رديف ’ر‘
غزل (69)
ساقِيا1! جام ڪو پِيار پِيار،
ڪِيمَ دل تان ڪُٺل وِسار وِسار.
سان نظر رحم جِي، اڳيان پنھنجي،
ھيءَ نماڻِي سڏي وِھار وِھار.
تُنھنجي گولن سندِي آھيان گولِي،
تَنھن کي در تان نڪِي ڌِڪار ڌِڪار.
لاءِ بخشش، پنڻ آيَس تو در،
ڏات ڏاتار! ڪا ڏِيار ڏِيار.
تون رحيم و ڪريم ۽ ستار،
آئون عيبن ڀرِي نِڪار2 نِڪار.
ڪِرتَ3 کوٽا، ڪچا نہ ڏِس منھنجا،
نام پنھنجي ڏھُون نِھار نِھار.
جوش کان جام ٿِي جلان دِن رَئِن4،
ساڻ مون گڏ گهَڙِي گذار گذار.
جي اچين تون اڱڻ ڪڏھن منھنجي،
جان تو تان ڪريان نِثار5 نِثار.
آه اوجهڙَ6 اچي پيو ’آسُو‘،
ٻاجهہ سان پانھجِي اُڪار7 اُڪار.
(1) پيرِ مُغان، شراب پياريندڙ (2) بي ڪار (3) ڪم (4) ڏينھن رات (5) قربان (6) گمراھي ۾ (7) ڪڍ، لنگهاءِ
غزل (70)
درد دلبر جي نھارڻ عبث نارِ،
ڇا ڪندي ڌاران ملڻ جي ڪوڪنارِ1؟
مُڙسُ سو گهورُو ھِڪي مولا سندو،
آه عُقبى2 جو ڳولائُو مِثل نارِ3.
سو مُخنَثُ4: طالبُو مايا5 سندو،
آه تَنھنجي ڪاڻ، ڪُونڀي نرڳَ6 نارِ7.
جِت گَجي ٿو شاه گڊ گرنار ۾،
اُت پڄڻ مڻڌڻ جي، ڪانهي جاءِ نارِ8.
دل سچيءَ سِپَ9 ۾، صبر موتي ٿئي،
جيئن سُنواتِيءَ10 کي جهَلي منجهہ پيٽ نارِ11.
بَيک12، ٽوپيءَ کي ڍڪي، ڪنِ عملُ ڪِينَ،
تنھن ڪنان بھتر انهن، کي کڙِ13 جي نارِ14.
سو پرُوڙي پسُ، ڪري اُپٽارَ15 ٿي،
ھاءِ! ھَئِہ! حلاج16 وارِي واه نار.
مات پنھنجو نفس نادان جنھن ڪيو،
سو ٽِڙَي ’آسُو‘ ادا جيئن گل انار.
(1) ڏوڏِي پُست جي (2) آخرت (3) زال (4) کدڙو (5) اڻ ھوند جو ڏيک: دنيا (6) نھايت ڀيانڪ ۽ عذاب ڏيندڙ دوزخ (7) باه (8) بندوق (9) سامونڊي جانور (10) مِينھن جي بوند (11) پاڻي يا سندس گهيڙ (12) ويس (13) ھر ڏنل زمين (14) پاڻي جي نار (15) پڌرو (16) پينڃارو
غزل (71)
اِيءَ آرزُو اٿم تہ ڏسان يار کي ضرور،
منَ جِي اِنھيءَ مُراد سان، منٺار کي ضرور.
سڀ سَڱَ، لاڳَ تِياڳ1 ڪري مان سرتيون!
ھن زار2 حال ساڻ، ھِيئَين ھار کي ضرور.
اِن ڪامنا3 جي ڪاڻ، وِھان ماٺ ڪيئن ڪري؟!
سِڪَ، شوقَ، حُبَ، ھيجَ4 مان دلدار کي ضرور.
اِن لوڪ ٽوڪ ساڻ بہ، وِرچِي5 وِھان نہ مُور،
آھي پياسَ پاڪ جِي پَينار6 کي ضرور.
سمجهَي سياڻو سُرتِ7 سچيءَ ساڻ بِره جَي،
ڪو لئُون لڳلُ قليل8 خبر چار کي ضرور.
جنھن جاءِ آڳِ چاهَ ٻري، ڪَل بہ اُت پوي،
آھي مَلم وِصال جو، افگار9 کي ضرور.
