شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ڱ‘

غزل (117)

پورھيَي جي لئِہ سلامت صاحبَ ڏِنانءِ اَڱَ1،
آھي حرام تڏھن بِکيا2، سوال، مَڱَ.

ڀُڳتيُون3 ۽ وَنڊُ کائڻ ٿئي نِيستِي4، نِڀاڳُ،
ناھي نِستَ5 منجهائونس ھرگز چڱائي چَڱَ.

ڪپڙي ڪَساڻِ6 جنھن جِي کاڌو نہ کُنڀُ7، کَٽِ8،
سو لعل ھڏ رچِي ٿئي منجهہ ماڃَيٺِي9 نہ رَڱَ.

ڇڏ ’ڀيڏَ چال‘10 جَڳجي، سُونھُون ڪو کڻ سُجان11،
ڪيئن سو ڊُڪي ڊِٻُن تان، پيرن ۾ جنھنجي لَڱَ12؟

’ڪاوڙ‘ ڪَلنڪُ13 ڪاٽي اگنيءَ14 ’اَگيانَ‘15 کي،
ھڪ بُوند سان ڪري مَنُ سو سَنت ٺاري ڳَڱَ16.

جنھن جي ڏِٺي ڏکيائون سڀ ڏُور ٿي ڏَرَن،
’آسُو‘ لڳيج پٺيان اِنَ سُونھن واري سَڱَ.
 

(1) عضوا   (2) پِنڻ   (3) پِنَ جا ٽُڪر   (4) سُستي   (5) ڪمزور   (6) رڱائي، رنگڻ   (7) کٽيءَ جي ٿانءَ ۾ ڪڙھڻ، ٽھڪڻ   (8) ليمي جو ڪاڙھيل رَسُ جيڪو رڱڻ ۾ ڪم اچي   (9) ڳاڙھو   (10) رڍن واري ھلت؛ جي ھڪٻئي پٺيان ھلنديون آھن. يعني ھڪ جھڙن جي پيروي   (11) ھوشيار (رھبر، مرشد)   (12) منڊاڻ   (13) داغ   (14) باه   (15) اڻ ڄاڻائي   (16) ٿڌو 

 

غزل (118)

ننگُ1 نامُوس2 ڇڏ، ٿي نانگو3 نِڱُ4،
واٽ توحيد5 ۾ تِرَنِ6 ڀَرِ تِڱُ7.

سِپَ8 مِثل تون بہ سمنڊ منجهہ رھي،
مَينگهہ9 پيءُ، دُرِ10 ٿئي نہ کارو کِڱُ11!

آه مالڪ سدا ڪريم، رحيم،
ڏي نِيَت سان سڃاڻي سڀ کي سِڱُ.

مُڙسُ غمُ کائي مَھل ڪاوڙ جي،
ڪينَ سڏجي، ھُجيس لوھِي لِڱُ.

سُورمو مرد سو، جو جِيتَي مَنُ،
سو نہ چئو: فِيلَ12 کي دَسي جو ڌِڱُ13.

عشق جَي درد جِي ’وصال‘ دوا،
ناه ’آسُو‘ علاج ھَلدِي14، ھِڱُ15.

 

(1) عزت   (2) شھرت   (3) تياڳِي، تارَڪ   (4) نِڪر   (5) خدائي   (6) تِرين   (7) وڌ، بانبڙا پاءِ  (8) پاڻيءَ جو جانور جنھن ۾ موتي ٿين   (9) برسات جو قطرو   (10) موتي   (11) اڇو   (12) ھاٿي   (13) پھلوان   (14) ھيڊ   (15) دوا طور ڪم ايندر پسارڪو وکر