شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ي‘

(152)1

اُڀِي ادب سان پلاندُ2 پائَي، صبا! ھي چئُہ حالُ يارَ سارَي،
سواءِ تُنھنجي حبيبَ! گولِي، ھتي گهڙي ٿي گهَنگهَر گُذارَي3.

وٺي نہ باخُود4 سَڏَي وئين تون، ڀنڀور ۾ ڇو ڇَڏَي وئين تون؟
جنجالَ ۾ جيءُ گَڏَي وئين تون، وِلهيءَ5 کي ڇڏجو نہ وَرَ! وِسارَي.

اُڃايلن کي پيار پاڻِي، اچي ٿرن ۾ ٿِئَيمِ ساڻِي،
سدائين ساجنَ! مِٺا! آرياڻِي! توکي جڏو جِند جيءُ سنڀارَي6.

آھيان ڪميڻي، اَٻوجهِہ ۽ ڏَڏِ، نہ لاھيان آسَ تو منجهان ھڏِ،
لُڪُن لَڪَن7 جِي ۾ ڇوري نا ڇڏِ، جڏھن تُنھنجي پيَس پَنارَي.

ٻنهي جھانن ۾ ڀروسو تون، سواءِ تُنھنجي نہ واه ٻي مون،
اچي پيَس پيش تُنھنجي آئون، ٿَڪِيءَ کي ڪر پار تون اُڪارَي.

’آسُو‘ دنيا بي بقا اٿيئي، ڇڏي ٻيا واسطا سڀيئي،
پرِيت پِرَ سان نباه نيئي، حواسَ من جا مڙيئي مارَي.

 

(1) ھي غزل اڳين ڇاپي ۾ ڇپجڻ کان رھجي ويو.  (2) جهولِي   (3) درد، ڏُک ۾ گذارڻ   (4) پاڻ سان   (5) سُڃي ڏُکي، بي وارث   (6) ياد ڪري   (7) جبل جا ڏکيا رستا ۽ ڪوسيون ھوائون   

 

(153)1

دارُون2 دوا ڪري پيئڻ، ڪنھن پَرِ نٿو جُڳائَي،
پَرَ مُول3 سڀ وِڪارَن4، وِشيُن5 کي ٿو وڌائَي.

يارو! شراب ناھي، خوارو خراب آھي،
شاه و نواب ڊاھي، پَينُو ڪري پِنائَي.

ھن ڪَيفَ6 حيفُ ھوءِ، سڀ مانُ ڀاءُ ڌوءِ،
ڪُل ڪارپت کي کوءِ، رَندَن7 ۾ ٿو رُلائَي.

ميخور8 ڏٺام لُڇندا، بازار ۾ ڦٿڪندا،
ژژ ژژ ڪري پيا بڪندا، ساڃاه کي گنوائَي.

ڇنڊو ۽ چرش، گانجو، آفيم، ڀنگ ڀائِنجو،
شيطان کان نہ لانجهو9، واڌُو ٿو وِکَ وڌائَي.

ھر ھڪ نشي جِي چاٽِي10، اِبليس ياري گهاٽِي،
اھڙِي وجهي ٿو آٽِي11، نَئَي12 نَرڳَ13 ڏي نِمائَي.

سڀڪو نشو نڀاڳو، جھڙس نہ ڪو اڀاڳو،
لاھي اِنھيءَ جو لاڳو، جُند سُورمو ڇڏائَي.

ناڻي جو ھيڪ جوکو14، ٻيو بُت ڪري ٿو کوکو،
ٿئي ڪم نہ ڪوئي چوکو، بَدِ ڪمَ سڀئي ڪرائَي.

دوزخ جو آه ٽانڊو، ساڙَي سَرِير ڀانڊو،
سينو، ڦڦڙ ۽ آنڊو، جيرو، جِگر جَلائَي.

