رديف ’ڌ‘
غزل (59)
ٿيو اُدءِ راس رَوِي، ڪَنۡوِلا جو ڇوڙ سَٻَنڌُ،
ڀئُہ رکِي ڀَورا ڀَنۡورا! وٺجي واسُ سُڳنڌُ.1
ماءُ، پيءُ، ڀيڻِ، برادر، پُٽَ ۽ سئوٽ سَڳا،
ھِي مڙيئي ڄاڻ جھان جو جُوٺو2 سَنٻَنڌُ.
سُکَ سنگاتِي سڀ، دُک ۾ نہ ڀائيوار ٿيَن،
انگ سنگ3 آه سَھائِي4 ’نامِ الک‘ آساٻنڌُ5.
دو6 لَتُون ھن دولتَ ۾، جَي وڃَي: چيلهہ ڀڃي،
جَي اچي: تان اکڙين تي لت ڏيئي ڪري انڌُ.
پوءِ ڇاڪاڻ پٺيانئُس پاڻُ خراب ڪرين؟
پائداري نہ وفاداري منجهس سيڙهو سَنڌُ7.
روم روم8 ۾ آه رَميو9 رام، سنواريا10! سمجهين!
سندس قدرت جي سَتا11 کان خالي نہ وَستُ12 نہ ھنڌُ.
ھَل ھِيئين ساڻ ھَيا13 ھاڻ، تَوَڏَ14 ٽوڙي ڇڏ،
ڪينَ پھچاءِ پرينءَ ڏانھن، ڪرڻ پيرين پنڌُ.
آه ’آسُو‘ مشڪل ’سُرڪَ سِڪَڻ‘15 جي پَڙِپڻ16،
ونءُ17 ڪَلالِيءَ ھَٽَ18 تي، ھيءُ ڪَٽائج ڪَرُ ڪنڌُ.
(1) اُدءِ=اُڀريو. راس=مڪمل، پُورو. رَوِي=سِج. ڪنۡولا=ڪنول: پاڻيءَ جي گل جو قسم جيڪو سج اڀرندي کلندو ۽ لھڻ کان پوءِ بند ٿي ويندو آھي. سَٻَنڌُ=واسطو. ڀَورو=بي سمجهہ. واسُ=سُڳنڌ، خوشبوءِ يعني: اي بي سمجهہ ڀؤنرَ! سِج لھڻ تي اٿئي، ھاڻ گل (ڪنول) جو واسطو ڇڏ، اٿڻ جي ڪر. گل بند ٿيڻ جو ڊپ رکي ڪري منجهانئس رسُ پي، متان گُل بند ٿي وڃي ۽ تون سِر وڃائي ويھين! ھِت ظاھري ھدايت تہ ڀؤنر کي آھي مگر ڳُجهہ ۾ طالب لاءِ تاڪيد آھي، جو حياتيءَ تي ڪو ڀروسو ڪونهي، متان دنيا جي رَسُن (سَوادن) ۾ پاڻ ڦاسائي ويھي رھين!
(2) ڪوڙو (3) سدائين گڏ، لڳ لاڳاپو (4) سھارو (5) دوستي (6) ٻہ (7) سَنڌو سيڙهو: مُدو، وقت جي حد (8) رڳ رڳ، عضوي عضوي (9) سمايو (10) سڀاڳا، پيارا (11) طاقت (12) شيءِ (13) جلد (14) وڏائي (15) سُرڪَ: چُکو، ڍُڪ. سِڪڻُ: محبوب لاءِ سِڪَ، عشق (جنھن کي عاشق ’شراب‘ چون). يعني: اِلاھي عشق جو ڍُڪ، ذرو (16) حاصل ٿيڻ (17) وڃ (18) شراب وڪڻڻ واري دُڪان تي (مرشد جي مئخاني تي)
ٿيج ڪوڏيو ڪَلال جو، ڪنڌ قبول ڪري،
دوڙي وڃ دڪان تي، پريتئُون پير ڀري،
اُوُ پيالو ڏيندءِ پريم جو، منجهؤن زھر زري،
نشو چڙھئي نينھن جو، جنھن سان منُ مري،
پيئندي پُر ٿئين، جي ڇڏين پنھنجو پاڻ پري،
سِر جو دان ڪري، وڃي ’دلپت‘ ملج دوست کي.
(صوفي دلپت)
غزل (60)
شُڌِ1 رکڻ آدِ2 انت3، سڌ مَڌِ،
ٻُڌ اِھا ٻِڌ ٻين ڪنان وڌ وَڌِ.
پِرينءَ سندِي پياس، پريم گد گد4 کي،
ڇا ڪندِي ھن زمان گرمي ٿَڌِ؟
آڳ محبت تي، ديگ دل جي چاڙه،
مينس بي رنج بِرِنج5 رَڌيو رَڌِ.
جي رَجهي ۽ سِجهي رھي سانتي6،
وَٽَ7 ڏيڻ لئِہ بُکايلن پوءِ وَڌِ.
ڪُجهہ پَتِي8 ٿي زمينَ پالي جڳُ،
ٿو ڀڄنُ9 ڄَمُ سَڦل10 ڪري، کِن11 اَڌِ.
بحر، لھريون شُمار ۾ وِسرن،
پيو ورائي ڳڻيج پيئي ڏَڌِ.
ڪيئن لِڪي ماه12، شمس13 کاري ھيٺ؟
عشق ’آسُوءَ‘ سندو ڪري ڌَڌِ ڌَڌِ14.
(1) نِج (2) اول (3) آخر (4) باغُ بھارُ (5) چانور (6) ماٺ، صبر (7) ورڇ (8) حصو (9) ڌڻيءَ جي بندگي، پوڄا (10) ڪامياب (11) پل، لمحو (12) چنڊ (13) سج (14) ڌڌڪو، گجگوڙ
