شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ت‘

غزل (15)

لائي لئُون تنھن حق سان، جو آه پروَر پاڪ ذات،
طالبُو تَنھنجو ٿِيج، توڙئُون نہ رک ٻي تِل تون تات1.

جن ڪَھِي منجهہ قلب ڏوريو، مُحب من جي ٺار کي،
سِر خفِي اَخفى2 ٻُجهن، سي ھِت ھُتي رھندا حيات.

ذات جنھنجي ’لَمِ يَلِد‘3، تَنھنجا ٿيا جَي طالبُو،
ڇا ھندو! ڇا مسلمان! اُن کي برابر سمجهہ بات.

جيئن سِڪي ٿي سمنڊ ۾، سِپَ مِينھَن لئِہ مُشتاق آه،
ڪاڻ تو عاشق وتن، قنڌار، ڪڇ، ڪابل، قلات.

سُرڪ سِڪ جي ڪين ورتي جن پرين جي دَستَ4 کان،
حال تن جي ھميشہ آه، ھَئِہ ھئھات ھات5.

پوءِ بہ مرندين، اڳ بہ مرندين، مَرُ تہ موچارو ٿين،
جي مئا مرڻا اڳي، سي ٿيا مري ھرگز نہ مات6.

نانءُ جنھنجو راھبر، رَندَ7 جو اَجهو آڌر اٿئي،
تنھنکي جهل قابو ادا ’آسُو‘ ھميشہ ڏينھن رات.

 

(1) پچارَ، يادگيري   (2) ڳجهو ڳجهہ   (3) نہ ڄائو   (4) ھٿ   (5) ھائي ھائي، افسوس   (6) ختم   (7) رستي، واٽ

 

غزل (16)

ڇوڙ دنيا سندي ڌنڌي جي باتِ، رات ڏينھن ڪر سچي ڌڻيءَ جي تاتِ1،
ٿيءُ سنئُون، ڪِيمَ پاءِ ڪنھن سان چاتِ2، رات ڏينھن ڪر سچي ڌڻيءَ جي تاتِ.

ڪيمَ رَندن3 رُلاءِ پنھنجو پاڻ، ڏس اندر ۾ تہ دوستُ توئي ساڻ،
ڇو ڪرين ووءِ ووءِ ٿو ھئھات4؟ رات ڏينھن ڪر سچي ڌڻيءَ جي تاتِ.

جي حَسب ۽ نَسب تُنھنجو ناھي، تہ بہ لڳي پئُہ پُٺيءَ پُنهل ڪاھي،
ڪا نہ ڪا ٿا پڇن ڪنھين جي ذات، رات ڏينھن ڪر سچي ڌڻيءَ جي تاتِ.

جيئن الف ساڻ لام لکجي گڏ، تيئن سڄڻ سان ملي ٿيج ھڪ ھڏ،
ٻي سڀائي وڃاءِ وائي وات، رات ڏينھن ڪر سچي ڌڻيءَ جي تاتِ.

رات ڪارِي ڏسي نہ دل لوڙھج، مُڙسُ5 ٿِيءُ مڙسَ! ڪِيمَ مُنھن موڙج،
نيٺ ٿيندي صفا سچي پرڀات، رات ڏينھن ڪر سچي ڌڻيءَ جي تاتِ.

حق ڏي ھل، نہ پَير پاسي ڌر، ڏي سِرِي، ساب6 پئين سڄڻ جي در،
عاشقاڻي رکي ’آسُو‘ مرجات7، رات ڏينھن ڪر سچي ڌڻيءَ جي تاتِ.

 

(1) پچارَ، يادگيري   (2) دشمني، بغض   (3) رستن، واٽن تي   (4) ھاءِ ھاءِ   (5) ھِمت وارو، بھادر   (6) قبول   (7) رِيت، انداز   

 

غزل (17)

سنواريا مَن1! چوان توکي: مڃُ منھنجِي مِٺلَ! ھيءَ مَتِ2،
اِلاھي اَمُرَ ڪر بَرجا3، وَچَن ساڌُن سندا ڪر سَتِ4.