ھِن نانگَ جنھن کي کاڌَو، تَنھنجو جو ٿِئي نہ واڌَو،
سمجهو پيارو ساڌَو! ٿو ساه کي سِجهائَي15.

ھيءُ زھر آه قاتلُ، جنھن سان ٿيو جو شاملُ،
بڇڙو ڪريس باطلُ، متيون ڇڏي مُنجهائَي.

ھن کي جيڪو ڇُھي ٿو، ڏي پاڻ کي ٻُھي ٿو،
ھٿ ساڻ ڪنڌ ڪُھي ٿو، لعنت جو لاڳ پائَي.

ويدن، قرآن آکيو، انجيل ۾ بہ لکيو،
آھي پليتُ پرکيو، ٿو ماڻهپو وڃائَي.

سڀ ڌرم ٿا ڌِڪارين، ساڌُو سچا پُڪارين،
تحقيق ٿا تنوارين، مَنَ پاڻ ڪو بچائَي.

آھي الاھِي آفت، مالڪ سندِي مصيبت،
مڃ ھيءَ سنديَم نصيحت، ڏس سان ھِنئين ھنڊائَي.

ڪر سڀ نشي کان گوشو16، کڻ خير ساڻ خوشو،
پرلوڪ17 لاءِ توشو18، اَھنجِيءَ19 ۾ پُٺ ڀرائَي.

پيءُ تون پريم پيالو، صوفي سندو نيوالو،
’آسُو‘ تون ره اُجالو، لئُون رام ساڻ لائَي.
 

(1) ھي غزل اڳين ڇاپي ۾ قصيدي جي عنوان ھيٺ رکيل ھو. طوِيل غزل ھئڻ ڪري ھت رکيو ويو آھي. اصل نسخي ۾ ھن جو عنوان ’نشي بابت‘ ڏنل آھي  (2) شراب   (3) اصل  (4) من ۾ ويٺل پنج دشمن: ڪام (خواھش)، ڪروڌ (ڪاوڙ)، موه (لاڳاپو Attachment)، لوڀ (لالچ)، اھنڪار (تڪبر)   (5) پنج حواس؛ جيڪي دنيا مان ڄاڻ آڻي نفس کي ڏين ٿا ۽ انسان کي وَٽس مائل ڪن ٿا: ٻڌڻ، ڇُھڻ، ڏسڻ، چکڻ، سُنگهڻ     (6) خمار   (7) رستن   (8) شراب واپرائيندڙ   (9) گهٽ   (10) چُوسَ   (11) وڪڙ   (12) وٺي وڃي   (13) دوزخ   (14) نقصان   (15) ساڙي   (16) پاسو   (17) آخرت   (18) ثمر   (19) ڏکيائي   

 

غزل (154)

اڄ اُٺو1 مِينھن رحم جو آھَي،
ڌَڻَ ڌڻارَن ڪڍيا سڀئي ڪاھَي.

سبز ٿيا جهنگ وَشٽ2 سڀ پوٺا،
مُلڪ کي مھر سان ڇڏيَئين ٺاھَي.

چوطرف ٿيون سُڪارَ سَرھايون،
گهَرَ ڏُڪارن سندا وڌئين ڊاھَي.

پلَڪ پل ۾ عجب سندس اسرار،
تيئن ڪري ٿو اُو يار جيئن چاھَي.

ھيج3 مان ڏات ڏي سڏي ڪِن کي،
ڪِن ويچارن کي ٿو ڏي ڦاھَي.

ناه ڪنھن کي مجال ڪا اھڙي،
سينو تنھن يار سان کڻي ساھَي.

خواب ۾ رات ھيءُ اشارو ھڪ،
اي عزيزو! ڏنو مون کي ڏاھَي.

ڏکَ منجهان سُک سِگهو ٿئي ’آسُو‘،
آسَ اللھ مان مَ ويھُ لاھَي.
 

