رديف ’ل‘
غزل (119)
پروردگار مالڪ، خالق سدا جَمِيلُ1،
سو بي وزير، سُلطانُ، ڪلتارُ2، بي وَڪِيلُ.
مُورَت3 کان آه مَخفِي4، جنم ۽ مرڻ کان رَھتِ5،
چيتن6 سو بِرَھۡم7، قائم، واحد، اَجَرُ8، جَلِيلُ9.
اک ڇنڀ ۾ بَنائي، کِڻ10 ۾ ڪري سو ناس11،
سگهندو چئِي نہ ڪوئي، تنھن ساڻ ’قال قِيلُ‘12.
سو لاشريڪ لاشڪ13 لاغرضُ14 بادشاه،
طاقت نہ آه ڪنھن کي، قدرت ۾ ٿئي دَخِيلُ15.
ڇا ويد ۽ قرآن ۽ توريت ۽ زبور!
اِنجيل ۾ بہ اھڙو ڏِس دوست جو دليلُ.
سڀ ۾ سَمان16 رَميو17، ٿي ايڪ مان انيڪ،
ڏس سو انيڪ ۾ ھڪ خاصو خدا خَلِيلُ18.
پوري نہ وَصف ڪا ڪن سارَه لکين ڄِڀُون،
بي اَنۡت جي ھيءَ لِيلا19 سچ طُول20 ۽ طوِيلُ.
ھيءَ جا ڳُجهي ڳجهارت، کولي سگهي نہ ڪوءِ،
جيڪو بہ ھُئي اَڪابِرُ، عالم توڻي عَقِيلُ.
وحدت21 ڇڏي جنهين مُنھن منجهہ شِرڪَ، شِرَ وڌو،
بدبخت جو سدائين دوزخ ۾ آه ڏِيلُ22.
سِڪ ساڻ رَهُ مَنگهن ۾ ستگُر سندَي وچنَ23،
ڪارِجَ ٿيَئي سِڌِ، رک سنتوش24، صبر، سِيلُ25.
گيھہ جو ناه صرفو منجهہ وات جي پُلاءَ،
سڀ ڪو ھڻي ٿو دم، تان عاشق آھيان اَصِيلُ.
ڪو شعر کي بَنائي شاعر ڪوِي26 ڪوَتِ27،
پر آه ’آسُو‘ عاشق ڪو ڪو ڪٿي قلِيلُ28.
(1) سُھڻو (2) پالڻهار (3) شڪل، شبيھہ (4) ڳُجهو (5) ڇٽل (6) جيئرو، محسوس ڪندڙ (7) مالڪ (8) غيرفاني (9) شان وارو (10) پَل (11) ختم (12) ڳالهہ ٻولهہ (13) بيشڪ (14) بي پرواه (15) دخل ڪندڙ (16) برابر (17) سمايو (18) سچو دوست (19) ڳجهہ، راند (20) ڊگهي (21) ھيڪڙائي (22) بدن، من (23) ٻول (24) صبر (25) سٺي رھڻي (26) شاعر (27) شاعري (28) تمام گهٽ
غزل (120)
چڱي چاهَ سان، چُست چِتَ1 ساڻ چَلُ،
ھِينئُون ھَير ڏھَن ھوتَ، حُب ساڻ ھَلُ.
دُنيا جي لڳين پُٺِ، سا نيبَھُ2 نہ آه،
ڪرين پوءِ ڇاڪاڻ ٿو ڇَندُ3، ڇَلُ4؟
نَڄاڻا حياتيءَ جا دِنَ ڪيترا،
ڪڍي دل منجهان ڇڏ، وَڪرُ5، وَيرُ، وَلُ6.
ڄڻا چار کڻندءِ، ٻَڌي ٻن لَڙھِن،
آھي تو سندو ايترو زور ٻَلُ.
مُکان7 جو ڪڍين ٻولُ8، سو ٻول سُڀُ9،
زبان ھيءَ زيانڪار، عُضوو اَجهَلُ.
ٻري ٿو ڀنڀٽ باه جو چِڻگَ مان،
گندو جَلُ10 ڪري ڪِينَ گندِي11 اُوَجلُ12.
سنڀالڻ انھيءَ کي سياڻن جو ڪم،
ٿئي نہ تہ منجهانئُس نِسورو13 خلَلُ14.
