شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’س‘

غزل (79)

ھِن دنيا جي دور تي، اي دل! سنديَم اِسرار1 ڏِس،
ڪِٿ سدائين پَٽ سُڃا، ڪِٿ گاهَ ۽ گُلذار ڏِس.

ڪي مَرن ٿا ڪاڻ ڪوڏيءَ2، ڪي تہ زرَ3 تي مُڇ ڇَنڊين،
ڪي پيادا پنڌ، ڪي ھستيءَ4 مٿي ھَسوار ڏِس.

ڪي خوشيءَ ۽ عيش، شاديءَ، ڪي فڪر منجهہ ڏک غميءَ،
ڪي سُکيا سَنرا بدن ۾، ڪي اَڻھِيءَ5 بيمار ڏِس.

ڪي وَتن واپار ۾، ڪي گهَور تي گهورُو گهُمن،
ڪي حڪومت ڪرن حاڪمَ، ڪي گدا پينار ڏِس.

ڪي چُست، سُورهَ، پھلوانَ، ڪي سُست بزدل بي ھمتَ،
ڪي مليا محبوب سان، ڪي سِڪ ھنيل افگار6 ڏِس.

ڪي ڪفر تي رھن قائم، ڪي ڪرم، ڪي شرع تي،
ڪي صفا صوفي رھن، ڪي مستَ ۽ سَرشارَ7 ڏِس.

ڪي سخا تي وتن وِھسيو8، ڪي ڪنجوسيءَ بُخل9 ۾،
ڪي ڪُپت ۽ ڪوڙ تي، ڪي سچ سُپت10 سچيار ڏِس.

ڪي خدا پوڄڻ ۾ شائق، ڪي پرستيءَ بُتن جي،
ڪي سُنَتَ جي منجهہ ٻَڌڻ، ڪن کي گلي زنَار11 ڏِس.

ڪي عقل ۽ علم ۾ ڀڙ، ڪي جَھِل ۽ ٻُڌِ بِرَشٽَ12،
ڪي ننڍا ئي ناموَر، ۽ ڪي وڏا بيڪار ڏِس.

ھي مِڙيوئي ڀاڳ جي آھي پِراپت13، جَي ٻُجهين14!
ڀاڳ خود ڄاڻيج، ڪرڻيءَ جا سڀئي پِرڪار ڏِس.

جي ڀائين ’آسُو‘، ھُجان آنند ۾ تا دل اندر،
ھِرک15، شوڪَ16 ره نيارو، دوست جا ديدار ڏس.

 

(1) ڳجُهہ، راز  (2) آڳاٽي وقت جو ھڪ ننڍو سِڪو   (3) مال ملڪيت   (4) ھاٿي   (5) سدائين   (6) ڦَٽيل   (7) نشائي   (8) خوش ٿيندا   (9) تنگدلي   (10) سچائي   (11) جَڻيو   (12) مَت منڌل، بي عقل   (13) حاصلات   (14) سمجهين   (15) خوشي   (16) ڏک، غم 

 

غزل (80)

عاشق مٿي سِڪ، سُورَ جو، ھِڪڙو اِشارو آه بس،
محبت سندَي مذڪُورَ1 جو، ھِڪڙو اِشارو آه بس.

دانھُون مُٺَن2 جيئن ڪِينَ ڪر، دل ۾ تہ ڪوئي ڌيان ڌر،
محبوب وٽ مھجُورَ3 جو، ھِڪڙو اِشارو آه بس.

ھُئي سِڪ سچِي پھلاج سان، پيو پار آڙهِ باه کان،
موسى مٿي ڪوهِ طُورَ جو، ھِڪڙو اِشارو آه بس.

ھِنگلاج ڏي ڪي ٿا ھَلن، لاھوت ڏي ڪي ٿا لَڙن،
سائي سچَي پِرَ پُورَ4 جو، ھِڪڙو اِشارو آه بس.

نوديءَ ٻُڌيا5 مان ڪينَ ٿئي، چائي تي ڪجهہ تاثير ٿئي،
تِيليءَ طبع اک گهُورَ6 جو، ھِڪڙو اِشارو آه بس.

انڌَي اڳيان ديپڪ7 جڳي، سِکيا ائين پانۡبر8 لڳي،
سمجهُوءَ مٿي تہ شعورَ جو، ھِڪڙو اِشارو آه بس.

جي ذاتِ حق آدم نہ ھُئِي، ڏنڊوَتِ9 مَلَڪن10 ڪيئن ڪئي؟
اِبليس انڌ غُرورَ جو، ھِڪڙو اِشارو آه بس.

ڪنھن ٿَي اناالحق پَدُ11 اُتو12، پيو نا مُلن کي ڪو پتو،
’آسُوءَ‘ مٿي منصور جو، ھِڪڙو اِشارو آه بس.

(1) ذڪر، گفتگو   (2) ڦاٿلن   (3) درد وارو   (4) پرينءَ جو پُورُ يعني خيال، ياد   (5) نود: ھڪ جانور، جنھن کي سُوئو بہ لڳي تہ اثر نہ ٿيندس. نود وانگر بي اثر عقل   (6) تيز نگاه   (7) ڏيئو   (8) بيوقوف   (9) سجدو   (10) ملائڪن   (11) منزل   (12) چيو   

 

غزل (81)

عجب دورو زماني جو لڳو، احوال ھھڙو پَسُ،
مٽِي مرجاتِ1 ماڻهن مان، ٿيو مَنُ تن جو ڪارِي مَسُ.

نہ نيڪي، صدق ۽ نئڙت، دَيا2 ۽ ڌرم3 ويو گهٽجي،
مَدايِن4 لاءِ سي موڳا، ھلائين ٿا وڏو ئي وَسُ.