(1) وسيو   (2) رڻ پٽ   (3) چاه   

 

غزل (155)1

اُٿِي جاڳُ، مَنَ ساڻ جُڌِ2 جوٽَ جوٽَي،
اِسم ساڻ اللهَ جِي اوٽَ3 اوٽَي4.

حياتيءَ سندا ڳاڻ5 ڳڻيا مليَئي پَلَ،
سنڀالج، وڃائج نہ منجهہ کوٽَ کوٽَي6.

نفعي ۽ ضررَ7 جي خبر سڀ رکين ٿو،
نہ وِجهہ پاڻُ ڄاڻِي ٻُجهِي ٽوٽَ ٽوٽَي8.

جَٽڻ9 جڳٽ ۾ ايترو آه تُنھنجو:
پئِي جَل10 مٿي سِوَ11 ڦسي ڦوٽَ ڦوٽَي.

مِلَي سُرتِ12 سان شَبدُ13 ڪنھن ڀاڳ وارَي،
چَڙھائي دمن کي منجهان چوٽَ چوٽَي.

پنج14 ئي ڇاڙتا منَ جا وَسَ ۾ ڪرين تہ بہ،
نہ ڪج اعتبارِي مٿي ڇوٽَ ڇوٽَي.

پِرائي نہ سا دل پِريتِي15 پريَن جِي،
رَھي وانگيان ڪنگرِيءَ16 لوٽَ لوٽَي.

عبادت، پُکيارٿ17 ٻئي تو جُڳائِن،
نہ ڪارڻ ٻيَن جي کڏون کوٽَ کوٽَي.

اَڏِيءَ18 جو ڏِسي ڪاتُ عاشقُ ورَي جو،
سَتِي19 ڏاگهَہ تان جيئن مُٺِي موٽَ موٽَي.

ٿِئي دِيد ديدار ’آسُو‘ تڏھن تو،
جڏھن نفس کي گهُٽ گهُٽي گهوٽَ گهوٽَي.
 

(1) ھي غزل اڳين ڇاپي ۾ ڇپجڻ کان رھجي ويو ھو. (2) جنگ   (3) پناه   (4) وٺي   (5) ڳڻت ۾   (6) نفس   (7) نقصان   (8) نقصان   (9) بقا، قائم رھڻ  (10) پاڻي  (11) چانورن مان ٺھيل ھڪ پيڻ جي شيءِ  (12) ڌيان، فڪر   (13) نام، اسم اعظم   (14) پنج حواسَ؛ جيڪي دنيا ڏي مائل ڪن ٿا: ٻڌڻ، ڇُھڻ، ڏسڻ، چکڻ، سُنگهڻ    (15) پيار   (16) ننڍِي لوٽِي   (17) پُرشارٿُ: شاسترن (مذھبي ڪتابن)، سَنتن، فقيرن ۽ مرشد (گرُو) جي فرمان تي ويساه رکي عمل ڪرڻ. مالڪ جي راه ۾ پوري ڪوشش ڪري پنھنجو پاڻ سڃاڻي مُڪتي (معرفت) حاصل ڪرڻ   (18) ڪاٺَ جو ٽُڪر، جنھن تي گوشت  وڍجي   (19) قديم زماني ۾ مڙس جي مرڻ تي ھندو عورتون پاڻ کي مڙس جي لاش سان گڏ ساڙي ڇڏينديون ھيون. تن کي سَتِي سڏبو ھو. ھِت ان جي معنيٰ آھي تہ طالب پاڻ کي سچو عاشق تہ سڏائي ٿو پر جڏھن محبوب لاءِ ڏاگهہ (باه) تي چڙھڻ جو وارو اچي ٿو تہ ڀڄيو موٽيو وڃي. 

 

غزل (156)1

ڪا جا ھَنئِين سڄڻَ! تو اک جي اَڻِي اَڻِي2،
تنھن ميڇَ3 جان جيءُ ڪيو ماري پَڻِي پَڻِي4.

