شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’م‘

غزل (124)

پيو جِن گلَي ۾ دنيا دام1 دَمُ،
اُنهن جو نہ پُورو ٿيو ڪام ڪَمُ.

تڏھن مُحبَ وٽ ٿئي مَرڪُ2 مُنھُن سندو،
ڪرين نفسِ اَمَارہ3 کي رام4 رَمُ.

گذر گاه ۾ سڀ گذر ٿيو وڃي،
سڪندر ۽ دارا، ويو ’جام جَمُ‘5.

نہ ويھُ ويسلو6، جاءِ دل ڪر صفا،
وِڪارن7 ڪنان ڪر ٺَلهو ٺام8 ٺَمُ.

وچنُ سَنتَ اُنَ جو ھِيئَين سان ھنڊاءِ،
رھي جنھن سندو پاڪ گُلفام9 فَمُ10.

سَڀِينۡ پَر11 سِڪايلُ ڇيھي12 کان ڇُٽو،
لڳو عشقَ جو جنھن کي سَمسام13 سَمُ14.

صفائي سچائي جي سِيرت رکيج،
نہ ڀُل سُندر صورت، پسي چام چَمُ.

اچي اندر ’آسُو‘ ڪِٿان تو سڄڻُ؟
ڀڄنَ15 ۾ پيو تو، خُودي خام16 خَمُ17.
 

(1) ڦَندو   (2) لائق   (3) بُرن ڪمن ڏي لاڙو ڪندڙ نفس   (4) ختم   (5) ايراني بادشاه ’جمشيد‘. پيالي ۾ نھاري ڪائنات جي واقعن ۽ حالتن جي خبر وٺندو ھو.   (6) غافل   (7) من ۾ ويٺل پنج دشمن: ڪام(خواھش)، ڪروڌ(ڪاوڙ)، موه(لاڳاپوAttachment )، لوڀ(لالچ)، اھنڪار(تڪبر) (8) شانت (9) گُلاب جي گُل جھڙو (10) وات   (11) ھر طرف کان   (12) نقصان   (13) زھري تلوار   (14) زھر   (15) بندگي   (16) خراب   (17) وڪڙ   

 

غزل (125)

جِن پريمي سِڪ جَي مَدَ1 جو پيتو جامُ،
شَڪ شُبه جو گُم ٿيو تن مان گُدامُ.

ويا لَھِي اولا2 سندن ھِڪ سُرڪَ مان،
تُڇُ3 سَمان4 ’جمشيد‘ جو ڄاڻن ٿا جامُ5.

ڪَلَ6 ٽنهي لوڪن7 سندِي پيُن ڪُلِي،
ٿيو سِڪندر جو آئينو8 اُت غلامُ.

ھوم ۽ لَب کي ھڻي ھاڃي ھَوَن،
لوڪ لڄ ٿئي، سو اُٺايائون ڪِمامُ9.

ھَٿ ڇنڊي سي ڇَڙڪُ10 ڇِڪَ مان ٿيا پري،
جاچنا11 سان جُوٺ ڄاڻي گُذر گامُ.

لوڪ لھِوارو وڃي عاشق اوڀارُ12،
مامَ13 تن جي ڇا پرُوڙيندو عوامُ!

لَک اچن آڏو اُنهن کي لَڪَ14 لَنبا،
تيئن وڌي ٿي پياس پُورڻ15 جي مُدامُ16.

وَڍَ وِرهَ17 جِي جَي وَڍيا ويراڳِي18 وِيرَ19،
تن جشن مان ڪو نہ ٻُڌجي ڪو ڪلامُ.

’کُمُ بِاِذُنِي‘20 ’شمس‘ ثابت سچ چيو،
عشق جنھن جو اصل کان ئي ھو امامُ.

جنھن جَپَي جَڳدِيس21 کي ’آسُو‘ ڏٺو،
دَرِ انھيءَ جي ڪن اچي ڪوڙين22 سلامُ.
 

