شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ڪ‘

غزل (103)

جَنِهين ويراڳ جي تڙ تان ڏني تِڪَ،
اُنهن جِي آه سالِمُ1 سا سچي سِڪَ.

ڏني تِڪَ پاڻ، اِنَ تَڙ تان وڌي اُڃ،
بلاشڪ ڪِينَ تِن جِي ھَڏِ ڀَڄي ھِڪَ.

ڪَلالِيءَ ھَٽَ2 ڪُڏيو قُربئُون منجهان ڪوڏ،
پيتائون مَڌ پيالِي3 پاڪ پُرِ4 پِڪَ5.

مُڙن مانجهِي نہ پُٺ تي پَيرُ موڙي،
نظر تن کي اچي نا ڌُوم ۽ ڌِڪَ.

پَتنگ وانگي رکن سِرَ جو نہ سانگو6،
اَچي بيوَس انهن کي ٿي ڇِڪِي ڇِڪَ.

ھوئڻ وارو ھنر تن مان ھليو ويو،
ٻِيائيءَ جي صفا ٻاري ڇڏيئون ٻِڪَ.

چَڪِي ساھَڙَ7 سندِي چوري چرِي ڪئي،
نَدِي سانوڻ8 جِي سمجهي نِيڙَ9 ۽ نِڪَ10.

اُٿي آڌيءَ، تَري ٿي تارَ تِکَ11 تي،
نہ ڀانيائين ٻيو ڀَئُہ ڀيرَ12 ۽ ڀِڪَ13.

ڪچي ئِي آبَ تي ڪم ڪيو پَڪَي جيئن،
اثر ڏس عشق جو ايءُ، جيئن مُنڊيءَ ٽِڪَ.

کٿُورِي، خُونُ پاڻَهي ٿئي پَڌر عشقُ،14
لِڪائين ٽول ٽيئي جِي ڪري لِڪَ.

وِھن وِرچِي نہ طعني، تُنڪَ15 تي مُور،
وَسي جِت مَينگهہ16 تِت ٿئي ٿي چڪڙ چِڪَ.

ڇَلَڻ17 مايا جِي مَمتا18 کون مھاڄار،
ڳڻي ڳوڌن19 ڪيو پاسو ڪنان ڳِڪَ20.

آھين عاشق سچو ’آسُو‘ سُچِيتو21!
سُڃاڻج ھڪ، ٿِيج تون لِينِ22 منجهہ ھِڪَ.
 

(1) صاف، سلامت   (2) شراب وڪڻڻ واري دُڪان تي (مرشد جي مئخاني تي)   (3) شراب جي پيالِي   (4) ڀريل   (5) ڍُڪ   (6) پرواه، بچاءَ جو خيال  (7) محبوب (جي ياد جي چرخِي)   (8) سانوڻ جي مينھن سان ڀريل نَدِي، گهڻي پاڻي وارو درياه   (9) ننڍڙي نَھِر يا واهُ   (10) نالِي   (11) گَھِرَي ۽ تيز پاڻي   (12) درياه جي ڪناري جو ڊپ   (13) ڪپرَ   (14) جيئن کٿوري (خوشبوءِ) ۽ ڪنھن جو ناحق خون لڪي ڪو نہ سگهندا آھن، تيئن ئي ڪيڏا بہ حيلا وسيلا ڪجن پر عشق بہ ڪڏھن لِڪي ڪو نہ سگهجندو آه  (15) مَھِڻي  (16) برسات  (17) فريبي، ٺڳباز  (18) چاه، محبت  (19) جوڌن   (20) ھروڀرو پٺيان پوندڙ   (21) ھوشيار   (22) گُم   

 

غزل (104)

يارَ دلدارَ سندَي درد ڪيُم چِيرَي چاڪَ1،
رک مَلمُ چاڪَ2 پنھنجي، چاڪُ3 ٿئي ھن بيچاڪَ4.

ڪير آھي جو خبر چار رَسائي رانجهنَ؟
موڪلڻ حال چِٺيءَ لاءِ ڪيُم ھي دل ڏاڪَ5.