آءُ مون اڱڻ مھر مان، پيرا ڀيري مِٺلَ!
ھينئڙي ۾ حُب پسڻ جي آھيم گهَڻِي گهَڻِي.

ھُيَڙم نہ ڪَلَ، تہ ڪيچِي ويندَم قھر ڪري،
ڪنھن کي نہ ڏوه ڏيان، اِئين قسمت بَڻِي بَڻِي.

پيئي جهِڄان جهورِيءَ5 ۾، واھر ڀَتارَ!6 ڪر،
سڀ ماسُ بُت مٿان مون ويَڙو ڇَڻِي ڇَڻِي.

ھڪ بارُ، ٻيو نہ تارُو، ڪر پار اي خِضرَ7!
آھيان ٿڪي ڪُنن8 ۾ ھٿڙا ھَڻِي ھَڻِي.

رَهِ حقَ جَي ڏَسين! تان ڪر نفس کي ٽُڪر،
تلوار عشق جِي تون ھٿ ۾ کڻِي کڻِي.

ڏُک ۾ نہ رنج ٿيءُ، منجهہ سُک خوش نہ، ڪر شڪر،
ٿيندي اَوَس9 اُئين جا واحد وَڻِي وَڻِي.

دلڙي نہ ڌر دنيا تي، ’آسُو‘ چريو مَ ٿيءُ،
ڪر ياد پنھنجو ويٺو، دم دم ڌڻي ڌڻي.
 

(1) ھي غزل اڳين ڇاپي ۾ ڇپجڻ کان رھجي ويو ھو.  (2) نوڪ نوڪ   (3) اشاري   (4) ذرا ذرا   (5) تانگهہ   (6) ڌڻي   (7) رھنما   (8) درياه يا سمنڊ جي وچ تي پاڻي جو ڦِرندڙ گھِرو ھَنڌُ   (9) يقينن   

 

غزل (157)1

اچِي غمخوارَ2! تون ھڪ وارَ، لھُ ڪا سارَ گهايل جِي،
مِٺا منٺارَ! تون ھڪ وارَ، لھُ ڪا سارَ گهايل جِي.

آھيان حيران، منجهہ بَيبان، سان احسان، رس رھبر،
اڙيَن آڌارَ! تون ھڪ وارَ، لھُ ڪا سارَ گهايل جِي.

ڪريان دانھُون، ٻَڌِي ٻانھُون، اُٿي آھُون، منجهان آڌي،
وِلهِن3 واھارَ! تون ھڪ وارَ، لھُ ڪا سارَ گهايل جِي.

اچي بيحالَ ۽ جنجالَ ۾، ڪر ڀالَ ڀورِيءَ تي،
وَھِيان4 وينجهارَ5! تون ھڪ وارَ، لھُ ڪا سارَ گهايل جِي.

وَسن برساتِ جيئن ھيھاتِ6، مان ڏينھن راتِ، منھنجا نيڻَ،
ھِيئَين جا ھارَ! تون ھڪ وارَ، لھُ ڪا سارَ گهايل جِي.

ڀِرُن جِي ڇاٽَ، نيڻن ناٽَ7، بُتَ جِي گهاٽَ8، تو گهايَس،
مِٺلَ مُختارَ9! تون ھڪ وارَ، لھُ ڪا سارَ گهايل جِي.

سڄڻَ سياڻا! مَ ڪر ماڻا، نہ رُس راڻا! غريبن کان،
مِڙَن مھندارَ10! تون ھڪ وارَ، لھُ ڪا سارَ گهايل جِي.

نِھاريان راه، تو ڳر11 آه، منھنجو ساه، سوڍل! سچ،
شُڪر گفتارَ، تون ھڪ وارَ، لھُ ڪا سارَ گهايل جِي.

