شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ف‘

غزل (99)

حقُ ڌڻيءَ، ماتا پِتا جو پار، نا ٿيءُ ناخَلَفُ1،
سَتگرُوءَ، استادَ جو پڻ ڪر ادا، ٿيءُ نا جَلَفُ2.

سمجهَہ ۽ ساڃاه مليَئي، خَلق جي پَرِوَرش3 لاءِ،
تنھنڪري ٿيو ڏِسُ تہ، مَلَڪن4 کان مٿي تُنھنجو شَرَفُ.

رُوح تُنھنجو آدِ5 بِرما6، شِوَ7 وِشَنَ8، آدم ڪَنان،
ھِت اچي ھيءَ آرجا9 تاراج10 ڪيَڙئِي ۽ تَلَفُ11.

رَءِ12 مِلَئِي اختيار جي، توکي سڀائي آڳ واڳ13،
پوءِ ڄاڻِي بي حياء ٿي، ڇو کڻين سِر تي حَرَفُ14؟

کاڄُ مانِکَ15 لاءِ پئدا آه امبرت16 کئُون اَلست17،
ڍور وانگي ڪِيمَ چَرُ، جَيڏَھن تَيڏَھن عامِي18 عَلَفُ19.

ڍيڍڪِي رَنبِي20 نہ ٿيءُ، جا ٿي وَھي پاسن ٻنهي،
طلبَ طالب! تُرت نِيتارَي21 جي رک، ٿي يَڪ طَرَفُ.

ڌوءُ مَنُ منجهہ ڌارَ22 وحدت جِي، وَسئُون ڌوٻين جيان،
ڪِذبَ23 جو ھن قلب کي ڪُھ24 ٿو ڏين ڪوڙو ڪَلَفُ25؟

کِير شينھڻ جو پوي منجهہ ٺِڪرَ، باسڻُ ٿو ٽٽي،
لاءِ اِنَ پنھنجو سنڀارج، زور ڀريو زر ظَرَفُ26.

’بَي‘ بَسَم27، ’ٻَي‘28 ٻار، ’ڀَي‘29 کي پَڙَ ڀڃي، ’تَي‘30 کي تَڙِيج،
اَوڙِ31 سِکُ سا ئي اِتي ’آسُو‘، ادا! اَلفِيءَ32 ’اَلَفُ‘.
 

(1) نافرمان، ڪُپُٽ  (2) رُکو، سخت مزاج، ناپاڪ   (3) پالنا، وڌڻ   (4) ملائڪن   (5) اول، اصل   (6) ديوتا: خلقيندڙ   (7) ديوتا: پاليندڙ   (8) ديوتا: ختم ڪندڙ   (9) عمر   (10) برباد   (11) برباد   (12) بيشڪ   (13) اختيار   (14) ميار   (15) انسان   (16) اَمرَت، آب حيات   (17) ازل، روح جي خلقڻ وقت   (18) عام جام   (19) گاه   (20) ھارپي جو لوھي اوزار  (21) نجات، ڇوٽڪاري  (22) وھڪري   (23) ڪوڙ   (24) ڇو   (25) ڪپڙي کي آڪڙائڻ جو وکر   (26) ٿانءُ  (27) سواءِ ڌڻيءَ جي  (28) ٻيائي   (29) ڀرم، وسوسا   (30) تڪبر   (31) اوٽ، پائڻ  (32) يڪو چولو 

 

غزل (100)

حُڪم خاوند کان ھلين ٿو خلاف!
پوءِ مالڪ ڪِٿان ڪندو تو معاف!

جَمُ1 جَبِرو2 جڏھن مٿي ايندو،
سڀ ڇڏي ويندِي ڊاڙ، لاف3، گَزاف4.

ڪيئن سرِي رام روم روم5 رَميو6،
ڏِس اندر ۾ ڪري اِھو اِنصاف.

اِن سِواء ڪو ڪلياڻ ڪو نہ ٿئي،
نا تہ، ڀَٽڪِي ڏسڻ ٿيو ڪوهُ ڪاف7.

جيئن اچي ڀانَ8 کي بَدَل9 آڏو،
جيئن ڌُڌڙ10 ۾ لُڙيل11 رھي خود باف12.

پيٽ ۾ ئي ٿئي ٿو جيئن پئدا،
مِرگهَہ13 معلوم ناه مُشڪِي14 ناف15.

يا جوھردار سيف16 ھوءِ سُٺي،
پر چڙھيل ھوءِ جيئن مٿانس غِلاف17.

يا تہ ڪاراڻ جيئن لڳي ڪا ئي،
گُم ڪري سڀ ڇڏي منجهانس شفاف18.

تيئن قَلب تي بُٺا19 لڳئي ڪَسُ20 جا،
ڪيئن ٿيندين وِوَيڪ21 جو صَراف22؟

چوطرف چَمتڪار23 چَيتن24 جو،
ڪِٿ ڏين ٿو وڃي تون طور طواف25.

ھيءَ سمجهَہ ڪو لَکي26 لَکَن ۾ ھِڪُ،
آه ’آسُو‘ جنهين صفا دل صاف.
 

(1) موت جو فرشتو   (2) طاقتور   (3) لٻاڙ   (4) ڦڙٻاٽ   (5) رڳ رڳ   (6) سمايو   (7) جبل   (8) سج   (9) بادل، ڪڪر   (10) مِٽي   (11) خراب ٿيل   (12) ڪپڙو (13) ھَرڻ کي   (14) مُشڪ (خوشبو) ڀريو   (15) دُن   (16) تلوار   (17) پوش يا مياڻ   (18) صفائي، جنھن مان آر پار ڏسجي (شيشو يا موتي)  (19) ڍير  (20) خرابي  (21) سَت اَست، حق باطل (فرق)   (22) ڄاڻندڙ   (23) معجزو، جلوو   (24) پرماتما   (25) پرڪريا، ڦيرو   (26) سمجهي