اي عزيزو! ھاءِ!  ھِجر6 حال ڪِيَم ھِيڻو،
آهَ زارِي بہ اگهي ڪِين مٿي ٿي افلاڪَ7.

ڪيئن ڪريان؟ ڪاڏي وڃان؟ ڪنھن کي سُڻايان اَندوهُ8؟
غور دلبر نہ اڃان تائين ڪيو غمِ غمناڪَ9.

آه ڏاتار سندُم ساجن ستَار، غفور10،
سامَ11 پيَڙس ۽ لڳيَس لامَ12 ٻُڌي ھھڙي ھاڪَ.

سچ سڏيندوم، ڇڏيندو نہ ڇَپرَ13 ۾ ڇورِي،
مھر پنھنجي بہ ڪندو نيٺ، رکان ڇو دل باڪَ14؟

جيڏيون! جيسين مِلان ڪِينَ، وِھان نہ ڪري ماٺ،
ڪاڻ جنھن؛ ڪاڻ15 ڪڍيَم، ۽ ڇڏيَم ٿاڻا16 ٿاڪَ17.

ھيءُ زمانو نہ سنئُون، ڏينھن ٻہ ٽي، ڪر نہ فڪر،
اِنَّ مَعَ الْعُسْرِ یُسْرًا18، ھي  پَرُوڙج  چيو  پاڪَ.

عاشقن پوشاڪَ: ڍڪڻ عيب ٻين جو آه،
ڏُک، ڏمر کِيَڻُ19 اھا آه سنديَن ٿي خوراڪَ.

جوھري ڪو ٿو قدر سمجهي اَمُل ماڻِڪ20 جو،
ڇا سُڃاڻن سي ھَٽوَٽِي21 وَڻجَن22 تيل، تماڪَ!

پيروي نفسَ ڪرين، پوءِ ڏَين ٿو ڀَرُ ڀاڳَ،
پاڻ تي ڄاڻي سڃاڻي ٿو ڪرين پاڻ مزاڪَ.

ھڪ ڇڏيَئِي ڇيڪُ23 ڪري، نہ ڏيَئِي وَٺُ ڏاگهو24،
ڪيئن کڻي بار شَيوا25 جو؟ جا لڳيَس پُٺ تي ڍاڪَ26.

وَٽَ27 ملڻ ساڻ ٿيَن مَحوُ28 ملي محبت ۾،
سِرُ سَٽي آيا سڄڻ پاس خريدار گراڪَ.

دل شجر29 ھُوند ڇڏِي باه فراقي30 ساڙي،
ٿو رھي تازو دلاسي جي پوَڻ وَرکا31 ماڪَ.

’لاتَقۡنَطُو‘32 کي جهلي، ھوت ڏي ھليا ھڪ دل،
پار ’آسُو‘ سي پيا، پُورَ پھرين سان چالاڪَ.
 

(1) زخم    (2) خادم، نوڪر    (3) تندرست    (4) بيمار    (5) دانھن    (6) جدائي   (7) آسمان    (8) غم    (9) درد سان ڀريل    (10) بخشڻ وارو   (11) پناه ۾   (12) دامن   (13) جبل. مقصد: مصيبتن    (14) خوف    (15) گهٽتائي    (16) جايون    (17) ماڳ   (18) ترجمو: بيشڪ مشڪل سان گڏ آساني آھي (سورة الانشراح)   (19) کاڌو    (20) بي بھا ھيري    (21) دُڪاندارَ   (22) جيڪي وڪرو ڪن   (23) ڇڙواڳ   (24) اُٺ (نفس ڏانھن اِشارو)   (25) خدمت، عبادت   (26) دُڏِ   (27) امانت، فيض   (28) گم   (29) وڻ   (30) جدائي   (31) وسڪارو   (32) مايوس نہ ٿيو   

 

غزل (105)

ڪر سُمر1، رک ’سچَ‘ سَمرَ2 جِي جوڙ جَڪَ،
نا سَڙي، جو نا ٻُڏي، نا کائي ڌَڪَ.

چور چرخو مِيمَ3 ۾، ٻيو نا ٻُڌي،
ڪر نہ بَيھُودي بُري بَڪوات بَڪَ.