پيارا ڄامَ! تنھنجي سامَ12، ھيءَ گُمنامَ، پيئي آه،
عجب رفتارَ، تون ھڪ وارَ، لھُ ڪا سارَ گهايل جِي.

سُڃاڻي پاڻَ، مِنَت13 ساڻَ، اچ اڻڄاڻَ ’آسُوءَ‘ وٽ،
سچا سردارَ! تون ھڪ وارَ، لھُ ڪا سارَ گهايل جِي.
 

(1) ھي غزل اڳين ڇاپي ۾ ڇپجڻ کان رھجي ويو ھو.  (2) ھمدرد   (3) بي وارثن جا   (4) مالڪ، وارث   (5) ھوشيار، گُڻن وارو  (6) ھاءِ ھاءِ   (7) اکين جا اشارا  (8) بيھڪ   (9) اختيار وارا   (10) سڀن جا اڳواڻ   (11) تو لڳ، توسان   (12) پناه ۾   (13) مِنٿ، عاجزي

 

غزل (158)

سچن وٽ سدائين صفائِي سچائِي،
ڀلارا چڱا ڪن ڀلائِي چڱائِي.

صفا صاف پڌرو صَرِحُ1 سچ چون ٿا،
نہ من ۾ رکن ٻِي مَدائِي2 مَٺائِي3.

ڏينھان رات پَرمارٿن4 منجهہ پورا،
ڪڏھن ڪِينَ ڪن ڪا ڪُڌائِي ڪچائِي.

ديا5، ڌرم6 ۾ دمبدم7 دل ڏين ٿا،
نہ اُنِ آرجا8 ڪا وڃائِي اجائِي.

چڱن ساڻ ھر ڪو ڪري ٿو چڱائي،
مَدن9 جي بہ سي ڪن سَڻائِي سَجائِي.

نہ ڪنھن ۾ طمعدار10، راضي رضا تي،
ڀَليءَ واشنا11 جي اُڏائِي ھوائِي.

بنا وِگهن12، نِرسَنسِي13 سنسارَ14 ۾ تِن،
سڄڻ ساڻ لئُون خوب لائِي لڳائِي.

سُکيو لوڪ15، پرلوڪ16 پنھنجو ڪيائون،
کٽي خير مُوڙِي17 سڀائِي سَوائِي.

’آسُو‘ آه قربان تِن سالڪن18 تان،
ڪئي يار سان آشنائِي19 وفائِي.

 

(1) سڌو   (2) بُرائي   (3) گهٽتائي   (4) اعليٰ مقصد   (5) رحم   (6) مذھب جي فرضن   (7) ھردم   (8) عمر   (9) خرابن   (10) لالچي   (11) خواھش   (12) رڪاوٽ   (13) بي خوفي   (14) دنيا   (15) ھي جھان   (16) ٻيو جھان   (17) اصل، مُور. جنھن مقصد لاءِ جڳ ۾ آيا سو خير سان پُورو ڪيائون  (18) الھہ لوڪ، سَنت   (19) دوستي

 

غزل (159)1

نہ عاشق جي دل ۾ ڏِسان ٿو صبُورِي،
ويھڻ وِهُ2 ٿا ڀائين سُمهڻ، سيج سُورِي.

نہ ساڙڻ ۾ آتش کي ٿِئي تِرپِتائِي3،
نہ معشوقَ دل ۾ پوي ڪھل4 پُورِي.

نہ رڄڻُو5 ٿئي راڄ تي ڪوئي راڄا،
نڪا لالچن کان ٿئي ڪا شَڪُورِي6.

نہ ڌرتيءَ کي ڍَءُ ٿئي منجهان مينگهِہ7 بارِي،
نہ پُر8 پينُو، جَي ڏينس ملڪيت سمُورِي.

نہ پاڻي ٽِڪي ٿو منجهان منجهہ ڄاريءَ،
نہ ڪافر کي حاصل ٿئي حقُ حضورِي.

