رديف ’ع‘
غزل (95)
نِت1 رھي جو دنيا سندو طامِعُ2،
رات ڏينھن ٿو ڪَٺِي ڪري جامِعُ3.
ڪيئن رھي تِرپِتا4 ۾ تَنھنجي دل؟
حِرصَ5 جنھن کي مُحِيط6 ٿيا مانِعُ7.
پيو پَسي، ھُوندِ ٿو ڪري دل خوش،
زور ڀريو ڏِسي نَکٽُ8 طالِعُ9.
سو رضا تي رھي نہ ٿي راضي،
ڪِينَ ھرگز ٿئي ڪڏھن قانِعُ10.
جان، دِل، مُنھن رکي اندر مايا11،
سو ڀلا رام ڏي نہ ٿئي راجِعُ12!
ھيءُ وڏو درد آه، ڏس قارُونُ13!
ھَو طلبگار ڌَن سندو تابِعُ14.
نيٺ ڌنَ سان ويو پيھِي منجهہ ڀُون15،
نانءُ ناموس سڀ ٿيس قاطِعُ16.
گهُر پَنَھَ تون اللھ کان ’آسُو‘،
درد جو آه دافِعُ17 و شافِعُ18.
(1) مسلسل (2) گهُر ڪندڙ، لالچي (3) ڪٺو ڪندڙ (4) مطمئني (5) لالچون (6) گهيريل (7) رڪاوٽون وجهندڙ (8) سِتارو، بُرج (9) اڀرندڙ (10) قناعت وارو (11) اڻ ھوند جو ڏيک، دنيا (12) ورندڙ (13) تمام شاھوڪار ماڻهو. حضرت موسيٰؑ جي بي ادبيءَ ڪرڻ سبب اللھ کيس دولت سميت زمين ۾ غرق ڪري ڇڏيو (14) پوئلڳ (15) زمين (16) رد (17) دفع ڪندڙ، ڇُٽائيندڙ (18) شفاءِ ڏيندڙ
غزل (96)
جن جِي اکين ھِيئَين ۾ ڪڍيا سَلا طمع،
وَڌندي ئي وَيرِ، ’وِهَ وَلِ‘ وِھاٽَي وڌا طمع.1
جنجالَ2 جِيءُ گهَتي ٿي، وَتِيرو3 ڪَرُ4 وِجهي ٿي،
قابو ڪري ٻَڌي ٿي، بُڇڙا بلا طمع.
سچُ ۽ سُپت5 کي ٻوڙَي، لَڄَ ۽ حياءُ ٽوڙَي،
ساڃَھ ڪڍِي اُکوڙَي6، جالي جُدا طمع.
مرجات7 کي مِٽائَي، ٿِي مانُ ڀاءُ گهَٽائَي،
ڪوڏيءَ مٿي ڪُٽائَي، ھي ڪم سندا طمع.
ھڪ ساڻ سَنڍُ8 نہ جن کي، سي ڪيئن تَرن تِکي تي؟
ٻيو جو وِڌا مٿي تي، بوجا ڳرا طمع.
اَشنِيه9 مان عَداوت10، اُلفت11 مَنجهانۡرانۡ ڪُلفت12،
ميٽي مِٽَن مان محبت، ٻُڌ ھيءَ ڪَٿا13 طمع.
جنھن جاءِ پڳُ14 ڌَري ٿِي، نيڪي اُتان ٽَري ٿِي،
ٻيا ڪارَ جي ڪَري ٿِي، کوٽا کرا طمع.
مَنُ ٿِرِ15 نہ لالچن جو، آھَينِ ڍءُ اکين جو،
ڦلهار جيئن پَنِ جو، گم ڪئي ڪَلا طمع.
ڀڳوانَ ڀَئُہ ڀُلائي، ڏيھَن مَنجهُون ڏُلائي16،
ڪوسِيءَ، ٿڌيءَ رُلائي، اھڙي جَزا17 طمع.
مِٽاءِ ’ماسوا‘18 کي، ڇڏ حِرص ۽ ھوا کي،
دلبر جِي وَٺُ دوا کي، ’آسُو‘ ٿي ’لا طمع‘19.
(1) ھِيئُون: دل، من. سَلا: تازا ڦٽل ٻوٽا. طمع: لالچ، لوڀ. وَيرِ: وقت، مھل.
وِهَ وَلِ: زھر ڀريل وَلِ، لالچ جو وڻ. وِھاٽڻ: زھر ڏئي ٻُوساٽي مارڻ.
يعني: جن ماڻهن جي اکين پنھنجي من رُوپي زمين ۾ لالچ، لوڀ جون وَليون پوکيون، اھي زھر ڀريل وليون وڌي وڏيون ٿي کين ئي ماري ڇڏينديون.
(2) مصيبت ۾ (3) طريقو، رواج (4) ڪنڌ (5) سچائي ۽ ايمانداري (6) پاڙئون پٽي (7) شرم (8) ترڻ جو اوزار، ٻڪري جي ڦوڪيل کل جيڪا ترڻ ۾ ڪم اچي (9) دوستي (10) دشمني (11) پيار (12) نفرت (13) قِصو (14) قدم (15) ڀرجندڙ (16) پريشان ڪري (17) عيوضِي، نتيجو (18) خدا کان سواءِ ٻيو سڀ (19) ڪنھن بہ شيءِ جي لالچ، گهُر نہ رکندڙ
