شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ز‘

غزل (77)

ھيڪ جهُونو ٿيو سندوءِ جھاز،
بارُ بَدين وڌوءِ بي انداز.

دُور دھشت، درياه ۾ ڌڌڪو1،
وِير لھرن جو ھئبتي2 آواز.

ٻيو بہ سَنڪو3 ڇتر4 سرِير5 جو رک،
ٿو اُٺائي چنبي ۾ بحري باز.

ٿي اَسارو6 آڻي ھَيَئي اِڊَ تي،
پوءِ بہ موڳا! وري ڪرين ڇو ناز؟

ھي ڏسين ٿو حواسَ جَي سنگي!
سمجهُہ! ھر ھڪ ٿيندو مٿَي غَماز7.

پوءِ پڇتاءُ آه مُورِکپَڻُ8،
اول ڄاتئي نڪي نشيب و فراز9.

لوڪَ کان جَي لِڪائي ڪرمَ ڪيَئي،
آه صاحبَ تي تُنھنجو روشن راز.

ڦولِهہ ڦوري سندِي جتي ٿيندي،
اُتِ پڌر ٿي پويئي سير پياز.

ھاڻ توبھ بہ ڪر، لطف پڻ مڱ،
تارَ تِک تان تريئي اھو تہ تراز10.

ڇا ڪندين ٻاجهہ تون ٻين جِي کي؟
ھيڪ سائين سندوءِ گهرجي ساز.

جا ڀُلي ڀاڻ آئي، سا نہ ڀُلي11،
آه آگو12 دَيال13 بندہ نواز.

ڪيئن پسند پيو پيار مان سو سوچ،
ڏِس محمود وٽ غلام اياز.

ڪو نہ چارو ٻيو اٿئي ’آسُو‘،
ره صفا، ڪر سدائين عجز نياز.

 

(1) گجڪار گجگوڙ   (2) خوفناڪ   (3) خوف   (4) ٻيڙو   (5) جسم   (6) غافل   (7) چُغل، ٻڌائڻ وارو (8) بيوقوفي   (9) ھيٺاھين ۽ مٿاھين (دم جي)   (10) جھاز   (11) پھاڪو. مطلب: جنھن بد ڪمن کان توبھہ ۽ پاسو ڪيو، ڄڻ بَدي ڪيئين ئي ڪو نہ   (12) مالڪ   (13) ٻاجهارو   

 

غزل (78)

کِير ۽ نِير جو ڪيَئِي آمَيز1،
ڪيئن جُدا ٿئي؟ ڪرين جي پارچَہ پَيز2.

چاڙه چُلهہ تي، چڱي طرح ڪاڙھي،
خاص ٿئي کير، ٻيو ڇڏيج سِتَيز3.

کنڊُ ۾ جا گڏيئي اچي وارِي،
مورِ4 ٿِي کاءُ، سمجهہ رکجنئي تيز.

ڳاهَ5 اَنَ ۾ ڌُڌُڙِ6 اچي چَڪَ سان،
ٿِي پکي، چُڻُ اُٿي سِگهو برخيز7.

پُڇ ٻَڌي ڪيئن ٿيندين مثل مھرِي8؟
ڪين ڪيَڙِي گناه کان بہ گُريز9.

ڪا خبر لھ، سجاڳ ٿي ننڊ مان،
ھي زمانو اٿيئي شور انگيز.

يار جي پار ڏنۡھن پيو پُورج،
ٿِيج دُرويش، ٿي نہ دَرِ آويز10.

دل ڪَپڙ کي صفا ڪرين ’آسُو‘،
پوءِ لاييئِي رڱ سچو رنگريز.

 

(1) ميلاپ   (2) ڪپڙي ۾ ڇاڻڻ   (3) لڙائي، جنگ ڪندڙ   (4) ماڪوڙي   (5) اَنَ ڪڍڻ لاءِ سٿي مٿان ڍڳا ھلائڻ   (6) مٽي   (7) اُٿ   (8) اُٺ   (9) ڀڄڻ   (10) لٽڪندڙ