پڪِي خوءِ9 ٿِي، سا وڃي ڪِينَ ھرگز،
بَخِيلن جي دل مان بُخل10 جي ڪَدُورِي11.

اُدمَ12 جي اڳيان، سڀ سَھَل13 ڪم ٿئي ٿو،
اڳيان سُرتَ14 جي، پنڌ پرينءَ جو نہ دُورِي.

اثر تخم جو ٻيو رسي ساڻ صحبت،
نہ ٻانِهپ ڪيَئي، پوءِ مِلَئي ڪيئن مزورِي؟

سڄو سارُ15 دنيا سندو آه اھڙو،
غزل ھن چوڻ جو بہ ڄاتم ضرورِي.

صبر ڪر، شڪر ساڻ توفيق16 ’آسُو‘،
متان ڪا پڌر ٿي پويئِي پسُورِي17.

 

(1)ھي غزل اڳين ڇاپي ۾ ڇپجڻ کان رھجي ويو ھو.   (2) زھر   (3) مطمئني   (4) رحم   (5) خوش   (6) شُڪر گذاري (7) برسات   (8) ڀرجي   (9) عادت   (10) ڪنجوسائي   (11) گدلائي   (12) ڪوشش، محنت   (13) سولو   (14) ڌيان، فڪر   (15) تَتُ   (16) خدا جي طرفان رھنمائي، مدد ۽ موافقت   (17) بيوقوفيءَ   

 

غزل (160)1

پاتِي پرينءَ پسڻ لَئِہ، مون عشقَ سان ڳَرھاٽِي2،
جنھن يارَ ساڻ يارِي، ڪيَڙِي تمام گهاٽِي.

ڀانيم تہ عشق سَوَلو، پر اَھُکُ3، اَھَنجُ4، اولو5،
جهليو رھي نہ اَجهَلو، آھيان اُداس آٽِي6.

ٿي آهَ7، سَردُ8، زارِي، ڏينھن رات انتظارِي،
ڪئي دردَ بي قرارِي، دل منجهہ فِراقَ9 ڦاٽِي.

ڪئي عشقَ دل بِلاتِي10، سا ٻَي ڪَنھين نہ تاتِي11،
مون تان سڄي حياتِي، ڪَشٽَن12 ۾ ڪَشٽ ڪاٽِي.

ھيءُ بِرهَ بحرُ لنبو، سر چوٽ کان نہ ڪنبو،
تُرَھو13 نہ ساڻ تُنبو14، سِيڻهَہ15 کنيُم نہ ماٽِي16.

ھِن ڀُونءِ17 کٻَ کُٿَڙ18 مان، جهر جهنگُ لُڻي کُرَڙَ19 مان،
صوفيءَ سندي سُتَڙ20 مان، پھرين کڻائي کاٽِي21.

ڪِن نارُ22 نينھن چاڙھيو، ھُرلو23 ڪنھين سَنباھيو24،
مون ٻيو نہ زور لايو، چاڙھِي اچي پِراٽي.

ٻِج شَبد25 جو وِڌائون، سُرتِي26 سان ڳنڍُ ڳنڍيائون،
سَندرو27 سچو ٻَڌائون، محبت جِي پائي ڳاٽِي28.

جن جانِ جوشَ جالِي، سائِلَ ڏٺم سوالِي،
آيا ويا نہ خالِي، منجهہ ’جهوڪَ‘ جامَ جاٽِي29.

سانگهارَي30 وقت آيو، آرام کي ڦِٽايو،
جانبَ اچي جَڳايو، کنيُم ڪُلهي ڪَنواٽِي31.

ويھ سال ويا گُذر ۾، ان خوف ۽ حَذَر32 ۾،
سالم33 سَلا34 نظر ۾، آيام گُلَ ۽ ٻاٽِي35.

ڪن کي خَرارُ36 مليو، ڪن لاءِ ڪاسو37 کُليو،
ڪن ڪاڻ ٽويو38 ٽليو، ڪن لاءِ پَڻُ39 ۽ پاٽِي40.

