شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ظ‘

غزل (93)

ڌڻي تعالى! ڪر مون سان پنھنجو لحاظ،
ڳِچي پاندُ1 پائي، پِنان ٿو لحاظ.

اُميدون رکي آئون سو ئي گهُران،
پيارن پنھنجن سان ڪرين جو لحاظ.

نہ اُنِ جَي جُتيءَ جوڙُ، پرَ خاڪ پاءِ،
مُحابي سندن، رک بہ منھنجو لحاظ.

ازل کان وٺي آخرت، عاقبت2،
اٿم دُرس3 درڪار اھڙو لحاظ.

ڪيو قول اِبليس کارڻ سندو،
ڪري ڇا سگهي! جن سان تُنھنجو لحاظ.

آھيان عبد عاصِي4، ڀانيان ھڏ نہ ڀَئُہ،
اٿم عَفَوَ5 تُنھنجِي جو ڏاڍو لحاظ.

سِڪايَلَ سواليءَ کي درشن ڏين،
پَوَئِي ٻاجهَہ ڪنھن وَيرِ منَ ڪو لحاظ!

سچيءَ دل اچِي سَرن6 ’آسُو‘ لڳو،
پيو لڄ رکڻ جو مٿي تو لحاظ.
 

(1) پلئُہ ، پلاند   (2) آخر   (3) برابر   (4) گنھگار   (5) بخشش   (6) پناه   

 

غزل (94)

ڪر حفاظت مون سندِي حافظَ1 حفِيظَ2!
گولڙِي آھيان گندِي حافظَ حفِيظَ!

رِي حفاظت تو، نہ ڪو ھِڪَ وِکَ ڀرَي،
ميٽ منھنجِي سڀ مَدِي3 حافظَ حفِيظَ!

کول اکيون اندر جون، ٿئي سوجهرو،
ڪٽ جِھَلَ اُونده انڌِي حافظَ حفِيظَ!

چوطرف ويرِيِن ورائِي آھيان،
رک پَنَھَ ۾ ھيءَ بندِي حافظَ حفِيظَ!

نام پنھنجي ڏي نھاري ڍڪ ڍڪيج،
ويڙه بَدِيِن جي بَندِي حافظَ حفِيظَ!

خلق خندِي4 ٿي سندُم اعمال تان،
اٿم تو سان سَنٻَنڌِي5 حافظَ حفِيظَ!

رحم تُنھنجي لُطف اڳيان سڀ سَھلُ6،
عيبداري ڇا ڪندِي حافظَ حفِيظَ؟

عرض ’آسُوءَ‘ جو اَگهائج ڪرم سان،
آھيان آسَروَندِي حافظَ حفِيظَ!
 

(1) نگھبان   (2) حفاظت ڪندڙ   (3) بُرائي   (4) ٺٺولي   (5) ناتو   (6) آساني