سُکيو سَنھنجو رھين جڳ ۾، ۽ پڻ پرلوڪ5 ۾ پيارو،
اِنھيءَ دستور سان رک تون غريبي ۽ کَمان6، نِئڙت.

مَڏيُون7 ۽ مال ميڙين ٿو، بَلائون ڄاڻ سي سانڍڻ،
ڪتب ڪِي لاءِ پنھنجي، ڏي ڌڻيءَ نالي ڀَلِيءَ سان ڀَتِ8.

نہ ڀَرِ ڪو پَيرُ پاسِيرو، سِڌو دلبر جي وٺ دَڳ کي،
ڏسي رنگ ريب اَوجهَڙ9 جا، ھرُو ڀرُو ڪيم گهاڻي گهَتِ.

وڏائي، جن ڪيو گِيرَبُ10، چَھُو11 ٿي غرق ويا غازي،
ڇڏج ٽرڙائي، ٽِنڊ ٽُون ڦُون، ڏِنگائي ۽ ڏمر جي ڏَتِ12.

ھلي اُت زور نا ڪنھنجو، بنا زارِيءَ ۽ نيزاري،
قوي13 سرڪار صاحب جي، اَپَر14 ڪر عاجزيون ۽ اَتِ.

اصل تون ڪير آھين؟ ڪيئن ٿئين پيدا؟ وڃي ڪاڏي؟
سُڃاڻي پاڻ سوچي ڏس، تہ ٿئي ڪا گت15، مُڳت16 ۽ ڳت.

جڏھن انسانيت ’آسُو‘ عطا ٿي سان وڏيءَ ڪِرپا،
تڏھن توکي بہ گهُرجي، ھيئن پنهونءَ سان پھت17 پارڻ پت.

 

(1) پيارا من   (2) صلاح   (3) رب جا حڪم ڪر واجب   (4) ساڌُو، فقيرن جي سُخن، ٻولن تي عمل ڪر  (5) مٿئين جھان   (6) نياز   (7) سامان سڙو   (8) ڀليءَ ڀَتِ: چڱيءَ طرح   (9) گمراھي (دنيا)   (10) تڪبر   (11) ختم، چٽ   (12) عادت   (13) طاقتور   (14) گهڻيون   (15) ڀلو   (16) ڇوٽڪارو   (17) ناتو   

 

غزل (18)1

پيءُ جام مَئي2 جو، عشقي اِشارت3،
ٿئي غير جِي گم، اَندرين عِمارت.

ھيءُ پُٽ پريمي، پيءُ راءِ راجن،
پاتي فقيري، تَرڪي اِمارت4.

مذھب، ڌرم جو جهيڙو جهپيو جهپ،
اُونهِين اِنھيءَ جي آھي عِبارت5.

ھن بي بقا ۾ اڳهين فنا ٿيا،
دُک، درد، دارون تن جي تِجارت6،

باطن بِلاتِي7 جنھن لئِہ ويراڳي،
ظاھر بتائين پنھنجي حِقارت8.

ويئي تانگهہ تِن مان جَم9 سان مرڻ جي،
قادر ڪرم سان ڪاٽيُن ڪَفارت10.

ويَڙا وجودئُون تن وسوسا سڀ،
پل پل پرينءَ جي ڪن ٿا زِيارت.

تحقيق حق جي ٿيَڙا حوالي،
سِر تي سفارش ڪنھنجي نہ پارت.

نامُوس11 ننگ جو خطرو، خلل ويو،
بادہ12 بِره مان ڪيائون طھارت13.

پيرِ مُغان14 جو پيتو پيالو،
’آسُو‘ ملي تو بيشڪ بِشارت15.
 

(1) ھي غزل اڳين ڇاپي مان ورتل آھي  (2) شراب   (3) اشارن ۾ ڏنل عشق جو اھڃاڻ  (4) اميري   (5) بيان   (6) سوداگري   (7) قابو   (8) گهٽتائي   (9) موت   (10) گناھن جو بدلو  (11) شھرت   (12) شراب   (13) پاڪائي   (14) ساقي (مُراد: مرشد)  (15) واڌائي   

 

(19)1

آه منزل ستينءَ2 ۾ حقُ، ھمَہ اَوست3،
ناه اُن ۾ گُمان شڪُ، ھمہَ اَوست.

