حواسن جو رس. حواس دنيا مان معلومات آڻي من (نفس) کي ڏين ٿا. سي ھي آھن: شبد (ٻڌڻ)، سُپرس (ڇُھڻ)، روپ (ڏسڻ)، رَس (چکڻ)، گنڌ (سُنگهڻ)   (6) ھِت رقم مان مراد ’عمل‘ آھي. نفس شيطان بُرائي جو خيال وجهن ٿا ۽ انسان بدلي (رقم) ۾ اھو بُرو عمل ڪري ٿو. پر ماٺ انهن خراب خيالن کي بہ ڪيرايو وجهي.  (7) اڳين ڇاپي ۾ ھتي ھيٺيون بند ڏنل ھو. اصل نسخي ۾ نہ ھئڻ ڪاڻ خارج ڪيو ويو. سڀ خلل ۽ وِلَل، وِجهل دنيا،  ٿي وڃائي مٿي جي ڦيرِي ماٺ.  (8) مونجهارا   (9) ھار، شڪست   (10) ٻنهي جھانن   (11) محافظ   (12) پار=پاسي.  پِرتَ=پرِيت (پيار) مان.  پُورڻ=وڌڻ.  ڳوپُ=ڇنل نوڙي/ڌاڳي جا ڇيڙا.  اُچو=اعليٰ.  اُميرِي=ڌاڳي جي ٻن ٽڪرن يا تندن کي جوڙي وٽي ڳنڍ ڏيڻ  (ڪورڪي ڪم جو لفظ).  معنيٰ=ماٺ پيار سان پرينءَ ڏانھن وڌائي، ڇنل ڌاڳن (آتما ۽ پرماتما) کي ملائي اُوچي ڳنڍ ڏي ٿي.   (13) دوا جو وزن: ڍُڪ  (14) شانتي  (15) صبر  (16) ڏک دردَ  (17) ڊپَ   (18) ڏِنگائي، فساد   (19) دنيا جون خواھشون تَرڪي فقط پرماتما سان ملڻ جي خواھش  (20) ڪٿا ڪٿائون، ڪھاڻيون  (21) علم   (22) فڪر   (23) شيُن   (24) 1. مَنشا (ارادو، مقصد) 2. آسا (اُميد) 3. مشٽا (مِٺاس، خوشگواري) 4. ايرکا (حسد) 5. ممتا (بي لوس محبت) 6. واشنا (خواھش) ۽  7. تِرشنا (بيحد، بي انتھا، اڻ کُٽ خواھش)