شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’خ‘

غزل (53)

اي منَ پيارا مھربانۡ! سَتِسَنگ1 کان ڦيرج نہ رُخ،
توکي چڱيان ٿو نِت چوان، ستسنگ کان ڦيرج نہ رُخ.

ساڌن سندِيءَ صحبت منجهانۡ، آھي نفعو ھَردو2 جھانۡ،
ڇڏ تون مِٺا ٻي ڪامنانۡ3، ستسنگ کان  ڦيرج نہ رُخ.

پرتاب4 پارس5 جي پئَي، لوھو لڳِي ڪنچن6 ٿئَي،
تنھن کان اُتم ھي سنگ ڏسان، ستسنگ کان ڦيرج نہ رُخ.

ڀرڳِيءَ7 کڻي آندو ڪِيئُون، آرو رکي لائي ھِيئُون،
جوڙي ڪيائين پاڻ جيان، ستسنگ کان ڦيرج نہ رُخ.

سڻڀي گهڙِي پاڻي رَھَي، اھڙو مُنجهيل مُورک8 وَھَي،
سُڌري پوي سو سنگ مان، ستسنگ کان ڦيرج نہ رُخ.

’صاحبِ ڪَھِف‘9 وارن پٺيان، ماڻهو ٿيو ڪو ڪَرَ10 منجهان،
ھي ڦل مليو فقرا ڪنان، ستسنگ کان ڦيرج نہ رُخ.

اَنَ مان ڦري جيئن اَنُ ٿيو، ڪانُو ۽ پنُ نڪري ويو،
ويئي وچان ’آئون اسان‘، ستسنگ کان ڦيرج نہ رُخ.

ڀائين تہ جڳ ۾ جُڳتِ11 ٿئي، پرلوڪ ۾ ڪا مُڳت12 ٿئي،
’آسو‘ سچن جي لڳ پٺيان، ستسنگ کان ڦيرج نہ رُخ.

 

(1) سنتن، فقيرن يا نيڪن جي صحبت، محفل   (2) ٻنهي   (3) خواھش   (4) ويجهو، طاقت   (5) لوه کي سون ڪندڙ پٿر  (6) سون    (7) گهيرتڙي: ھڪ جيتُ، جيڪا جهنگ مان ڪيئون کڻي پنھنجي آري ۾ رکي مٿان ڀُون ڀُون ڪري کيس پاڻ جھڙو بڻائي ڇڏيندي آھي.  (8) بيوقوف   (9) اصحابَ/عابدَ جن غارِ ڪَھِف ۾ عبادت ڪئي. ساڻن گڏ ڪتو بہ ھو جنھن کي اعليٰ مقام حاصل ٿيو.   (10) ڪُتي   (11) سٺائي   (12) ڇوٽڪارو   

 

غزل (54)

دَور دنيا سندو ھيءُ پُرجهڻ1 چَرخُ2،
آه اوکو، مُحال سمجهڻ چَرخُ.

جلَ3 منجهان ٻاڦَ، ٻاڦَ مان بادل،
ٿئي وري برف، آب گڏجڻ چَرخُ.

بحر مان اُدِبُدا4، لھر، ويرُون،
تن جو تنھن ۾ وري سماجڻ چَرخُ.

رات ڏينھن موسمون ڦِري ڪن ڦل،
واءَ موجب سدائين مٽجڻ چَرخُ.

چنڊ، سج جَي وڏا ٿيا نکٽن5،
ڏس تہ اُن جو ٿيو گرھجڻ چَرخُ.

ست پيڙھيو کُٽل نہ شاھوڪار،
اِئين ھلي پيو، ٿئي نہ گهٽجڻ چَرخُ.

پاڻ ڏي ڏوه ڪو ڪري ٿو ڪو نہ،
ٿيو زماني تي بار مڙھجڻ چَرخُ.

چرخ ۾ جو ٻيو چُريو چرخو،
دل مُدَوَرُ6 بحال بنجڻ چَرخُ.

اوٽ وٺ آسرو الک ’آسو‘،
ٻيو ڇڏي سڀ ڇڏاءِ ڪِرِجهَڻُ7 چَرخُ.
 

(1) سمجهڻ   (2) چڪر   (3) پاڻي   (4) بُلبلا   (5) تارَن کان   (6) ڏينگو   (7) ڪروڌ