شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’د‘

غزل (55)

ويلَ ويئي نہ اچي ھٿ فريادي فرياد،
اي مِٺا من! ڇو نہ ڪرين اللھ کي دم دم ياد؟

جي ڪمائيءَ سندا ڏينھن وڃايَئي ويھي،
آه افسوسُ! ڏنئي عمر اجائي برباد.

ٿيءُ خبردار! خزان آه پٺيان خام کڙو،
بي بقادار بھار تي ڇو ٿئين دل ۾ شاد1؟

ڇا قسمت ۾ لکيو آه، خبر ناھي ڪا،
صاف دل ڪر، وَنۡجوڳ2 ڪڍي وَيرُ وِکاد3.

ھيءَ ڪميڻي، ڪير چوي ٿوري کي ٿورو!
ايشور چلڻ عطا چاڪ ڏنا ٻُڌ امداد.

انۡت ويلي4 ارمان ڪرڻ مان ڇا ورندو؟
پاڻ پنھنجو نہ رکيَئي، جنم مرڻ کان آزاد.

آه ’آسُوءَ‘ کي ملِي ’سُرڪَ سِڪڻ جِي‘5 سالم،
ھوءِ ميخانہ سندو خانو سدائين آباد.

 

(1) خوش   (2) اڻٻڻت   (3) مونجهارو   (4) موت وقت    (5) سُرڪَ: چُکو، ڍُڪ.  سِڪڻ: محبوب لاءِ سِڪَ، عشق (جنھن کي عاشق ’شراب‘ چون).  يعني: اِلاھي عشق جو ڍُڪ، ذرو

 

غزل (56)

ڄاڻ صوفيءَ سلام حق موجود،
قرب وارو ڪلام حق موجود.

کِن1 نہ آھي جُدا، سدا موجود،
پِرت مان پڙه پَيام2 حق موجود.

تا اَبدُ3 آخرت، اَڀِيوُ4، اَچلُ5،
مُحبُ مُشفق6 مُدام7 حق موجود.

لامڪاني رھي نہ، پر رميل8،
ھر مڪان و مَسام9 حق موجود.

ڇا زمين! آسمان! منجهہ پاتال10،
چنڊ، سج، انتظام11 حق موجود.

سو ’وَفِي‘12 سُخن سمجهہ صاحب جو،
ٻيو قصو ڪر تمام حق موجود.

پاڻ ۾ جن پرُوڙيو پَسرِي13،
اُنِ  جو ’ آسُو‘  غلام حق موجود.

 

(1) پل   (2) پيغام   (3) شروع کان   (4) اڻ تقسيم ٿيندڙ   (5) قائم   (6) مھربان   (7) ھميشہ   (8) سمايل   (9) وارن جون پاڙون   (10) جبل   (11) جوڙجڪ      (12) قرآن شريف جي سورہ ‎الذاريات: وَﻓﯽ اَنفُسَکُمِ اَفَلا تُبِصِرُونَ    ترجمو: ۽ ھو (الله) اوھان ۾ آھي پوءِ ڇو اوھين نٿا ڏسو    (13) وَڌي

 

غزل (57)

ڪڍ اندر مان ڪپي ڪلِيس1، اُپاندِ2،
موه مايا3 ۾ پاڻُ نا ڪر باندِ.

نينھن رکي ننڊ ۾ سمهَي جيڪا،
وَرُ وڻٺلِ4 وڃائي سا وِڙِواندِ5.

جيڪا ڪرڻي، سا آه رَءِ6 ڀرڻي،
بي شبه7 سچ پوي سچن کي پاندِ8.

عشقُ سودو، نہ گُس سندِي سِرَ سَٽَ،
ريجهَہ رانجهن سندِي مَ ڀانئج راندِ.

پُورَ تنھنجا پوَن پرين! پَل پَل،
آه اندر ۾ رات ڏينھن اُدماندِ9.

ناه مون ۾ سھڻ جدائي پل،
پوءِ جُڳائي نہ وچ وجهڻ ويساندِ10.

ٿيءُ نہ دلگير درد ۾ دلبر!
ڌار پنھنجو ڌيان سُنَ11 ۾ سماندِ12.

ڪر صبر ۽ شُڪر، ملَئِي ’آسُو‘،
ھوت انور حبيبَ جي ھيڪاندِ.
 

(1) ڪينو   (2) ٺڳي، دولاب   (3) اڻ ھوند جو ڏيک يعني دنيا. موه مايا يعني دنيا سان لڳاءُ   (4) خراب   (5) بيڪار   (6) بيشڪ   (7) بيشڪ   (8) جهولي، دامن   (9) بي قراري   (10) آرام صبر   (11) خاموشي (ذڪر فڪر)   (12) برابر   

 

غزل (58)

سنسارُ، سمجهہ وارا! آھي فريب فندُ1،
ڏس غور ساڻ جاچَي، ڇل2، ڇيد ڄاڻ ڇندُ3.

کُنھِبَي جيان ڪري خوش ھن کان پان تي،
اندر ۾ زھر قاتل، ظاھر ۾ شَڪر قندُ4.

ڌُوتِيءَ5 دنيا ڌُتارَي6 جوڌا، جوانَ، جوپَ7،
ماري وڌا مسافر، ڏئي ڏنگُ ڏاٺِ ڏندُ.

سڀ درد ۾ ڏسان ٿو، دُک روپ ۾ دُکي،
ھوءِ بادشاه، پينُو، مُورَک8 ۽ ھوشوَندُ.

احوال جنھنجو اھڙو، ناھي چڱائي مينس،
ڇاڪاڻ ٿيڻ گهُرجي بي سمجهَہ! پاءِ بندُ!

ديھِيءَ9 جو ڪر مَ گِيرَب10 ڪِريا ڪرمَ ڪري،
ھن ديھِ ڇِن11، ڀَنگر12 ۾، آھي نسورو گندُ.

پاسو ڪري ٻيَن کان، پئُہ پيش تون پرينءَ،
جو سَنتَ جي سَرن13 پئي، سو ٿئي نہ درد مندُ.

لئُون رام ساڻ لاءِ، تہ سَھجِي14 مليَئِي سُکُ،
دِن رَئِن15 تھِدليون رک، تَنَ ۾ تار تندُ.

نيڪيءَ بنا عبادت، جيئن وِرکُ16 بي ڦَلو،
وٺ سالڪن سچن جو، ’آسُو‘ ھي رھڙ رَندُ17.

 

(1) ڦندو، ڄار   (2) ٺڳي   (3) ڍونگ   (4) مٺو ڳُڙ   (5) دغاباز   (6) ٺڳي   (7) پھلوان   (8) بيوقوف   (9) جسم   (10) وڏائي   (11) ڀڳُ ٽوٽ   (12) ڀڄي پوندڙ   (13) پناه   (14) آساني سان   (15) ڏينھن رات    (16) وڻ   (17) رستو