آه ڪَرجُڳ4، ھِتِ ڪري ۽ ھِتِ بہ ڏي،
ڏِس ڳَڻَي ڳُڻونتَ5! تَنَ ۾ تورَ تَڪَ.

اَڪُ ڪري ٿو کَلَ، انھيءَ جي ساڻ تيئن،
جيئن ڪري ٻڪري ٿي پر پَھُ ساڻ اَڪَ.6

مَھَند7 پڻ باقي حِسابي ٿئي حساب،
ياد رک! سڀ ڪو ڀريندو ڦلن ڦَڪَ.

جِيفَةً8 دنيا، طلبَ ڪندڙ ڪَلَبَ9،
ڍونڍَ کي چنبڙي وڌءِ ڇا لاءِ چَڪَ؟

وَيرِ10 ھِڪَ ڦاٿو، ڇڏائڻ ٿيو ڏکيو،
منجهہ چيڙھالَي11 ۽ لڳ لڳ وارَي وَڪَ12.

جِت جمع ٿيندو، اُتي ڪيئن ڪنڌ کڻي؟
پاڻهي لائي وڌئي مَرُ13 ساڻ نَڪَ.

پِيڙهِ14 جنھن ڀِت جي ڪَلر کائي ڇڏي،
سا جهليندي ڇا! کڻي جي ڏينس ڏَڪَ15.

چور مان چانور ھتي جا نا وڻن،
آه موچاري مِٺي ماروءَ جي مَڪَ.

ڏِس سُتِي ھئي سيج تي سسُئي سَتِي16،
ڪيئن رُلايَس نِنڊَ لوڏن منجهہ لَڪَ17!

پوءِ پيئِي پُنهلَ پُٺ ۾ ھِمت سان،
ڪينَ آيس نِگَھَ ۾ جهولا ۽ جهَڪَ.

بَرِبَد ورائي مِرُون ۽ جِيتَ، جهنگَ،
شوق کان ويئي لنگهي سڀ لاھي شَڪَ.

سِڪَ سچيءَ وٽ پُنهل آيو پيھي پاڻ،
ھيڪلِيءَ18 تي وَرَ اچي ڪيو ڍڪڻُ ڍَڪَ.

پِرت واري کان پرين ’آسُو‘ پَري نہ،
رءِ19 ڏسن ڏورينديون دل ساڻ پَڪَ.

 

(1) سِمرڻ، رب کي ياد ڪرڻ (2) سفر جو سامان، ذخيرو   (3) ڳُجهہ   (4) ڪلجڳ: ھِندو ڌرم موجب چئن جُڳن مان ھلندڙ چوٿون جُڳ. آخري زمانو (ڪوڙ ۽ فساد سان ڀريل)   (5) گڻن وارا  (6) پَھاڪو: ٻڪري ڪري جيئن اَڪَ سان، اَڪُ ڪري تيئن کلَ سان. اَڪُ کير وارو زھردار ٻوٽو آھي، جنھنجو کير جيڪر انساني کَل کي لڳو تہ ساڙي وجهندو  ۽ اَڪُ ٻَڪري جو پسنديدہ کاڌو آھي، سو جتي مليس، کائي ٺوڙھو ڪريس. يعني: جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي، ھتي ڪر ھتي ئي ڀر.   (7) اڳيان   (8) ڍُونڍ   (9) ڪتا   (10) گهَڙي   (11) چنبڙندڙ   (12) وڪڙ   (13) گند   (14) بُنياد   (15) ڪاٺ جا ٽڪر   (16) سُلڇڻي   (17) جبلن جا ڏکيا رستا   (18) اڪيلي   (19) بيشڪ   

 

غزل (106)

پھر چار ئي پوي ’چوچَڪَ‘ چَڪ ڀَڪ،
ٻِي نہ ’کيڙي‘ سندِي وڻي بَڪ بَڪ.1

ماءُ، ماسيون مِڙِي مُنجهيو مارِينِ،
ڪَن اچيو لُوتِ لُوتِ2 جي لَڪ لَڪ.

