شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ء‘

غزل (148)

محبت عجيب آھي شيءِ،
محبت وِڪار1 ميٽَي ريءِ2.

محبت مخَولُ3 مَنَ لاھي،
محبت ڪري ٿي ضِد زنگ کيءِ4.

محبت ’رِڌِي، سِڌِي‘5 ڏي ٿي،
محبت ڊِڄَي نہ ڪنھن جَي ڀيءِ6.

محبت منجهان سَرن سڀ ڪم،
محبت ڪري ٿي منزل طيءِ.

محبت ڏي ڀلِي برڪت،
محبت ھٽاءِ ٿي ھيءِ ھيءِ.

محبت ڪري ڪلُولُ7 سدا،
محبت ھلاءِ پِرَ8 جي پيءِ9.

محبت نفعو ٻنهي جڳ جو،
محبت ڏياريو پَٽُ ميءِ.

محبت منجهان ھدايت ٿئي،
محبت ڪڍي ڪُڌائي قيءِ10.

محبت منجهان جڳٽ رَچيو،
محبت ڏيارَي جَسُ11 ۽ جيءِ12.

محبت ڪيو منُش13 ’آسُو‘،
محبت ڪيو لالن سان ليءِ.
 

(1) من ۾ ويٺل پنج دشمن: ڪام (خواھش)، ڪروڌ (ڪاوڙ)، موه (لاڳاپو Attachment)، لوڀ (لالچ)، اھنڪار (تڪبر)   (2) بيشڪ   (3) مغروري   (4) ختم   (5) ٻہ حاصلات: 1. رِڌِي = دنياوي سَگهہ: صحت، عزت، خوشحالي وغيرہ.  2. سِڌِي = روحاني سَگهہ .    (6) ڊپ   (7) مؤج   (8) پرين   (9) اتفاق   (10) اُڇل   (11) نيڪنامي   (12) ڪاميابي   (13) انسان   

 

غزل (149)

جي ڀائين جوڳي ٿيان! ڪُھُ ’نفس‘ ڀاءُ،
مَونِ1 سان ماريج ’مَمتا‘2 پنھنجي ماءُ.

ڀيڻ ڀاڱا ڪر وڍي ڀانءِ ’ڀِرانت‘3،
’ڪوڙ‘ پُٽَ جو ڪنڌ پاڙئون ڪُرٽ4، کاءُ.

جوءِ ’دنيا‘ کي ڏئِي تُرتئون طلاق،
ڌيءَ ’دُوئِيءَ‘ کي ڌِيرِ5 سان گهُٽ ڏيئي گهاءُ.

’ڪام‘6 ۽ ’موه‘7، ’لوڀ‘8، ’ھَٺ‘9 پنجون ’ڏمر‘10،
ڀَڃ انهن ڀائٽن سندو ڏيئي داغ داءُ11.

جوڳ سڦلو12 سو تڏھن تُنھنجو ٿئي،
ڪر انھيءَ آڪَھِ ڪنان پنھنجو بچاءُ.

سچ، سُپت13، سَنپت14، ستيا15 ۽ سِيل16 سڀ،
آڻ ھِردَي17 ايڪتائيءَ وارو ڀاءُ18.

حق سُڃاڻجُ، حَقِ19 ھلجُ، حق کي چنبڙ،
وٺ ديا20 ۽ ڌرم21 جو، نِھچي22 سان ساءُ.

جوڳ لئِہ ورتا، جنهين مائٽ اِھي،
آه ’آسُو‘ تن اندر لالن لقاءُ23.

 

(1) ماٺ، ڌيرج   (2) چاهُ   (3) وھم   (4) وڍ   (5) صبر، تَسَلي   (6) خواھش   (7) لاڳاپو (Attachment)   (8) لالچ   (9) وڏائي   (10) ڪاوڙ   (11) سرسائي   (12) ڪامياب   (13) ايمانداري   (14) ڀلائي   (15) ايمان، سچائي   (16) سٺو سُڀاءُ   (17) دل ۾  (18) رھڻي   (19) صِدق، سچائي سان   (20) رحم   (21) انصاف، مذھب   (22) يقين   (23) نظارو   

 

غزل (150)

موهُ مايا1 جو آه ڏاڍو مَئُہ2،
ليپُ3 اُن جو لڳي، جيئن ڄاڻج ڄئُہ4.

ڪِيمَ ڦاساءِ پاڻُ ڏانوَر5 جيئن،
ڪر سدائين انھيءَ ڪنان ڪو ڪئُہ6.

جَي ڌڻيءَ توکي دسترس7 بخشِي،
ماڻهپو سو: نياز سان پيو نئُہ.

تِرُ ڪنھين وٽ نيازَ سان نِمندين،
تا ٻيا پڻ نِمن وٽئي ھڪ جئُہ.

