رديف ’ھه‘
غزل (144)
لاءِ انسانَ، خدا خلقي نئڙت، ساڃاهِ،
جا ڪَري، اُن ۾ سندس حڪمت آھي ئي آهِ.
ٿيا حَقِي، مَلڪِي، بَشرِي1 درجات شَرف2 ساڻ،
اِن سِواءِ آه ٻيو سڀ ھي جڳ جڙ اونداهِ.
ڪامڻِي3 کي ڪانڌَ4 بِنا سِينڌ، سُرمو ارمان!
ڌَرِڳ جِيوَڻ5 بہ اُنهي کي، جا وِجهي سوني ساهِ6.
ٿيو حُڪم صبر، شڪر جو ھر ڪنھن مَنُشَ7 مٿي،
پر صبر ڪيئن ٿي سگهندو، جا بِرهَ ٻاري باهِ؟
ڪيئن ٽِڪَي پاڻي ڄاريءَ منجهہ ڪرين حِيلا؟!
ڪيئن ڪپھ ۾ لڪندي ٽانڊن جي چاھِين چاهِ8؟
ٿي چيم حال جڏو: ھلڻ نہ ٿئي ڪا طاقت،
چي: منھنجي نام سان واسج، دل اندر وَڻِراهِ9.
پوکَ پوکي مون نہ، اُميد ڪرم تُنھنجي تي،
چي: شرم آه! بنا پوکَ، ٻين جي ڏِس راهِ10.
ھي عقيدو تہ ڪرڻ آه توڪل واجب،
عاقلن لاءِ رکڻ گهُرجي ھٿن ۾ سِيڻاهِ11.
روح جو قُوتُ12 ’آسُو‘ جو آھي صُوفي راڳ،
ڇڏج کِٽراڳَ13 ٻيا، ڊولَ14 سڀيئي ڊاھيو ڊاهِ.
(1) اڳيان ٽئي روحاني درجا، جيڪي ذڪر سان وڌن ٿا: بشري: عام اِنساني صورت. مَلڪي: مَلائڪن جون صفتون اچڻ. حقي: رب جون صفتون اچڻ، قلب روشن ٿيڻ، نور پسجڻ (2) شان مان (3) حَسِين زال (4) مڙس (5) وڏي حياتي (6) مٿي کان پيرن تائين زيور پاتل (7) انسان (8) باه (9) وڻن جو نظارو (بھارِي) (10) کري ۾ پيل اَنُ (11) ڪکن مان ٺھيل تَرڻ جي کلِي (12) غذا (13) راڳ جو ھڪ قسم جيڪو سِکي، ڳائڻ ھڪ وڏو جهنجهٽ/ڏکيو آھي. اصطلاحي معنيٰ: جهنجهٽ ۾ پوڻ (14) طور، طريقا
غزل (145)
ھَل سنئُون، گوٿَ1 ڇڏ گوھيون ۽ گَھُ2،
ڏُکَ ڏُکيائيُون، سڀئي شُڪر سان سَھُ.
پِرت ۾ پارَ ڏي پرينءَ پُورَڻُ3،
پاڻ پنھنجو پڪو پچائج پَھُ4.
ڪنڌَ مُرٽائِي ڇو ڪرين؟ ڇا لَئِہ؟
دل سنديئي آه جا ڳُڻن ۾ ڳَھُ5.
رِي وڃڻ اَڄُ، مُحال6 ميلو ٿئي،
ڇڏ ڍِلائي، نہ واٽ ۾ ئي ڊَهُ.
جو ڪري ٻولُ، ٻَھِر پرگهٽ7 ٿئين،
ياد ڪر، ڪِيرتَن8 اُھو ئِي ڪَھُ.
تا اچي ڪو نہ درد ڪو درپيش،
سَڙڪَ سُوڌِيءَ سَنئين اُتي تون رَهُ.
زور، جوڀن، جواني، ھي ٽيئي،
آه ٽي چار ڏينھن واھَڙُ9 وَهُ.
جاچ سان ڏِس سَرِيرَ جو ڪارڻ،
ڀُل مَ ڀورا! مٿيون ڏِسي ھي تَھُ.
جي ملڻ مُحب جو پيو چاھين!
ڪنھن کي ڄاڻج نہ گهٽ، سڀن سان ٺَھُ.
دل صفا صاف ڪر ادا ’آسُو‘!
پوءِ لالنَ لقاءُ10 دل ۾ لَھُ.
(1) نٽائڻ (2) مستي (3) وڌڻ (4) ارادو (5) زيور (6) مُشڪل (7) ظاھر (8) بندگي، ساراه (9) پاڻي جو وھڪرو (10) ديدار
غزل (146)
لُطف سندس دَمبَدم1، قھر سندس گاه گاه2،
ھِيئَن بہ سڄڻ واه واه، ھُونءَ بہ سڄڻ واه واه.