(1) شراب   (2) غم   (3) معمولي    (4) برابر    (5) ايراني بادشاه ’جمشيد‘ جو پيالو جنھن ۾ نھاري ھُو ڪائنات جي واقعن ۽ حالتن جي خبر وٺندو ھو.   (6) ڄاڻ    (7) ھندو ڌرم موجب ڪائنات جا ٽي لوڪ يا طبقا: سرڳ (عرش. جنت)، مرتيُو (فرش. زمين) ۽ پاتال (زمين جو ھيٺيون طبقو، نرڳ، جھنم)    (8) ايراني بادشاه ’سڪندر‘ ھڪ آئيني سان زماني جو احوال ڏسندو ھو.  (9) سامان  (10) ڦُڙت   (11) جاچ   (12) اُڀرندو  (13) ڳُجهہ ڳالهہ   (14) جبل جا اڙانگا رستا   (15) اڳيان وڌڻ    (16) لڳاتار   (17) جدائي جي غم   (18) عاشق   (19) جوڌا   
(20) اُٿي منھنجي حڪم سان   (21) سڄي جھان جو مالڪ   (22) ڪروڙين   

 

غزل (126)

اي مَنَ! ڪرين نہ ياد، سِرِي رام رام رام،
ڏين عمر ڇو بباد1؟ سِرِي رام رام رام.

بي اَنۡت، بي شمار، سندس ڀال2 جِي اَپارَ3،
سو اَگم4 ۽ اَگاد5، سِرِي رام رام رام.

ڦَل، ڦُول، ميوجات ڏينِ چَش6 نہ وِسُ7 سندا،
جھڙو مِٺو سَواد، سِرِي رام رام رام.

ڇا وَرَن8، اگن9 پُوڄَ! اُڪاري10 نہ سَنڌ11 کان،
ھي ڄاڻ ’رَجَ رَماد‘12، سِرِي رام رام رام.

نانَتِ نِڌي13 نِوار14، جَڳياسِي15 ٿي جَپُ اَلکُ،
سچ آد16 ۽ جُڳاد17، سِرِي رام رام رام.

جو نانءُ نِدَ18 نَوازي، ڪري ٿانئي ٿيلهيا19،
وِرڪت20 ڪنان وِکاد21، سِرِي رام رام رام.

جو اَنگ سَنگ سھاءِ22، ڀلو ڀِيڙَ23 ۾ سُڀَرُ24،
ميٽي مرڻ مِعيَاد25، سِرِي رام رام رام.

مُک26 پاڪ، دل بہ پاڪ ڪري نام جنھن سندو،
وِيرانۡ ڪري آباد، سِرِي رام رام رام.

جو مُڳت27 ڏي ٿو رزق، سنڀالي ٿو جڳ رَميو28،
ھر سُوءِ29 ۽ بِلاد30، سِرِي رام رام رام.

جو نام دُٻِڌا31 درد ڪنان دُور ٿو ڪري،
تَتِڪال32 دل کي شاد، سِرِي رام رام رام.

سو ياد ڪر، وري نہ ’آسُو‘ ويل ايءَ اچي،
ٻيو وات ڇوڙ واد33، سِرِي رام رام رام.
 

(1) تڪرار  (2) ڪرم  (3) بي حد، گهڻائي  (4) بي انت  (5) بي حد  (6) چشڪو (7) دنيا   (8) پاڻي   (9) باه   (10) ڪڍي   (11) کاٽ، سُرنگهہ   (12) خاڪ   (13) ٻيائي   (14) ڪڍ (15) طالب   (16) اول   (17) آخر   (18) بدنصيب   (19) ڌِڪاريلن کي ھڪ ھنڌائتو ڪري   (20) ويراڳي   (21) مونجهارو   (22) ھر ويل، ھميشہ مددگار   (23) سختي   (24) وڏو ڀرجهلو   (25) مقرر وقت   (26) مُنھن   (27) ڇوٽڪارو   (28) سمايو   (29) پاسو، طرف   (30) مُلڪ   (31) غيرت، شڪ، گمان   (32) جهٽ پٽ    (33) بحث   

 

غزل (127)

روزا ۽ وِرتَ، تِيرٿَ1، ھيءُ پڻ چڱو ڪرم،
پر پاڪ جي پَسڻ لئِہ گهُرجي ٻيو فَھم2.

گنگا شِنان توڻي حج اڪبريءَ ڪنان،
راضي رکڻ ھِڪي دل آھَي اَپَر3 اُتم4.

شيطان ڄاڻ سو، يا راڪاس کان پَري،
انسان جنھن نہ دل ۾ مُروَت5، دَيا6، ڌرم7.

سارِي8 ٿو سَرسُ9 سمجهي جو ھاڃَ10 ۾ ٻيَن،
تَنھنجو ويو اجايو ھيءُ مانِکُو11 جنم.

جَئِہ، جَس ۽ نيڪناميءَ وارو حيات ھوءِ،
نيڪي نہ آه جنھنجي، بلڪل ٿئي بَسم12.

