شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ڻ‘

غزل (135)

ساعَت1 سندَي سُھاڳ2 ۾ ڀائين ڀلو ٿو پاڻُ!
ھيءُ کيل دم جو آھي، نيبَھُ3 نہ آه، ڄاڻُ!

اِن چاشنيءَ ۾ چَھُٽِي4، چيتنُ5 نہ چِيتُئِي6،
مغرور ٿيءُ نہ موڳا! ماري اِھو مِٺاڻُ.

آدم تہ آه ھڪ دمُ، پر وِسُ7 سڄِي بہ دمُ،
تنھن دم ۾ دم ھلي ٿو، سو پاڻ تون سُڃاڻُ.

سُندر ڪرين ٿو ڪايا8 سُرمي ۽ تيل ساڻ،
آتَم جي لَکۡشَ9 ڌاران، آھي ڀُتو10 جيئن ڀاڻُ.

منجهہ ڄارَ ڦند ڦستَي11، ويٺين ڦسائي جِند،
آندءِ ڇا؟ سمجهہ سوئي، نِيندين ڪُڄاڙو12 ساڻُ؟

جيئن اُدبُدا13 مٿي جَلَ14، تيئن، تيترو جٽاءُ15،
پوءِ ٽِنڊ ٽانءِ16 ڇا تي ٽيڊا17! ڪرين ٿو ٽاڻُ18.

ھِت وٽَ وَکرَ وِرُوڌِي وڻجِي ڀرين وَکارَ،19
ھُت سچ سندو سنڀاري وٺنداءِ وير ماڻُ20.

جنھن دل مندر ۾، ماڳهِين آھي نہ پئي پچار،
مُڙدن جو ھنڌ ڀانئج، يا ڄاڻ سو مَساڻُ.

ويچار ڪر، تہ ڪيئن اُت ٿئي ناٿ21 جو نِواسُ22؟
ھِردَي23 ۾ ھاءِ! جنھنجي وِشِيُن24 ڪيو وَٿاڻُ.

جن رام نام ڪيوَل25 اُچريو ٿِي نِسڦِرَڻ26،
آنند جو انهن لَئِہ، ’آسُو‘ اچي وِماڻُ27.
 

(1) گهڙي، پل  (2) خوش قسمتي  (3) ھميشہ رھندڙ  (4) چنبڙي  (5) ايشور  (6) ياد ڪيئي   (7) دنيا، ڪائنات   (8) جسم   (9) روح جي منزل (پاڻ سڃاڻڻ)   (10) ڳريل، سڙيل   (11) فساد، جهيڙو   (12) ڇا  (13) ڦوٽا، بُلبلا  (14) پاڻي  (15) پائداري  (16) ڦوڪ، آڪڙ  (17) ڏِنگا   (18) وڏائي  (19)وٽ=تورا، وکر=شيون، وِرُوڌي=دشمني واريون، وڻجڻ=وٺڻ، وَکار=ڀانڊا. يعني ھن دنيا ۾ بد عملن سان ڀانڊا ڀريندو وتين  (20) حساب  (21) پرميشور    (22) واسو   (23) دل   (24) حواسَ: ٻڌڻ، ڇُھڻ، ڏسڻ، چکڻ ۽ سُنگهڻ   (25) فقط، خاص   (26) بي جان، نفي ۾، ڪجهہ بہ نہ ھجڻ واري حالت   (27) اُڏامندڙ کٽ، جھاز   

 

غزل (136)

آئون اوڳِي1، اَٻوجهِہ ۽ اڻڄاڻِ،
مھر محبوب! مون اُتي2 ڪر ھاڻِ.

آءُ ساجنَ! ٿِئينم اُت اوڏو3،
جِت سڄِي اُسَ اڳيان ٿي سخت اٽاڻِ4.

ھِن وڇوڙي جِي لُوهَ5 ساڙِي جِندِ،
وِصل6 واري ڪرِيج ھِير وَراڻِ7.

