رديف ’ط‘
غزل (91)
ٻَڌي ھٿَ، مون دليون جانيون لکيو خط،
پنھنجي دلدار ڏي، ڳوڙھن ڳڙيو خط.
پلَئُہ پائي1 لِکيُم آزيون ۽ زاريون،
سُڃاڻي پاڻ پس عيبن ڀريو خط.
مون کان پُوري نہ پيئي ڪا بہ خدمت،
نِڌر2، ناڪام گوليءَ جو گڏيو خط.
اٿم ارمان! گذري ويا گهڻا ڏينھن،
ٿيَم جهورِي3، تہ وچ ۾ ڪنھن جهليو خط؟
ڪشش ھن قلب جي سان، سچَ منجهان منجهُہ4،
ھِيئين جي ھار کي ھڪدم رسيو خط.
ڪري لائقَ لکين، لالنَ مھر مان،
گذارش ۾ نماڻي جو پڙھيو خط.
سنديَس سرڪار آھي لاؤبالي5،
مگر مانائتو ڪَرمن ڪيو خط.
مُرادون من گهُريون جيڪي گهُريون مون،
سَنڀارُن جو سبب ھي جو ٿيو خط.
ملي اڄ خواب ۾ ’آسُوءَ‘ کي وَرندي،
نہ ٿيءُ ماندو سندءِ ماڪِرُ6 پيو خط.
(1) جهولي جهلي (2) بي پھچ (3) ڳڻتي (4) دل جو حال (5) بي پرواه (6) قبول
غزل (92)
جي ھُجين زاھد1، پُوڄاري! تہ بہ سخاوت آه شرط،
تيز تِير انداز2 توڻي، پَرَ شُجاعت3 آه شرط.
علم جي اڀياس، استعمال ۾ حاذقُ4 طبيب،
پر اُنھيءَ ۾ پڻ ادا! ھٿ جي شَفاعت آه شرط.
نفسَ نادان کي نِمائي وَس ڪرين پنھنجي وريامَ!
جهِڻڪَ5، جهورِيءَ6، ڇِينڀَ7 جي، ڇِن ڇِن8 مَلامت9 آه شرط.
راڳ جو ڳائڪ توڻي سُرتو ھُجي سَمجهُو، سُجان10،
خوش گلَي اِلحان11 جِي تنھن ۾ حَلاوَت12 آه شرط.
کاڄُ13 سڻڀو ۽ مصالحِ دار، سُرھو خوشنما،
پر انھيءَ ۾، نمڪ جِي پورِي مَلاحَت14 آه شرط.
ڪيترو قاضي ھُئَي قابل قضا جي ڪم اندر،
پر خُدا ترسِي15، دَيانَت16 ۽ اَمانَت آه شرط.
سروَ17 قد، رنگ رُوپ ۾ سُھڻو ھجي من جو موھن،
سُونھن لڇڻَي نيڪ جِي، ان ۾ نِزاڪت18 آه شرط.
روشني چنڊ، آبِ دريا، ڀائرن ٻل اِنِ اندر،
نور اکڙين مينگهہ جل، پنھنجي طراوت آه شرط.
جي ’آسُو‘ صوفي صفا پيارو پِرِيتَم جو ھُجين!
نياز، نيزاري رکڻ جي عِجز عادت آه شرط.
(1) عبادت گذار (2) تِير باز (3) بھادري (4) ھوشيار (5) دَڙڪي (6) فڪر (7) تَنبِيھَہ (8) پل پل (9) جُٺ ڦِٺ (10) سُڄاڻ، ھوشيار (11) سريلي آواز (12) لذت، ميٺاج (13) کاڌو، طعام (14) نمڪيني (15) انصافي، رحمدلي (16) ايمانداري (17) وڏو (18) خوبصورتي