نڪي چئج ڪُوڙِي ڪَچِي مُنھن منجهان،
سچيءَ ڳالهہ کان پڻ ڪڏھن ڪِينَ اَلُ15.
بِنا يادگيريءَ سِري رام جِي،
ڪَداچِت16 اَڪيارٿ17 وڃائج نہ پَلُ.
چڱائي، سچائي اڳيان ڪم اچي،
اُڪاري نٿو پِپِرَ، تُلسيءَ جو ڏَلُ18.
’آسُو‘ پوک پوکين، اُھا ئي لُڻين،
چڱو نيٺ آھي چڱائي جو ڦلُ.
(1) سمجَهہ (2) ھميشہ رھندڙ، وفادار (3) ڍونگ (4) فريب، ٺڳي (5) ڦيرو (6) مڪر (7) منھن مان (8) ڳالهائڻ (9) سٺو (10) پاڻي (11) چادر (12) صاف (13) سراسر (14) جهيڙو (15) ڪوڙ ڳالهاءِ (16) ڪڏھن (17) اجايو (18) پَن
غزل (121)
مُحبُ مُشفِقُ1 مون، اَجُونِي2 آه سچ مُورَت3، اَڪالُ4،
بي چَگُونُ5، بي چُونُ6 بِلاشڪ، لَم يَلِدِ7 سو بي مثالُ.
سمنڊُ سارو مَسُ وٺِي، وَڻِراهَ8 سڀ ڪِلڪُون9 ڪريان،
سارِي سَينا10 جَي لِکي: ھِڪ گُڻ لِکي سگهي نہ ڀالُ11.
آه جَل12 ٿَل13 ۾ رَميو14، اِسٿِت15 ھميشہ حَيُ قيوم16،
جوتوَرُ17 جَڳدِيسُ18، جانبُ جوپُ19 سارَي جڳت پالُ.
ڌرم مذھب ناه اُن وٽ، جو وَھَي سو ئي لَھَي،
سڀ پَرينۡ20 صاحب سڀن جو، آه قدرت ۾ ڪمالُ.
دَمبَدم21 آھي دَيالُو22، پاڻ پس بندا ڀُليلَ!
ڇا منجهان توکي بنائي، ڇا ڏنئين صورت جَمالُ23!
مال، ميوا مھر مان ڏيئي مَئُو24 رَکيا25 رکي،
حيف ھوئي حال تُنھنجي! تہ بہ وَتين ڪاذبُ26، ڪُلالُ27.
يادگيري ڪر يقينئُون، شرط ٻن لفظن جو سمجهُہ،
وٺ اول ’صِدقُ اۡلمَقال‘28 وَ کاءُ ٻيو ’رِزقُ اۡلحَلالُ‘.
مغفرت29 ۽ مھر جو درياه بي پايان30 سڄڻُ،
جي ڪرين تَھدِل تنوارُون31، تان رچي ٿِين رنگ لعلُ.
آسَوَرُ32 درگاه دلبر تي رھي ’آسُو‘ عرِيضُ،
ميٽ مَديُون33، ڪر مِٺا مون ساڻ اڄ پنھنجو وصالُ34.
(1) مھربان (2) بغير جُوڻ جي، اڻ ڄاول (3) صورت (4) موت کان آجو (5) انساني صفات کان مٿاھون (6) لاثاني (7) بغير اولاد (8) وڻن جا وڻ (9) قَلمَ (10) لشڪر (11) احسان (12) پاڻي (13) خشڪي (14) سمايو (15) قائم (16) ھميشہ زندہ ۽ دائم قائم (17) نُوراني (18) ايشور (19) سگهارو (20) طرف کان (21) ھر گهڙي (22) رحم وارو (23) حُسن (24) جهجها (25) حفاظت (26) ڪوڙو (27) احسان فراموش (28) سچ ڳالهائڻ (29) بخشش (30) اَڻ کُٽ (31) سچي دل، گھرائي سان ذڪر، پُڪارَ (32) اُميد سان (33) خرابيون (34) ميلاپ
غزل (122)
جي ڏِسين اصل جاچ ساڻ اُصولُ،
ھُوند ايڏو ٿين نڪي اِسٿولُ1.
اَنگ ۽ پيٽ لئِہ وڃائين ٿو،
عمر سارِي ڏيئي اَمُر2 کي عُدولُ3.