ٿيان چڱِي، آڻَ8 ۾، آھيان تُنھنجِي،
ٻاجهہ ڀريا! ٻُڪِي9 ڪا ٻاجهہ جي آڻِ.

سَئُہ دفعا مَنَ! اٿم تو سمجهايو،
پوءِ ڀورا ڀَنڀولِين10 ڇاڪاڻ؟

وٺ ڪَنجَڪَ11 ڪريم جي ڪاھِلَ! 
ڇو ڪڍين ٿو وڃي ٻيَن جي ڪاڻِ؟

سو سڀن جو سچو آھي سردار،
لَڪَ12 لنگهيندا سڀئي سندس لاڏاڻِ13.

سڀ اندر مان گُمان غيرت14 ڪڍ،
پوءِ رانولَ15 سندِي ڪريج رھاڻِ.

ڏُک ڏِسي ڪِيمَ ٿيءُ اَرھو16 ’آسُو‘،
تندِ طلب جي پيو سدائين تاڻِ.
 

(1) موڳي  (2) مٿي  (3) ويجهو   (4) ڏاڍي   (5) ڪوسِي ھوا   (6) ميلاپ   (7) وسندي   (8) حڪم   (9) دوا، ڦَڪي   (10) گمراه ٿين  (11) گهوڙي جي لغام جو پَٽو   (12) جبل جا ڏکيا رستا   (13) روانگي، لَڏ   (14) شڪ   (15) پرينءَ   (16) غمگين   

 

غزل (137)

کپي تَندِ1 چورڻ ٿِي چارڻ2 تنوارڻ3،
ٻَڌو راءَ سان ٻولُ4 پارڻ پُڪارڻ.

نِڙيءَ نُنھُن ڏي اِستري5 وَرُ وِڻوسَي6،
ڏکيو گڏ انھيءَ ساڻ گهارڻ گذارڻ.

کڻڻ پاتڻِي7 پاڻ سان سو ئي گهُرجي،
جو ڄاڻي اگنبَوٽ8 تارڻ اُڪارڻ9.

گذر ٿي ويو، رهُ رَھَتِ ساڻ باقي،
نہ گهُرجي ويَل وقت سارڻ اوسارڻ10.

ڏنئي جو سبق، سار اُستاد ڪاملَ،
نہ گهرجي ڪڏھن مُور ٽارڻ وسارڻ.

ھُجي سِيتلائي11 سدائين سُکيائي،
نِسورو اَلم12 آه ٻارڻ ۽ اُٻارڻ.

مَوافق13 سَوَڙ، پَير سوڙھو ڊگهو ڪر،
نہ واڌُو وِکُون ڪي پَسارڻ ڊگهارڻ.

آھي عاقلن ڪم، قدم جو کڻن ٿا،
انھيءَ جو اڳو پوءِ ڪارڻ سنڀارڻ.

اڳيان کوه اوڏھين، انڌو ھوءِ ويندڙ،
کپي راه ان تان سو وارڻ سنوارڻ.

ملڻ لاءِ محبوب جي يار ’آسُو‘!
اول منُ ٻيو شبد14 مارڻ اُچارڻ.
 

(1) تار (سِڪ، ياد جي) (2) منگتو  (3) آلاپڻ، ياد ڪرڻ  (4) واعدو  (5) زال  (6) مڙس سان بڪوات، خراب ورتاءُ ڪري   (7) پار لنگهائڻ وارو  (8) پاڻي تي ھلندڙ جھاز   (9) ڪڍڻ   (10) ياد ڪري روئڻ   (11) ٿڌائي   (12) ڏک   (13) مطابق   (14) مرشد طرفان مليل ذڪر   

 

غزل (138)

آ ڏندّ، جي ناھين تان آھي مَکڻ،
ھيءُ پھاڪو جاچ سان گهُرجي لَکڻ1.

ست رِڇِيءَ جو ھڪ رِڇِيءَ ۾ ڪم پوي،
ڪِينَ گهُرجي ڪم لٿو وِسريو ڊَکڻ2.