فضُل مڱج مڱڻهار، عجب اٿئي يارَ پار،
ڪِٿ تہ پيادا سُوار، ڪِٿ تہ پِنن شاه شاه.
فِڪرَ سندو پڙه سبَقُ، دردُ سڄڻ ڪر دَرَڪُ3،
وار ٻيائيءَ ورَقُ، نفسَ کي ڪر پاه پاه.
صبر ۽ سَنتوشُ4 رَکُ، پِرت سندو نوشُ5 چَکُ،
ڀور ڀڃِي دوشُ پَکُ6، ’مَمَتُ، اَھُون‘7 ڊاه ڊاه.
يا جي ھَسي، جي رُئي، رام رضا جيئن ھُئي،
اَوَسِ8 اُئَين ئي ٿئي، ڇو ٿو ڪرين آه آه؟
سَنت بتائينِ جَي، ھلڻ چڱو اُن مٿي،
گُم نہ ڏٺم ڪي ڪٿي، چلن سَنئين راه راه.
جيسين سڄڻ نا پَسن، رَنج اَلم9 سڀ سَھن،
رات ڏينھان سي رَھن، قرب ڪنان ڪاه ڪاه.
الف ھڪو رکج مَنُ، سِکڻ ٻيو ھڻج ٻَنُ،
ڳالهہ ڪجئين منھنجي ڪَنُ، چُست منجهان چاه چاه.
گُلن منجهان عرَقُ ٿئي، رنگ جسم غرَقُ ٿئي،
ترڪ ٻيو فرَقُ ٿئي، وچئون ويا ٺاه ٺاه.
ياد الک کي ڪجَي، عام کي ڇا مَنجُهہ10 ڏِجَي!
سُور سڄڻ سانڍجَي، ’آسُو‘ سنئُون ساه ساه.
(1) ھر دم (2) ڪڏھن ڪڏھن (3) سمجهَہ، گيان (4) تحمل (5) ڍُڪ (6) ڏوه جو کنڀ، پَرُ (7) منھنجو آھي، آئون آھيان (8) ضرور (9) ڏک درد (10) دل جو راز
غزل (147)
رَميو1 رھين ساجنَ! سدا، توکي ڏِسان ڪھڙيءَ جڳھ؟
سچ جوتِ2 تُنھنجي جابجا، توکي ڏِسان ڪھڙيءَ جڳھ؟
جُنبِي3 چَلن4 جڳناٿَ ڏي، ڪيڏار، بَدرِيناٿَ ڏي،5
ڪاشِيءَ وڃن ڪي دُوارڪا، توکي ڏِسان ڪھڙيءَ جڳھ؟
ھر جاءِ ھندستان ۾، تاتار، تُرڪستان ۾،
اِيران ۽ آفيرڪا، توکي ڏِسان ڪھڙيءَ جڳھ؟
ڪي چين، عربستان ۾، يوروپ ۽ يونان ۾،
توڻي وڃن آميرڪا، توکي ڏِسان ڪھڙيءَ جڳھ؟
پاتال6 ۽ آڪاس ۾، ھر رنگ ۽ ھر واس ۾،
خالي نہ آھي وَستُ7 ڪا، توکي ڏِسان ڪھڙيءَ جڳھ؟
ڏَھنِي ڏِسِن8 ۾ نُور تو، چمڪي چِٽو ڀرپور ٿو،
مَخفِي9 رھين مُورَت10 ڪنا، توکي ڏِسان ڪھڙيءَ جڳھ؟
’انسان ڳُجهُہ پنھنجو ڪيَئي، پنھنجو بہ ڳُجهُہ ان ۾ رکيَئي‘،
آھين نہ کِڻ11 جانبَ! جُدا، توکي ڏِسان ڪھڙيءَ جڳھ؟
ڏوريو12 سُتَي ٿي جن جِتي، تن کي مليو آھين تِتي،
ناھن چڱا کائڻ ڌِڪا، توکي ڏِسان ڪھڙيءَ جڳھ؟
’آسُوءَ‘ سچو ستگر ڪيو، رولو ٻيو وڇڙي ويو،
اندر ئي ڏِسان لالنَ لقا13، توکي ڏِسان ڪھڙيءَ جڳھ؟
(1) موجود (2) نور (3) ھليا (4) ھلن (5) جڳناٿ، ڪيڏار، بدريناٿ، ڪاشي ۽ دوارڪا ھِندن جون مقدس جايون (تيرٿ) آھن (6) زمين جو ھيٺيون طبقو (7) شيءِ (8) ڏه طرفَ: 4 پاسا، 4 ڪُنڊون، ھيٺ، مٿي. يعني ھر طرف (9) ڳُجهو (10) شڪل شبيھہ (11) پل (12) ڳولهيو (13) نظارو