ساڙ ڏينم سَھيليُون، سَرتيُون،
ٿيون مَچائين جهُر جهُري جهَڪ جهَڪ.

ساڻ رُشوت، رِيا3 مُلان قاضي،
ٺانٺِ4 وانگي اچيو ڪرن ٺَڪ ٺَڪ.

پر مونکي تارَ يارَ رانجهُوءَ جي،
ڇا ڪندي تِن سندي تِکِي ٺَڪ ڦَڪ؟

ويس چاڪر5 سندو ڍڪي آيو،
آه سو بادشاه، رِي شَڪ شَڪ.

ڪيئن پَرُوڙي اِھو عجب اسرار؟
ڏِيلَ6 ۾ جو ڏَري7 ڏَلهو ڏَڪ ڏَڪ.

ڇا لنگهي پُلصراط8 تان سالِم9!
دل جَنھين جي ڪري پيئي دَڪ دَڪ.

سِر جدا ڌارَ ڌڙَ ڪرين تہ پسين!
ٻِئَي تہ وھنوار کان اکيون ڍَڪ ڍَڪ.

ڏي ٽُٻي بِره10 بحر ۾ ’آسُو‘،
گهاٽَ، تَڙَ، گهيڙَ11 ڪِيمَ ٻيا تَڪ تَڪ.

 

(1) ھي غزل ’ھِير رانجُهوءَ‘ جي قصي تي چيل آھي. شاعر ھِير جي ٻولِي ٿو ٻولَي. راجا ’چوچَڪ‘ ھِير جو پيءُ ھو، جنھن سندس رانجهُوءَ لاءِ عشق ڏسي کيس زبردستي ’کيڙي‘ سان پرڻائي ڇڏيو.  چَڪ ڀَڪ=دڙڪا ڌاما.   بَڪ بَڪ=اجايو بيھودُو ڳالهائڻ   (2) جاسوسي، خبر چار وٺڻ   (3) ٺڳي   (4) ٿالهي   (5) خادم، ٻانِھو   (6) دِل، اندر   (7) ڊڄي   (8) دوزخ ۽ جنت جي وچ ۾ وار کان سنهي ۽ تلوار کان تکي پُل   (9) سلامتي سان   (10) عشق   (11) درياءَ جا ڪنارا ۽ اندر گهِڙڻ جا ھنڌ   

 

غزل (107)

دِلدار اٿم ٺار ھِيئَين ھار بِلاشڪ،
آڌار ڀلو پار مددگار بِلاشڪ.

ھِڪ وارَ ناھي ڌارَ، تِکِي تارَ سڄڻ جي،
تنھن يارَ لڌي سارَ طلبگارَ بِلاشڪ.

جان حِرزَ1 ھوندي فرضَ منھنجا عرضَ قبوليا،
لاغرضَ2 مِٽيا مرضَ ڪٽيا قرضَ بِلاشڪ.

منصُور سندو سُور پَھڻ پُور اناالحق،
ڀرپُور سدا نُور نہ دم دُور بِلاشڪ.

درياهَ منجهان واهَ سَنئِين راهَ وَھن ٿا،
اللهَ ڪيا ٺاهَ سندا ساهَ بِلاشڪ.

پاڪ ذاتِ پَڌر باتِ ڪرڻ واتِ ڪچائِي،
اِثباتِ3 چوڻ تاتِ سان مرجاتِ4 بِلاشڪ.

سِرَ چوٽَ ڏيئي گهوٽَ اُنھيءَ اوٽَ اچن ٿا،
اڻموٽَ ڀڳا سوٽَ5 ڪُفر ڪوٽَ بِلاشڪ.

اَڻ ڄاڻَ سندِي تاڻَ6 لٿي لاڻَ7 ’آسُوءَ‘ جي،
ڇاڪاڻَ ڪڍان ڪاڻَ8 اديون! ھاڻ بِلاشڪ.

 

(1) جان پناه   (2) بي پرواه   (3) خدا جي ھستيءَ جو اقرار   (4) ريت   (5) ڏاڍا، سخت   (6) ڇِڪ، سِڪ   (7) تڪليف   (8) گهٽتائي