رديف ’ڇ‘
غزل (49)
ٻار ننڍڙو ٿو رھي جيئن وار مُڇَ،
تيئن ھِري: جيئن ھَيرِين منجهہ چڱ بُڇَ.
ڀيڙ ڏندَ، گهُٽ ساه کي، ٿئي درد گهَٽ،
ٿِي وَڌي پِيڙا1، اندر ۾ لوڇ لُڇَ.
ماٺ موچاري ڪري موتي سچو،
ويئي وِلهامي2، جي ڪرين ڪائي بہ ڪُڇَ.
ھڪ رَتِيءَ جي سونَ ۾ وِيھُوڻِ رِيءُ3،
پوءِ ڪٿان ڪنچن4 ٿئي! ڪر پوڇ پُڇَ.
عينَ5 دل جِي سان ڏِسين ھڪ ھڪ وَچَن6،
ھِنِ اشارن کي ڪري ڀائين مَ تُڇَ7.
ڪيئن سُمهي لَنڪاپتي8 سُکِ سيج تي؟
باه لاتئي ڀولڙَي، جَي ساڻ پُڇَ!
ڪو ڇُٽو گِياني9 پرُوڙي گِيان کي،
جاءِ ’آسُو‘ ناه اِتِ ڪا اُڇَل اُڇَ.
(1) تڪليف (2) ٿڌي ٿي (عشق، اندر جِي باه) (3) اضافت، مينُ (4) سون (5) اک (6) ٻول (7) معمولي (8) راوَڻ: سري لنڪا جو ھڪ راجا. جنھن راجا شري رام جي وَنِي ماتا سِيتا کي اغوا ڪري پنھنجي محل ۾ رکيو ’ھنُومان‘ نالي ھڪ ڀولڙي شري رام جي مدد لاءِ پنھنجي پُڇ سان راوڻ جي محل کي باه لڳائي ڇڏي. (9) مُڪتي يا معرفت حاصل ڪيل اِلاھي علم وارو
غزل (50)
جي چڙھيا چُست عشق واريءَ اَڇَ،
تن مڙئي ماريا سندا مَنَ مَڇَ1.
ٻِي نہ وائي سواءِ وحدت جي،
ويو منجهائُن ھوئڻ ۽ ھوڏ، ھَٻڇَ.
ڏيئي جاڳا اکين، تَسيو2 تَنَ کي،
ويا لنگهَي لوڪ ڇَرَ3 ۽ ڇاڇرَ4، ڇَڇَ5.
مَورُ ماڻينِ نہ مُور6 سي موڳا،
جن ڪيا ڪانۡوَ، ڪَڻِڇيون7 منجهہ ڪَڇَ.
ڪِينَ گهٽ وڌ ٿئي، لکيو منجهہ لَوحَ8،
جي وڃين روم، ھند، سنڌ ۽ ڪَڇَ.
تيئن ڦَسائي ٿو ڦند ۾ شيطان:
جيئن ڦَسي ٿي مَڇي اچي ۾ رَڇَ.
جنھن آوِيءَ9 کي چوطرف لوگها10،
ڪِينَ سالِم11 پچي ٿا نڪرن رَڇَ12.
رام جي نام رِي، ھيءُ مانِکُ13 تيئن:
جيئن جهنگل ۾ جهَلي ٿي جهوتُون14 وَڇَ15.
ناه ’آسُو‘ پيار مُنھن سونھن تي،
ٿو وڻي سڀ ڪو پنھنجِي ڪرڻيءَ لَڇَ16.
(1) وڏيون مَڇيون (2) اُڃ بک، فاقو (3) چاڙه جو پاڻي (4) تانگهو پاڻي (5) درياءَ (6) ھرگز (7) ڪاري رنگ جي پکي جو ھڪ قسم (8) قسمت (9) نھائين يا بٺي (10) سوراخ، خال (11) پُورا، مڪمل (12) ٿانوَ (13) انسان (14) رُلڻ، ڀٽڪڻ يا ھيڏانھن ھوڏانھن جهاتي پائڻ (15) مَينھِن (16) لڇڻ