’معرفت‘ ڀُومِڪا ’تُريا‘ پَد ۾،4
تَرڪ ۾ جي ڪرين تَرڪُ5، ھمَہ اَوست.

چنڊ، تارا، ڪَتيون ۽ ٽيڙُو بُرج،
ڀُونءِ6، اُڀ، شمس ۽ فلڪُ، ھمَہ اَوست.

جِيوَ7، جَنتر8، ونسپتي9، جَل10، ٿَل11،
دَيوُ12، آدم، پَرِي، مَلڪُ13، ھمَہ اَوست.

ھي سراسر پَرُوڙ آدم ۾،
غرق ڪيو غير جنھن شرڪُ، ھمَہ اَوست.

جوتِ14 جانب ڏِسَن ڏِسِن15 چئني،
فرق صوفيءَ ڪڍيو مَرڪُ16، ھمَہ اَوست.

راز ھن کي قليل17 ڪو ڄاڻي،
جوش جذبي سندو جهلڪُ، ھمَہ اَوست.

حال ھڪ عارفن رھڻ ڪونهي،
گاه گاھي اِھو پلڪُ، ھمَہ اَوست.

ٿيءُ فنا ۾ فنا، بقا بِاللھ،
’ماسوا‘18 ويو چرڪ ڇرڪُ، ھمَہ اَوست.

ديھ19 کان ٿي نيارا نِرمل20 سي،
آسَ ھِردَي21 منجهانران حڪُ22، ھمَہ اَوست.

آه ’آسُو‘ بہ ساڳيو سوئي،
ٻيو اجايو بڪڻ نہ بڪُ، ھمَہ اَوست.
 

(1) اصل نسخي ۾ ھن غزل جو عنوان ’يَٿارٿ‘ يعني حقيقت/سچ ڏنل آھي.     
(2) فقيري يا گيان جون ست منزلون جيڪي شاستر (وَره اُپنيشد، باب چوٿين) ۾ ٻڌايل آھن: شُڀ اِڇا، سُوِيچارڻا، تَنُومانسان، سَتم آپدِي، اَسنگ شڪتِي، پدارٿ اَڀاوني ۽ تُريا. تصوف ۾ اھي چار آھن: شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت.
(3) سڀ اھو (خدا) آھي. صوفين جو قول؛ جن وٽ خدا کان سواءِ ٻيو ڪو بہ تصور ڪونهي. اھو خدا ئي آھي جيڪو مختلف صورتن ۾ ڏسجي ٿو (وحدت الوجود جو نظريو) مگر تَنھنجِي پرُوڙ معرفت يا تُريا پد ۾ پوندي.    
(4) معرفت ۽ تُريا: تصوف ۽ گيان جي آخري ڀُومِڪا يعني منزل (پد). جتي طالب ’فنا في الله‘ ٿي ’بقا بِالله‘ ٿئي ٿو يعني پرماتما ۾ گُم ٿي وحدت ۾ وحدت ٿيڻ. جتي ھِن ۽ ھُن جو فرق ختم ٿي ھِڪو ھڪ ٿي وڃي ٿو. آتما پرماتما ٿي وڃي ٿي ۽ ھر شيءِ ۾ پاڻ کي ڏسي چئي ٿو: ھمَہ اوست (سڀ اھو آھي) 
(5) ڪنھن بہ شيءِ يا پدارٿ جو خيال بہ نہ اچڻ    (6) زمين (7) جاندار   (8) گاه   (9) ٻوٽا   (10) پاڻي   (11) پَٽ   (12) ديوتا   (13) ملائڪ  (14) نُور   (15) طرفن   (16) لائق، مناسب   (17) ورلي، تمام گهٽ    (18) خدا کان سواءِ ٻيو سڀ  (19) جسم    (20) پاڪ پوتر    (21) دل    (22) کرڙي، کوٽي ڪڍڻ