شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ب‘

غزل (6)

جن محبت پيتو شَراب شَراب،
سي ڇڏي سانگ1 ٿيا ڪَباب2 ڪَباب.

تُون، تُونھين تُون، اھا آلاپ پوي،
تَنَ سنديون تِن رڳون رَباب3 رَباب.

آهِ آنند4، عيش ۽ آرام،
ويو مٿائن لھي عِتاب5 عِتاب.

روڪَ ڪنھن ڪين روڪيا ھرگز،
شوق کان پار پيا شِتاب6 شِتاب.

عشق اڳيان سڀئي غلام ٿيَن،
توڻي ارباب ھُئي نَواب نَواب.

جن کي ناھي لڳي ڪا لئُون لالن،
آه ’آسُو‘ انهن عَذاب عَذاب.

 

(1) آسرا، لاڳاپا   (2) اھو گوشت جيڪو شِيخ تي پچايو وڃي   (3) طنبوري جھڙو ساز   (4) سڪون   (5) ميارَ، شڪايت   (6) جلد   

 

غزل (7)

اَچِي اڄ مليو مُحب مھرُون1 مُنيبُ2،
وڇوڙي جي ڦَٽَ جو ٿيو تَنَ طبيبُ.

پسي حال ھيڻو، ڪري ڀالُ پاڻَ،
نوازيَئين نظر سان ھيءُ گولو غريبُ.

ٻيائي سندَي درد دافع3 ٿيو،
يڪا يڪ ملي ھيڪ ٿيَڙو حبيبُ.

اوسيئڙا ۽ اَوۡندوهَ4، گُوندرَ5 ويا،
وڏي قرب، حُب مان مليو سو قريبُ.

لکين شُڪر، شاديون6، ڇيھي کان ڇُٽيس،
نِڌَر7 جو وريو ڀاڳ، ڀينر! نصيبُ.

تجَلو ڏٺم نُور جو دل اندر،
بھرجا بھر رنگ8، نِرمل، نجيبُ9.

اھا آه عِبرت10 ۽ اچرج، عجب!
ڍڪي ويس آدم جو، آيو عجيبُ.

آھي سروَ وِياپڪ11 سَڀت ۾ سَمان12،
اکين ھِنِ سان ناھي ڏسڻ جو مُجيبُ13.

’آسُو‘ عشق جو سِر ظاھر نہ ڪر،
ھمہ جا ھمہ وقت14 ۾ ره اديبُ.
 

(1) خوبصورت   (2) سربراه، اڳواڻ  (3) دفع (پَري) ڪرڻ وارو   (4) ڏُکَ   (5) ڳڻتيون   (6) خوشيون   (7) بيوس   (8) ھر جاءِ ھر رنگ  (9) پاڪ، صاف سڳورو (خدا)   (10) حيرت   (11) ھر جاءِ موجود  (12) ساڳيو، ھڪ جھڙو  (13) قبول ڪندڙ (خدا)   (14) ھر جاءِ ھر وقت
 

غزل (8)

جي ڪرِين محبوبَ! موڳي سان حسابُ،
لڄ مَران! ڪھڙو سگهان ڏيئي جوابُ؟!

ڏوه ڏِسيو ٿو ڏَڪي ھِيڻون ھِيُون،
ھن عمر ۾ ڪو نہ ڪيَڙم ڪو صوابُ1.

زور، ٻَل سڀ بُت منجهان نڪري ويو،
ھاڻ ڪونهي سھڻ مون ۾ تاءُ2 تابُ3.

سَرن4 تُنھنجي سامَ5 پيئي آھيان،
لڄ ڀريا! رک منھنجو اڳيان آءُ آبُ.

تُنھنجي گولن جي غلامي ڪئي قبول،
اُنِ سندو جهليم اچي ڪنجڪ6 رِڪابُ7.

تون سچو، قدرت جو ساگر بي شمار،
آئون اُن قدرت منجهان آھيان حُبابُ8.

سَرڳ9 جي ھڏ ڪا طلب ناھيم سچ،
ڏي ڪو درشن، کولي نيڻن تان نقابُ.

ٻانِهڙو ’آسُو‘ آسائُو10 دَر کڙو،
لاه تنھن سان ھِجر11 وارو ھيءُ حجاب.

 

(1) ثواب، چڱو ڪم   (2) سيڪ   (3) تڪليف   (4) پناه   (5) لڄ، امانت   (6) گهوڙي جو لغام   (7) گهوڙي جي ٻنهي پاسي لڙڪندڙ لوھي پيرڙيو   (8) ڦوٽو، بُلبُلو   (9) جنت   (10) سوالي   (11) جدائي   

 

غزل (9)

ھيترِي مَتِ ڏيڻ سان، نفسُ رھي نادان تَہ بِہ!
مون تہ ڀانيو ماڻهپو مَنَ وٺي، حيوان تہ بہ!

ڪئين سُلوڪي1 فائدا، بندگيءَ جا قاعدا،
ڏنم تنھن کي اي ادا! نا مڃي، شيطان تہ بہ!

ڇڏ لَڱائِي ۽ لَڱِي2، ڪر چڱائي ٿئي چڱي،
ڪا نہ ملنديئي ھُت مَڱِي، پر وَتي مستان تہ بہ!

ڪر مِٺل خاطر جمع، سڀ بلا تو تان دفع،
ترڪ ڪر گِيرَب3 طمع، حِرص ۾ غلطان تہ بہ!

ھن پِٽئَي کي پَلڻ جا، ٻَڌم نِيَر4 نِمڻ جا،
واٽ سنئينءَ تي ھلڻ جا، وَسُ نہ وِھي، مروان5 تہ بہ!

زھر کي کائي لڪيو، آراد6 ڏاھين رکيو،
ڪيُم حاضر سڀ ھڪيو، اَمبرَت7 سامان تہ بہ!

زور وارو ويُس وَسُ، پوڙھپڻ جو لڳس دَسُ،
پر نہ ساڱاھي8 نَجس9، اٿم ايءُ ارمان تہ بہ!

ھيءُ نِٺر10 سنئين راه تي، آڻي خاوند لُطف سين،
ٻانِهڙي ’آسُوءَ‘ مٿي، ڪر عطا ايمان تہ بہ!
 

(1) حق جي رستي جا  (2) بدڪاري ۽ بُرائي   (3) تڪبر   (4) زنجير   (5) ڪافر   (6) عبادت   (7) اَمرَت، آب حيات   (8) سمجهي   (9) ناپاڪ   (10) ھوڏي، ضدي