رديف ’غ‘
غزل (97)
لئُون لڳِي لالنَ1 سان پُختِي، دل ٽِڙي ٿي باغ باغ،
ڪيو مُعَطر2 گُلَ گُلابي، موتيَي منھنجو دماغ.
عشق: پيچُو، نَسترِين، سوسَن کُليا نرگس، سُنبل،3
ھاڻ ساقي4! شوق مان ڏي ڪو ڀَري ’مَئَي جو اَياغ‘5.
ٿيون تَنوارُون بُلبلِن، طوطن جُون تَنَ ۾ تار تار،
موج ٿي من ۾ مِھر جي، ويو اڏامي زَغن6، زاغ7.
قُرب وارَي جَي لڳِي ڪَڍِ8، ماڻهپو حاصل ڪيوم،
ٿي وڃان صدقي اُنھيءَ تان، جنھن ڏنو ’سُرَھو سُراغ‘9.
ٿي خوشي، منُ ايڪتا ۾ خوب خاوند سان لڳوم،
ويئي اُٿي اونده اندر مان، چمڪيو چِت ۾ چِراغ10.
سچُ ڏِٺم، سچَ کي سُڃاتم، سچُ ٿيس سچَ سان لڳي،
مُنھن مَٽيو وِپَتن11 وِڪارَن12، جن ڪري ٿيو ھوس طاغ13.
لک شُڪر ۽ شاديون14، آيو اڱڻ ’آسُوءَ‘ عجيب،
ميٽجي ويو مَنَ منجهان، دلبرَ جُدائي، دردُ، داغ.
(1) دلبر، محبوب (2) خوشبودار (3) اڳيان سڀ سھڻن خوشبودار گلن جا نالا (4) پيرِ مُغان، پياريندڙ (5) شراب جو پيالو (6) سِرڻ (7) ڪانگ (8) پٺيان (9) خوشبودار پَتو (10) ڏيئو (11) نڀاڳن (12) من ۾ ويٺل پنج دشمن: ڪام (خواھش)، ڪروڌ (ڪاوڙ)، موه (لاڳاپوAttachment )، لوڀ (لالچ)، اھنڪار (تڪبر) (13) بي فرمان (14) خوشيون
غزل (98)
فرقُ ڪڍ، ٿيءُ فساد کان فارغ،
وَسِوَسا دل و جان مان فارغ.
’شَبد‘1، ’سُپرس‘2 ۽ ’رُوپ‘3، ’رَس‘4 ۽ ’گَندِ‘5،
اِنهن ’وِشِيُن‘6 وَڻاهَ7 تان فارغ.
’ڪام‘8، ’اَھِنڪار‘9، ’موهُ‘10، ’لوڀُ‘11، ’ڪِروڌ‘12،
ڀَڄُ ’وِڪارن‘13 پنجن ڪَنان فارغ.
نفسِ اَمَارہ14 جو چيو سڀ ڇڏ،
ھُوس، حسد و حرام کان فارغ.
سالڪن، صادقن سنديءَ صحبت،
دل ڪرين صاف، بي گمان فارغ.
وٺ سَچَي سَتگرُوءَ جِي دامن،
ٿي اِرادي سچار سان فارغ.
ساڻ سَنتوش15، سِيلِ16، ڌَرم17، ديا18،
پاپ، سنتاپ19، کون بُڇان20 فارغ.
21
پوءِ ’آسُو‘ جدا نہ جانب آه،
فارغُ البال22 ٿي نشانَ فارغ.
(1) ٻُڌڻ (2) حِسَ، ڇُھاءُ (3) ڏسڻ (4) چکڻ (5) سُنگهڻ (6) مٿيان پنج ئي حَواس، نفس جا ڇاڙتا، جيڪي کيس سَنسار مان معلُومات (رَس) آڻي ڏين ٿا. ۽ پوءِ انسان ۾ خواھشون اڀرن ٿيون. (7) وڻن جو ٽولو (8) خواھش (9) تڪبر (10) لاڳاپو (Attachment) (11) لالچ (12) ڪاوڙ (13) مٿيان پنج مَنَ (نفس) ۾ ويٺل مُکيہ شيطاني عنصر، دُشمن. (14) انسان کي بُرن ڪمن، حيواني خواھشن ڏانھن راغب ڪندڙ نفس (15) صبر (16) سٺي رھڻي (17) مذھب جي پوئواري، انصاف (18) رحم (19) ڏک (20) نفرت (21) اڳين ڇاپي ۾ ھتي ھي بند ڏنل آھي، جيڪو اصل نسخي ۾ نہ ھجڻ ڪري ڪٽيو ويو. ”ليپ ۽ ڇيپ کان ڪري پاسو، ٿيج ڪنولا جي گل جيان فارغ.“ (22) بي فڪر