سو سياڻو ۽ سمجهہ وارو آه،
جو اِنھيءَ جو جهلي سگهي ٿو ڍءُ.

ناه مُڙسي وِڙھڻ ڪَچَر مڪني8،
پر ڏَمر9 کاءُ، سُڀُ وَچن10 سڀ چئُہ.

منُ نہ اَڻ ھُوندي ڀِرَم ۾ ڀولج،
سانتِ11 ڌِيرَج12 چڱو، نہ تِکَ ۽ تئُہ.

آه ھلڻو نِڌان13 ھن جڳ مان،
جي عمر ھُئي ورھيہ اَسِي ۽ سئُہ.

دَستُ14 منجهہ ڪارَ، دل رکي ڏھَن يارَ،
آه سڀ کان ڀلو، رکڻ ھيءُ ڀئُہ.

ڪر اُدم15، لَڄَ اٿئي وِھڻ ’آسُو‘!
پنھنجي جيڏن ڪنان نہ پُٺ تي پئُہ.

 

(1) دنيا سان لاڳاپو (Attachement)   (2) گهڻو   (3) مَکُ   (4) جُونءَ جو قسم، جو مٿي جي وارن ۾ پئي رت پيئندو آهي. (5) ڪوريئڙي   (6) ڊپ   (7) سَرسِي، پھچ   (8) ھاٿي چريي   (9) ڪاوڙ   (10) سٺا ٻول   (11) شانتي، ماٺ   (12) صبر   (13) نيٺ   (14) ھٿ   (15) ڪوشش   

 

غزل (151)

صُوف1 پَھرڻ سان نہ صُوفي، پاڻُ پَرَ2 پَرِ پِرَ3 پَچاءِ،
دردَ وارِي دل مٿي، دلبر سندِي دُونھين دُکاءِ.

مَچُ محبَت جو مَچائي، نِت نِھائِين4 جيئن رھيج،
حال ھِنَ جِي ٻاڦَ، ٻاھر ڪا ٻيَن کي نا ٻُڌاءِ.

سُکَ سڀئي سنسار جا، ساڙي صفا ڪر صاف دل،
مار ممتا5، ميٽ سنسا، ميل مَنَ جِي سڀ وِڃاءِ.

ويدَ، رامائڻ، ڪُدورِي، ڪُنِزُ پڙھندين ڪافيو،6
ڇا ٿيو جو حِرص7 نا ويو؟ ڪيَئي نہ جيڪِي تو جُڳاءِ.

جي ٿِئي عالم ۽ پنڊت، تہ بہ نہ وِديا8 مان وريو،
اکر پُرجهج ’الف‘ جو، ٻيا ورقَ وارَي سڀ وراءِ.

وادَ9 جون ڳالهيون ڳُتي ڇڏ، ھِي ٻہ چِتَ ۾ رک چڱيون:
ھڪ اٿئي: ’ويراڳُ‘، ٻيو: ’اڀياسَ‘ جي ڪا لئُون لڳاءِ.

ھيءُ چيم ويراڳُ مَنَ کي، کئُون وِڪارن10 روڪَ وَيرَ11،
شَبدَ12 جو اڀياس سُڻ، ڌُنِ سُرتِ13 سان ساري مِلاءِ.

ٻيون اِڇائُون14 ھن دنيا جون، دُور دل تان سڀ ڪري،
نانھِ15 نِج کي نِتُ16 نِھاري، نانھِ ڏي ڪا وِک وڌاءِ.

ڄِڀ منجهان ٻولڻ سُکيو، اُن تي عمل آھي ڏکيو،
اِن طرح ’آسُو‘ ٿِئين، تان صاف صوفي پوءِ سڏاءِ.
 

(1) کٿو، اُنَ جو سادو ڪپڙو (لباس) جيڪو صوفي ڍڪيندا آھن   (2) مگر   (3) پرينءَ لاءِ صوفين وانگي پچاءِ   (4) بَٺي   (5) چاهُ   (6) اڳيان پنج ئي مذھبي ڪتابَ. پھريان ٻہ سناتَن ڌرم جا، پويان ٽي اسلام متعلق   (7) لالچ   (8) علم   (9) تڪرار، بحث   (10) من ۾ ويٺل پنج دشمن: ڪام (خواھش)، ڪروڌ (ڪاوڙ)، موه (لاڳاپوAttachment )، لوڀ (لالچ)، اھنڪار (تڪبر)  (11) دشمني   (12) اسم اعظم، ذڪر  (13) مڪمل ڌيان، فِڪر. يعني نام کي پوري ڌيان سان جپڻ   (14) خواھشون   (15) نفِي يعني ڪجهہ بہ نہ ھئڻ واري حالت   (16) مسلسل