شِڪل انسان جي ۾ ٿي، رکن شيطان جي سِيرت5،
سچائي ۽ سُپت ڇوڙي، ڪچائي جُوٺ ڄاڻن جَسُ6.

توڻي پُستڪ7، وَچن8 ساڌَن9 سندا چُھِبڪ ھڻن چستئُون،
اثر اصلِي نہ ٿئي اُن کي، چڙھين قلبي ڪا اھڙي ڪَسُ.

ڏسان بد خواه10 پُٽَ پيءَ جا، ويو اَشنِيھِ11 ڀائينِ مان،
لڙائي جا لڳي نُنھن جي، ڊڄن ٿا مُڙس، سھُرو، سَسُ.

ڪميڻا ڪوڏ مان ڪُڏيو، گلابي ٿا پيئن شربت،
پيئن اشرافَ رت جگري، سڄو گهر تن نہ آھي طَسُ.

ناھي موجود پَتِ ورتا12 کي، ڪپڙو انگ لئِہ اوڍڻ،
ڏسان ڪمذات ڪَڃرِين کي، ڳچيءَ ۾ ھار سونو ھَسُ.

گَڏھڙو گاه داڻي تي، ھڻي ٿو گوز13 ڪاپاري،
ڏسان ڏُٻرو14 ڏکيو گهوڙو، نہ ان وٽ ڪو ھجي ھڪ خَسُ15.

ڏسان ٿو ڪينَ ڪيني کان، ڪٿي خالي بہ دل ڪنھنجي،
عدل، حَقُ حاڪمن ڇڏيو، رِيا16 رشوت جو پيَڙن رَسُ.

اِلاھي! امُن ڏي ’آسُوءَ‘، بچائج کون بُري پھري،
رھي تو ياد ۾ ھر دم، وٺي قائم گرُوءَ جو گَسُ.

 

(1) حياءُ   (2) رحم   (3) مذھب جي پيروي  (4) بڇڙاين   (5) ھلت چلت   (6) نيڪ نامي   (7) ڪتاب   (8) ٻول   (9) ساڌو، فقير   (10) ويرِي   (11) قرب   (12) نيڪ عورت   (13) ٽِٽُ   (14) ڪمزور   (15) سُڪل گاه   (16) ٺَڳي   

 

غزل (82)

مُحبَ منٺارَ جي ملڻ جي آسَ،
مانَ پورِي پسڻ ٿئيم پياسَ!

جيئن جُڙِي تون ھتي جڳٽ آئين،
پارُ پنھنجِي اُھا جا باسيَئِي باسَ.

ٻيون اجايون سَڌُون اٿئي نڪميون،
رکج ’ويراڳ‘1 جي اندر تن تاسَ.

ٿيءُ ’وِوَيڪِي‘2 تہ سڀڪائي سُڌ پئَي،
سِر سٽڻ ڪر گرُوءَ اڳيان اَرداس3.

شبدُ، سُرتِي4 مِلاءِ پنھنجي ساهَ،
نہ تہ اندر تنھن سواءِ رات اُماس.

ڌار ’کٽِ شَنپَدي‘5 سندي رھتِي،
پوءِ ’مَموکِي‘6 سندِي رکيج اُڪاسَ7.

اُن بنا ڪو ڪلياڻ ڪنھنجو ناه،
ٻيو سڀئي جُوٺ جُوٺ8، جڳ جي لاسَ.

ھن بدن جو بنيو ائين بوتو،
جيئن تُٿَو9 ٿو کپائي کائي ڏاسَ10.

ھوش رک! ھٿ اچي نہ وقت ويل،
ھن گذر گاه ۾ سنڀالج ساسَ11.

نا تہ ڀٽڪِي مَرڻُ مِرُن12 جيئن ٿيو،
بِن ڀڄن، زندگي اٿيئي وِماسَ13.

تنقيءَ14، تخليءَ15، تزڪيءَ16 رِي،
ٻيا دنيا ڪوڙ جا اُپاءَ ھلاس.

تصفيءَ17 سان صفا سمورو ٿيءُ،
تجليءَ18 جاءِ پوءِ پس پرڪاس19.

ساڻ تعلق20 ۽ تعبدي21، خلق22،
ويک ’آسُو‘ لقاءَ کي اَڀِناس23.

 

(1) عشق جي زور ۾ دنيا ڀُلائي ڇڏڻ  (2) ست (سچ: آتما، پرماتما)، اَسَت (ڪوڙ: ھي جھان) جي ڄاڻ رکندڙ  (3) اِلتجا    (4) نام (الاھي ذڪر) سان ڌيان (فڪر) 
(5) ڇھہ خزانا: 1. سَم (من جو روڪڻ)،  2. دَم (اِندرين يعني حواس ۽ عضون جو روڪڻ)،  3. اُپرت= اڪيلائي واري جاءِ ويھڻ،  4. تتکشيا (ڏک، سک ھڪ ڄاڻڻ)،  5. سَردا= (گرُو جي وچن (ٻول) تي ويساه رکڻ)،   6. سمادان (عمل ڪرڻ)
(6) معرفت، ڇوٽڪارو   (7) طلب   (8) ڪوڙ ڪوڙ   (9) ڪپڙا ٽُڪيندڙ جيت  (10) اُنَ يا ٻڪري جا وار، ڪپڙو   (11) سواس، دَمَ   (12) جانورن   (13) پريشاني   (14) پاڪائي   (15) ترڪ ڪرڻ   (16) عبادت   (17) صفائي   (18) روشنائي   (19) روشني، جوت   (20) لاڳاپو   (21) عبادت ڪرڻ   (22) عادت وٺڻ   (23) اويناش، نہ ختم ٿيندڙ يعني مالڪ