اِيءَ ٻُڌِ41 عجب ۾ آئِي، ويئي ذات وَرَنَ42 وائِي،
آئي اھا اگهائِي، توڻي ڪِ ميؤ ساٽِي.

ڇڏيوم حُسن حِيلو، ورتم سچو وسِيلو،
حاصل ٿيوم چِيلو43، چَشڪا ويام چاٽِي44.

ٽِيھَين ورھين پُڃاڻو45، آيوم راڄَ راڻو،
جو ساهَ کي سِيباڻو46، مليم سو ڍول ڍاٽِي.

چالِيھ وَرِشَ47 اِيلَ ۾، گذري ويا سبيلَ48 ۾،
ڏاتارَ نُورُ ڏِيلَ49 ۾، ’آسُوءَ‘ ڏٺي ڏياٽِي50.
 

(1) ھي غزل اڳين ڇاپي ۾ ڇپجڻ کان رھجي ويو ھو. اصل نسخي ۾ ھن جو عنوان ’ڪيفيت فقير جِي‘ ڏنل آھي.  (2) ڀاڪر   (3) مشڪل   (4) درد، پِيڙا   (5) ڏکيو   (6) اندر جي اُٿل پُٿل ۾  (7) درد، سُور ۾ دانھن   (8) بي آرامي   (9) جدائي   (10) قابو   (11) پالي   (12) سورن   (13) ترڻ لاءِ ڪکن، ڪاٺين جو منجو   (14) سُڪل ڪَدو جنھن تي پاڻيءَ ۾ ترجي   (15) ٻڪريءَ جي کَلَ مان ٺاھيل تَرڻ جي کَلِي   (16) ٺڪر جو ڪنو؛ جو پيٽ ھيٺان ڏئي ترجي   (17) زمين   (18) کڏن کُوٻن واري، اڻ سِڌي   (19) ڊڀ، گاه واري زمين   (20) سٺو ماڳُ   (21) مٽي کوٽي ڪڍڻ   (22) کوه تي ٺھيل ڪاٺ جي مشين. جيڪا ھيٺاھين مان مٿي پاڻي آڻي زمين آباد ڪري   (23) ننڍڙو ھلڪو نارُ، ٻن ميٽرن تائين يا شاخن مان پاڻي پھچائيندڙ   (24) تيار ڪيو   (25) ذڪر، اسم اعظم  (26) پُورو ڌيان، فڪر   (27) ڪنھن ڪم جي تياري لاءِ چيلهہ سان ڪپڙو ٻَڌڻ   (28) چيلهہ، پُٺ تي ڪپڙي جي ڳوٿري ٻَڌڻ    (29) عقيدمند   (30) پاڻيءَ جي کوٽ جو   (31) ڪاٺ جو لڪڙو جنھن جي ٻنهي پاسي پاڻيءَ جا دَٻا يا دِلا رَسي سان ٻڌي ڪُلهي تي کڻبو  (32) ڊپ، پرھيز   (33) پُورا، ثابت، تازا   (34) ٻِجَ مان ڦُٽل ننڍڙا تازا ٻوٽڙا    (35) مُکڙي، گُلن جا گؤنچ   (36) اناج جو ماپو. مثال ھڪ خرار ۾ اٽڪل 23، 24 مَڻ ٿين   (37) ماپو. 16 ڪلو جي برابر   (38) ماپو. 4 ڪلو جي برابر   (39) ماپو. اٽڪل چوٿائي يا پاءُ جي برابر   (40) ماپو. اٽڪل ڪِلو   (41) سمجهہ   (42) پات، فرقو   (43) رستو   (44) ذائقا   (45) ختم ٿيڻ تي   (46) وڻيو   (47) سال   (48) راه   (49) اندر   (50) ننڍو ڏيئو