شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ڄ‘

غزل (41)

ويھي وڃايَئي ھيءَ وَھِي1، توکي اچي ٿي ڪا نہ لڄَ!
وارِي گهَڙيءَ مان جيئن وَھِي، توکي اچي ٿي ڪا نہ لڄَ!

سنگتي سڀئي وِيَڙا لڏي، ھي مال مڏيون ھِت ڇڏي،
تون ڪيئن ويٺين ٺومان ٺھِي؟ توکي اچي ٿي ڪا نہ لڄَ!

محلات ۽ ماڙيون اڏين، دنيا ۾ گِيدي2 دل گڏين،
تومانَ3 سڀ ويندءِ ڊَھِي، توکي اچي ٿي ڪا نہ لڄَ!

ڌُريون جڏھن ايندءِ ڌِڪو، جيڏن ۾ اُت رھندين ڦِڪو،
جِت واچبِي4 ’ڪرَمَن وَھِي‘5، توکي اچي ٿي ڪا نہ لڄ!

سُک ۾ جيڪي اوڏا6 اچن، دُک ۾ نہ ڀائِي سي ٿيَن،
پِرتَڪشُ7 پَس پاڻهي پَھِي، توکي اچي ٿي ڪا نہ لڄ!

ڀَڙڀِيڙ سان اڳيان پُڇن، حيلا نہ ٻيا جِت ٿا ھلن،
ايءَ ڳالهہ ڳُڻوَنۡتَن8 ڪَھِي، توکي اچي ٿي ڪا نہ لڄ!

’سچُ‘ کِير، وِجهہ ’سَبدِي‘9 سَبلڻ10، ڪڍ سان مَنڌِيءَ11 ’گيانيءَ‘12 مکڻ،
ٻِي ڪري ڦِٽي ميلِي مَھِي13، توکي اچي ٿي ڪا نہ لڄ!

’آسُو‘ سُڀانڪي ڏينھن لئِہ، اوڍيندين ڇا! افسوس ھَئِہ!
ڪتَئِي14 نہ ھڪ پوڻِي پَھِي15، توکي اچي ٿي ڪا نہ لڄ!

 

(1) عمر   (2) بيڪار   (3) ٺاٺ، ملڪيت   (4) جانچبِي   (5) عملن جي بندِي   (6) ويجها   (7) ظاھر  (8) دانائن، ھوشيارن  (9) شَبدِي: ذِڪر جو   (10) سنباڻ، ڌؤنرو   (11) جهيرڻو   (12) حقيقي ڄاڻ، علمِ اِلاھي   (13) مکڻ نڪرڻ کان پوءِ باقي بچيل ڦوڳ   (14) ڌاڳو ٺاھڻ لاءِ ڪپھہ کي چرخي ۾ ھلائڻ   (15) ڪپھہ ٽڪر   

 

غزل (42)

نفسَ جو ڄاڻجئين تِکيرَو1 وَڄُ2،
ڀَئُہ رکِي تنھن ڪنان، بلاشڪ ڀَڄُ.

آه ويجهو وڃڻ وڏو ڇِيھو3،
پوءِ نقصان، ھاڃَ ۾ نا ھَڄُ4.

رک قدم ڪِيرتَن5 اندر قابُو،
ڪيمَ کَڻُ پاءَ ۾ کُھيا تون کَڄُ.

بُردباري اٿئي وڏو ئي ٽولُ6،
ڀيرَ7 پوريءَ جيان نہ واڄٽ8 وَڄُ.

وِجهہ سڀاڻ تي نہ، ڪوه9 ٻُجهي10 ڇا ٿِئي؟
ڪم سمورو پُڄِي سگهين، ڪر اَڄُ.

ساريون آڻ، ڪڍ رَيُون11، پَٿِرو،
تنھن ڇنڊڻ صاف لاءِ، دل ڪر ڇَڄُ.

سڻڀُ سچَ، چانورن چڱائِي گڏ،
پوءِ رَڌي کائِي، ’آسُو‘ ڪر ڪو رَڄُ12.
 

(1) تيز   (2) سَنگهو، ڏندَ (مِرُون جا)   (3) نقصان   (4) تڪليف ۾ اچ   (5) ايشور جا گڻ ڳائڻ، ڀڄن ڪرڻ   (6) شيءِ   (7) ٽامي جو وڏو نغارو  (8) وڄائڻ جو ساز   (9) ڪير   (10) ڄاڻي   (11) چانورن جي ڪَترَ يا ڀورَ    (12) ڍءُ