بارُ اڌ مَڻَ جَي کڻڻ جِي ناه سَگهہ،
پوءِ بوجو مَڻ سندو مُورَک3! مَ کڻ.

نيڪ صحبت مان ٿئي نيڪي نصيب،
بَدِ منجهان آخر بَدِيءَ جو ٿِئي بَکڻ4.

نفس پنھنجو تو ڪيو جَي پائِمال5،
ناه ڪُپَتِيَي6 تي چڱو ويسھ رَکڻ.

جَي لڳو، ڪانئر سندو ڌڪ ٿو ڀڃي،
جي اچي ڪڏھن، تہ ٻوڙي مِينھن ڏَکڻ.

آذقو7 انبار ڀريو ڇا ٿيو!
ھن گُذر ۾ اک پَٽَي تون پَس پَکڻ.

جاءِ ديھيءَ جي تہ اوڙَڪَ8 خاڪ منجهہ،
تيل خوشبوءِ دار جو جَي ھيءُ مَکڻ.

ٿو چوي سڀ ڪو، تہ ڌئُونرو مون مِٺو،
جي وَٺين ’آسُو‘، اول گهُرجي چَکڻ.
 

(1) سمجهڻ   (2) واڍو   (3) بيوقوف   (4) ظاھر ٿيڻ   (5) ناس، چَٽ   (6) ڪوڙي   (7) ثمر   (8) پڇاڙي   

 

غزل (139)1

مرد جو ڪم ناه محبت کي مَٽڻ،
لئُون لڳائي، پوءِ پُٺ تي ڪيئن ھَٽڻ؟!

پاڻَ واڌو وِکَ وڌائڻ وسَ پُڄِي،
حُب ھِيئين مان ڪِينَ گهُرجي ڪِي گَهٽڻ.

عشق جي اسرار درياه ۾ گهِڙي،
واسطا سڀئي وساري سِر سَٽڻ.

مرد جو ڪم ناه بڇڙِي بد ڏيڻ،
پاڻ ان ۾ ٻج چڱائي جو ڇَٽڻ.

مرد جو ڪم ناه دُک سُک، رنج خوش،
پر صبر ۽ شڪر سان ڏينھڙا ڪَٽڻ.

مرد جو ڪم ناه ڀاڪر بُخل2 کي،
بلڪِ دروازو سخا وارو پَٽڻ.

مرد جو ڪم ناه ڦورِي3 ڦولهہ4 جو،
ڍڪ ڍڪڻ ۽ ڪين پردي کي پَٽڻ.

مرد جو ڪم ناه ڪنھن کي ڏک ڏي،
ڪن بہ انسانن سندِي دل کي ڦَٽڻ.

مرد جو ڪم ناه ٻوڙڻ لت ڏيئي،
پاڻَ ڪِريل کي اُڇَت5 جهٽ پٽ جهَٽڻ.

مرد جو ڪم ناه ھارائي ھلڻ،
ھن دنيا مان خير سان ثمرو کٽڻ.

مرد جو ڪم ناه آرامي سُمهڻ،
ڳَڻَ6 ڌڻيءَ جي لائقن جا ڪيئن لَٽڻ7؟

مرد جو ڪم ناه مَٿُ ميٺاج تي،
چاشنيءَ ۾ چڪ ھڻي چَھُٽي8 چَٽڻ.

مرد جو ڪم ھار ۽ سينگار ناه،
ڏِيل9 جو مُنھن ڏُکَ ڏني سان ٿيو ڏَٽڻ.

مرد ’آسُو‘ آه طالب ھڪ خدا،
امُل ماڻڪ10 پھڻ11 تي ڇا لئِہ مَٽڻ؟
 

(1) ھي غزل اڳين ڇاپي مان ورتل آھي  (2) ڪنجوسائي   (3) ويڙھِي (عيب)   (4) کولڻ   (5) يڪدم   (6) ٻول يا ويچار    (7) اجايا وڃائڻ    (8) چنبڙي   (9) من   (10) بي بھا موتي   (11) پٿر