ھيِءَ سِڪ بقاءَ جِي تہ، حياتيءَ جَي دم ڪيو،
بيشڪ ملي ٿيان ھيڪ سڄڻ يار کي ضرور.
ويو ناخدا10 خيال خوديءَ ۽ خلل سندو،
’آسُو‘ پسانس پاڻ ۾ ديدار کي ضرور.
(1) تَرڪ (2) ڪمزور (3) خواھش (4) چاه (5) ٿڪجي (6) منگتي، فقير (7) سمجهہ (8) وِرلو، تمام گهٽ (9) ڦٽيل (10) ناکُووَ، ٻيڙي ھلائيندڙ، ملاح
غزل (72)
ڪيو حالُ ھِجرَ1 تُنھنجي آزار زار زار2،
پنھنجو ڌيانُ دل جا آڌارَ! ڌار ڌار.
لئُون سِڪ سِڌي سنباھَي3، سٽيَئِي جا سچَ سندِي،
سيني منجهان ٻِسَٽِ4 ويئي ڪاپار پار پار.
مَخفِي5 بہ راز منھنجو، روشن مڙئي مٿي،
ڪھڙي مُجان مٺل! ٻي اخبار بار بار؟
ٻاجهُون6 ڪِي7 ٻاجهہ تُنھنجِي، ٻي آؤڙي نہ بات،
بِاللھ8 ھِن ھِيئَين کي درڪار ڪار ڪار.
گُمنام، غرق، گهيلو، گردابَ9 ۾ گَتل10،
سو ڪرم ساڻ، قادر! ڪَلتار11! تار تار.
روڪي ڇڏِي رُلئِي جا رھزنَ12 رقيبَ13 راهَ،
آفت عظيم14 مون تان غمٽار15! ٽار ٽار.
’آسُو‘ مُدام16 مَنَ ۾، آھي اُداس سچ،
واڳُون وِصال جون ڪي ھڪوار وار وار.
(1) وڇوڙي (2) تمام گهڻو (3) تيار ڪري (4) آرپار (5) ڳجهو (6) سواءِ (7) ڪنھن (8) سچ پچ (9) ڪُنَ (درياه ۾ پاڻي جو چڪرو) (10) ڦاٿل (11) ايشور (12) واٽوھڙن کي ڦُريندڙ (13) پھريدار (14) ڳري (15) ڏک کي لاھيندڙ (16) ھميشہ
غزل (73)
اِنصاف رِي حاڪم اِئين، برسات بِن ھوئي ڪڪرُ،
تيئن رِي صبر درويش ڏِس، جنھن کُوهَ ۾ ھوئي نہ جرُ1.
ھوئي توَنگرُ2 رِي سخا، خوشبوءَ رِي جيئن ڪِي چمن،
سُندَر3، جوانُ ٻاجهُون4 علم، ديپڪ5 بنا جيئن ھوءِ گهر.
جي زال ڌاران شرم جي، جيئن طعام ھوئي بي نمڪ،
عالم ھجي ڌاران عمل، جيئن بي ڦَلو ھوئي شَجرُ6.
شاعر بِن محبت ھجي، سو جيئن رھي وِڌوا7 مثل،
عابد8 بنا پَرمارٿن9، جيئن سو پکي جنھن کي نہ پرُ.
ويساه رِي گُر شبد10 جو، پاڻي مٿي جيئن چِٽُ بيھي،
پَنڊت بنا سچ جِي ڪَٿا11، نابين ڄاڻج بي بصر12.
ساڌُو سڏائي سَنت ٿِئي، جَي پاڪ دامن نا رھي،
جيئن مَک گَپَي ماکيءَ اندر، تَنھنجو چٽڻ، ڏاڍو حَذَرُ13.
پرميشوَرَ14 جي عشق رِي، انسان دد15 ’آسُو‘ اٿئي،
نِئڙت نيازي رِي دَيا16، ھي مَنُش17 آھي ڄڻ پٿرُ.
(1) پاڻي (2) شاھوڪار (3) سھڻو (4) سواءِ (5) ڏيئي (6) وڻ (7) بيواه عورت (8) عبادت گذار (9) اعليٰ مقصد يعني پاڻ سڃاڻڻ (10) مرشد وٽان مليل نام يا اسم اعظم (11) ڪھاڻي، واعظ (12) انڌو (13) پرھيز ڪرڻ (14) مالڪ (15) ڦاڙيندڙ مرُون (16) رحم (17) انسان