ڇا ھِتي تو اِٽِي ڏَڪر آھي؟
ڇا ھِتي تو نہ آه چمٽو ڊُول؟
جو ڏِسين اکين ساڻ، تہ بہ نہ سِکين،
ايشور کان سوا نہ نيبَھُ4 پُولُ5.
مال ميڙي مِٺو ڪري سانڍين،
ڪم نہ اھڙو ڪري ڪڏھن ڪو لُولُ6.
جي انھيءَ مان ڪڙو ڪري ڪڍندين،
سو ڌڻي در ٿئي سندوءِ قبُولُ.
نيڪ ڪم ھن مَنِک7 مٿي واجب،
پر ڀڄنَ جو ڪرڻ مِڙَن تي مُولُ8.
دمبدم9 ۾ ڌِياءِ10 نامِ ڌڻي،
ٿيءُ نہ منجهہ قدرتن اَپارَ11 دخُولُ12.
پاڻُ ڄاتَئِي تہ ڄڻ سَجن ڄاتَئِي،
دم سُڃاڻج صفا عُروج13، نُزُولُ14.
آهَ ’آسُو‘ اڃا اَگهِي نہ سندياءِ،
پِيو پُڪارج، متان ٿِئَين ڪِ مَلُولُ15!
(1) ٻولو ڀالو (2) حڪم (3) ڌڪار (4) باقي رھندڙ (5) پئسا (6) چريو (7) انسان (8) اصل مقصد، اعليٰ (9) ھردم (10) ياد ڪر (11) گهڻو (12) گهڙڻ (13) چاڙھڻ (14) لاھڻ (15) رنج
غزل (123)1
ڍءُ دنيا جو جهَلڻ وڏو مُشڪل،
واٽ وَنگِيءَ2 وَلَڻ3 وڏو مُشڪل.
ٿِئي ھدايت ڪرڻ ٻيَن سوَلي،
پاڻ پنھنجو پَلڻ وڏو مُشڪل.
پَرَڻُ ڏُونگهَي کي ٿو چوي: ٽِہ ٽُنگو،
ٽُنگَ پنھنجا ٽَلڻ وڏو مُشڪل.4
حال مُحرم5 بِنا نہ ڪنھن ٻئي سان،
سوزُ دل جو سَلڻ6 وڏو مُشڪل.
نفسَ، شيطانَ رد ڪري رايو،
راهِ سَچَ تي ھَلڻ وڏو مُشڪل.
ڪاڻ مطلب ڀلي ٻين ايذاءِ،
پانۡھجِي کَل کَلڻ وڏو مُشڪل.
عشق جي آڳ ۾ ڪُڏِي ڪاھَي،
جيءُ، جيرو جَلڻ وڏو مُشڪل.
شُڌ7 ٿيَڻ ھِن پرالبد8 مَنَ جو،
بيدَ9 جو ڦَلُ ڦَلڻ وڏو مُشڪل.
ترڪَ جو ترڪُ ڇڏ کڻي اِھو،
رَندُ10 رِندَن11 چَلڻ وڏو مُشڪل.
غيرَ، غلطانَ کان ڪري پاسو،
سَنگَ سَتَ12 سان رَلڻ وڏو مُشڪل.
آه پُٺيان ڪماليت کي زوال،
ڳارَ اِن ۾ ڳَلڻ وڏو مُشڪل.
ھن ڪَلَوڪالَ13 ۾ ادا ’آسُو‘!
معرفت من مَلڻ وڏو مُشڪل.
(1) ھي غزل اڳين ڇاپي مان ورتل آھي (2) ور، وڪڙ واري (3) زمين تيار ڪرڻ (4) پھاڪو: پَرڻ چوي ڏونگهي کي؛ ھل ڙي ٽي-ٽُونگا. پرڻ کي سوين ٽُنگ (سوراخ) ھوندا آھن ۽ ڏُونگهي کي رڳو ٽي ٽُنگ. يعني ٻين جي چند عيبن تي ٺٺول ڪرڻ سولي آھي پر پنھنجا مڙئي عيب جانچڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. (5) ڀائي، ھمراز (6) ونڊڻ، ٻڌائڻ (7) پاڪ، نج (8) بڇڙي (9) جبل ۾ ٿيندڙ وڻ جو قسم. ھن ۾ ميوو ڪو نہ ٿيندو آھي (10) رستي، واٽ (11) فقيرن (12) سچي صحبت (13) ڪلجڳ جو پھرو