ٻَلُ13، ٻُڌِ ٻَھُون14 جُوڻِيُن15 تي باريءَ16 ڪياءِ بخش،
ھن وقت جو وِڃائڻ آھي وڏو شرم!

سنسار جي سُڌِن17 ۾ سٺ سال ويا لنگهي،
ارمانَ جو اڃا پڻ مارَئِي نٿو مَرم18.

پنج ڀُوتَ19، جي پٺيان تو آھن پيا لڳا،
مالڪَ ڪنان مدد گهُر، ڪر ھمت سان ھَدَم20.

مانِک21 بہ ڏئِي مَزُوري پورھيو وجهي پلئي،
خاوند ڪيئن ڀلا تو خدمت ڪري عَدَم22؟

ويراڳَ23 ۽ وِوَيڪَ24 جو ساکِي25، صَراف26 ٿيءُ،
ڏاڍو ڪنڊو ڳِھَڻ سان ڪيئن ٿئي ڀلا ھضم؟!

مُک27 ساڻ سَبدَ28 سَوَ چوي، ڪلمان29 ڪَھي ڪَئين،
’آسُو‘ صفا سچيءَ دل، راضي رھي صنم30.
 

(1) ھندن جون مقدس زيارت گاھون   (2) سمجهہ يا علم   (3) گهڻي   (4) اعليٰ   (5) ٻاجهہ   (6) رحم   (7) انصاف   (8) ڪاميابي   (9) گهڻي  (10) نقصان  (11) انساني   (12) خاڪ   (13) طاقت  (14) گهڻن ئي   (15) مخلوقن   (16) مالڪ    (17) خبرن    (18) شرم   (19) من ۾ ويٺل پنج دشمن: ڪام (خواھش)، ڪروڌ (ڪاوڙ)، موه (لاڳاپوAttachment )، لوڀ (لالچ)، اھنڪار (تڪبر)  (20) چٽ، ختم   (21) ماڻهو   (22) گم، ناپيد   (23) عشق جي زور ۾ دنيا ڀلائي ترڪ ڪرڻ    (24) ست (سچ: آتما، پرماتما)، اَسَت (ڪوڙ: ھي جھان) جي ڄاڻ   (25) اکين ڏٺو گواه   (26) پارکُو، توريندڙ   (27) مُنھن   (28) شبد: لفظ   (29) سُخن، ٻول   (30) محبوب   

 

غزل (128)1

ٿِئي وِصل2 يار جو، مَ چئُہ ’ھَمہ مَن مَنَم‘3،
توڻي ڪِ ديدار جو، مَ چئُہ ’ھَمہ مَن مَنَم‘.

ھُجين جَذب4 ۾ جُڙيو، بِرهَ اگن5 ۾ ڪڙھيو،
خيال خُوءِ6 تارَ7 جو، مَ چئُہ ’ھَمہ مَن مَنَم‘.

وچان اُٿي ويو فرق، غير ٻيو ٿيو غرق،
نہ دم لنگهي ڌار جو، مَ چئُہ ’ھَمہ مَن مَنَم‘.

اھو جنهين دم ھنيو، جُدا سِسيءَ ڌڙ ٿيو،
نڪو سَنڌو8 سارَ جو، مَ چئُہ ’ھَمہ مَن مَنَم‘.

سِرِي لٿِي، کلَ کَلِي9، سُوريءَ چڙھي دل پَلِي،
ويڇو نہ ھو وارَ جو، مَ چئُہ ’ھَمہ مَن مَنَم‘.

اھو اٿئي ڳُجهہ ڳُجهو، اندر اندر ۾ ٻُجهو10،
پڌر نہ ڪج پار جو، مَ چئُہ ’ھَمہ مَن مَنَم‘.

ڏسين بہ لاغرض ڪم، ڪيو اُنهن کي ختم،
ٿيو عُذر ھار جو، مَ چئُہ ’ھَمہ مَن مَنَم‘.

’آسُو‘ مُٺِي ماٺ ڪر، ڪُڇڻ، حجت ڪاٺ ڪر،
ادب رکج يار جو، مَ چئُہ ’ھَمہ مَن مَنَم‘.
 

(1) ھي غزل اڳين ڇاپي مان ورتل آھي (2) ميلاپ   (3) سڀ آئون آھيان   (4) ياد اِلاھيءَ ۾ غرق   (5) عشق جي باه   (6) عادت، ريت، طريقو   (7) ڇڪ، سِڪ   (8) ڇيڙو   (9) لٿي   (10) بند