رديف ’۾‘
غزل (129)1
ڏِسان ھيڪ آتما مُورَکَ2 ۽ مَھَنتَ3 ۾،
دغابازَ، بي مُکا4، توڻي ساڌَ، سَنتَ ۾.
متن ھِيڻُ جيءُ جڏو، توڻي ھوءِ پِنگلو،
صفا سُورمو سچو توڻي ھوشوَنتَ ۾.
آدم ذات ۾ ھَرِي5، مَلَڪ6، ديوَ، جِنَ، پَرِي،
ٻُڍَي، پُرشَ7، اِسترِي8 توڻي ٻالَ9، ڪَنتَ10 ۾.
بيابان ۽ پَھڙَ، نديءَ، نِيڙَ ۽ بحرَ،
توڻي شَنگهہ11، گَجَ12، گُرڙَ13، توڻي جِيوَ14 جَنتَ15 ۾.
نرستان ۾ بہ جيئن، اونهاري ۽ سانوڻيءَ،
خِزان باد ۾ بہ تيئن، بھار و بَسنتَ ۾.
زمينۡ آسمان ۾، رَميو16 ھَمہ17 جان ۾،
توڻي گُلِستان ۾، لِکي ڪو نہ اَنۡتَ ۾.
پرُوڙي نہ ’ٻُڌِ بِرِشٽِ‘18، اِھا ’آسُو‘ ’سَم دِرِشٽِ‘19،
لکيو آه منجهہ وِشِسٽِ20، توڻي ڀاڳوَنۡت21 ۾.
(1) ھي غزل اڳين ڇاپي ۾ ڇپجڻ کان رھجي ويو ھو. (2) بيوقوف (3) اڳواڻ سَنت، پير (4) بد زبان (5) ايشور (6) ملائڪ (7) مرد (8) مائي (9) ٻار (10) جوان مڙس (11) شينھن (12) ھاٿي (13) وڏو خيالي پَکي (14) جاندار (15) باغُ (16) سمايو (17) ھر، سڀ (18) نالائق (19) حقيقي نظارو (20) ھڪ شاستر ’يوگ وششٽ‘ (21) گيتا
