شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ٻ‘

غزل (10)

دنيا دَم دَم، ڪَجهو1 ڪَم ڪَم، اِھو ھَم2 ھَم، دٻاڙي3 دَٻ4،
بُڇو5 بَم6 بَم، غُصو غَم غَم، ٺَلهو ٺَم ٺَم، دٻاڙي دَٻ.

بُرِي بَڙ بَڙ، جَڏِي جهَڙِ جهَڙِ، لُچِي لَڙِ لَڙِ، وڃائي آب،
کرِي کڙِ کڙِ، ڪَڙِي ڪَڙِ ڪَڙِ، ڦِلهِي ڦَڙِ ڦَڙِ، دٻاڙي دٻ.

ڦِڪِي ڦَھ ڦَھ، ڪچِي ڪَھ ڪَھ، اِھا وَه وَه، نہ گهُرجي ٿي،
ٽُٽل ٽَھ ٽَھ، ڏنگِي رَه رَه، ادا! ٺھ پھ، دٻاڙي دٻ.

مُٺِي مِڻ مِڻ، تکِي تِڻ تِڻ، چَرِي چِڻ چِڻ، ڇڏي سڀ ڇڏ،
جهُڪي جهِڻ جهِڻ، ٽِمڻ ٽِڻ ٽِڻ، ٽُڪِي ٽِڻ مِڻ، دٻاڙي دٻ.

اندر اُرِ اُرِ، ھِيئَين ھُر کُر، جهورِي جهُر جهُر، سڄڻ جي رک،
چَٽي چُر ڦُر، ڪُجهي ڪُر ڪُر، سٽي سُر ٻُر، دٻاڙي دٻ.

لڳِي لئُون لئُون، جهُرِي جهَئُون جهَئُون، ٽرِي ٽَئُون ٽئُون، اندر مان سڀ،
اُٿي اَئُون اَئُون، ويئي وئُون وئُون، ڪُتي ڪئُون ڪئُون، دٻاڙي دٻ.

ڌڻي جَپ جَپ، چَپي چَپ چَپ، ڊڄِي ڊَپ ڊَپ، ادا ’آسُو‘!
ڪُڇڻ ڪَپ ڪَپ، ٽِلڻ ٽَپ ٽَپ، ھَسڻ ھَپ ھَپ، دٻاڙي دٻ.

 

(1) خراب   (2) پاڻ پڏائڻ   (3) زبردستي   (4) ختم ڪرڻ   (5) خراب   (6) ٻٽاڪ   

 

غزل (11)

دل سندو ڌاڳو اُجاري ڪين ڪو سان جهَيرِ جهَٻَ،
رنگ ۾ سالم نہ رچندو، ٿيَن تنھن کي ٿا دڙٻَ.1

ٻج ڇٽڻ اُن ڀُونءِ2 ۾، جا ھوءِ قابو سان ڪَلَرَ،
چيٺِ3 چڱيان جي ڪرين، ٿئي اَنُ نہ اُن مان ڪکُ، ڪڙٻَ4.

سو ڏسي ٿو ڪين جاچي، نَيترن5 جي نُور سان،
جنھن لڳِي اگيانَ6 جي آھي، اکينۡ اُونهِي ھُڙٻَ7.

جيئن ھُمائي اوج حاصل ڪين ٿو تنھن کي ٿئي،
جو وِھي بي مت مُدامي8، پاڻ پاڇي ھيٺ چِٻَ.

ھوش رک استادَ! جو شاگرد پنج ڀيرا پُڇي،
ڪيئن اثر تنھن کي ٿئي؟ جَي تاءَ تِک مان ڏين ڇِڙٻَ.

جنھن ولايت کي ڏسِي واسِي وکر آندو کڻي،
ڪيئن ڪُڇي تَنھنجي اڳيان ڪو ٻُڌين ڳالهين وارو ٻِٻَ؟

ھُوڙهُ9 حِرصن10 ۾ سدا، مَتِ مُوڙهُ11 آھي منُ مواسُ12،
ھڻ سچي ويچار جي، تنھن کي چِتائي دُرسُ13 دِٻَ.

ٻَڌ ستيا14 جو سندرو، پُرجهِي پرينءَ جي پار پُرُ،
ڇا ڪندو ھيءُ ڪوه، پٻ، ڪانبو ۽ ڪارو، ڇٻر، ڇِٻَ15؟

لاڏَ لوڪِي16، لاڳُ17 دنيا، لاهِ لالنَ لڙهَ لڳي،
تا مڙئي مطلب پَوَئي ماڪرُ18، دُوئيءَ جي ڀڃ ڊِٻَ.

بحرَ بي پايانَ19 ’آسُو‘ عشق جي جو انت ناه،
ماٺ موچاري ڀلي، مَرُ20 پيا ھڻن ٻيا مفت ٽِٻَ21.

 

(1) جَهيرِ= ڪپڙي يا اجرڪ کي رڱڻ (رنگ چاڙھڻ) لاءِ پاڻي ۾ اَلِيجر وجهي کيس باه تي ٽھڪائي، منجهس ڪپڙي کي لوڏي لوڏي ٻوڙبو (مَنِبو) آھي. جيئن جيئن منبو وڃبو، تيئن تيئن ڪپڙي تي رنگ چڙھندو ويندو. ان لوڏي ٻوڙڻ کي ’جَهيرِ ڏيڻ‘ چئبو آھي. جَهٻَ=اجرڪ ڇُرڻ جو گهاٽو رنگ، اھو چِٽدار ٺپو بہ آھي. ٺپي کي رنگ ۾ ٻوڙي ڪپڙي تي ٺپڻ سان رنگدار چِٽَ (ڊزائين) ٺھندا ايندا.   سالم=مڪمل، پُورو.  دڙٻ=جهير ڏيڻ مھل يا جهٻُ ٺپڻ مھل جي لاپرواھي ٿي تہ ڪپڙو صحيح نموني ڪونہ رڱبو ۽ ان تي داڳ داڳ ٿي پوندا، تنھن کي دڙٻ چئبو آھي. 
ڌاڳي يا ڪپڙي کي مڪمل نموني رڱڻ لاءِ جهَٻ ۽ جهيرِ جي عمل مان گذارڻو پوندو، جي نہ، تہ منجهس دڙٻ ٺھي پوندا. پوءِ ڪٿان گهٽ رنگ تہ ڪٿان وڌيڪ ھوندو. مطلب: منَ کي اُجارڻ لاءِ کيس ھر قسم جي عمل مان گذاري، سختيون سَھائڻيون پونديون. تڏھن وڃي منجهس پرماتما جي نام جو رنگ چڙھندو. جي نہَ، تہ خرابين ۾ مستان ٿيو پيو ڦرندو. 
(2) زمين   (3) سنڀال   (4) سُڪل ڪانو   (5) اکين   (6) بي علمي، جھالت  (7) تڪليف   (8) ھميشہ   (9) بيوقوف   (10) لالچ     (11) منجهيل    (12) بي لغام   (13) درست   (14) سچائي  (15) اڳيان ڇھہ نالا جبلن جا   (16) دنيا جا انگل آڙا، نخرا   (17) واسطو   (18) قبول   (19) اھو سمنڊ جنھن جو ڇيھہ نہ ھجي   (20) ڀلي   (21) ٻٽاڪ