شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ک‘

غزل (108)

نِينھن جي نيشال1 ڏي، سبق سُورن جو تہ سِکُ،
’با‘ بِنا مَنَ کي ڇڏي، ’الف‘ جو ھِڪ حَرف لِکُ.

گُل نہ ڪو بَيخارُ2 آه، رِي زھرَ ڪو مارُ ناه،
ٿُڙَ بِنا ڪو ڏارُ ناه، رُوپَ رَنگ تي ڪِيمَ ھِرکُ.

لذَتون دنيا ڏِٺيون، ٿيون وَڻن سڀ کي سُٺيون،
ظاھري آھن مِٺيون، باطني قتلِ عام وِکُ3.

شرفُ مِلَئِي ھن ڪري، عَنبر4 ۽ سَرگَين5 کي،
ڪوڏ6 ۽ موتي ڪَٿي، مُلهہ سندن منجهہ پاڻَ پَرکُ.

ڇاڙپُون ڌُوڻُون7 سَھن، منجهہ ڪتب سڀ ڪنھن اچن،
پوءِ ميوا ٿا ڏيَن، تون بہ اھڙو ٿيج وِرِکُ8.

ھيءُ زمانو چرخ جيئن، موسمون ٿيون ڦرن تيئن،
ڏس ٿيَن ٿا رات ڏينھَن، رک نہ دل تي شوڪُ9 ھِرکُ10.

ھِت آئين جنھن باتِ لاءِ، سا وساريئي تاتِ ھاءِ!
سُکَ پئي جي واتِ ڀاءِ، نيٺ ڪڍندءِ مِڃُ11 مِکُ12.

جي سَنجي13 عابِد ھُجين، سُورمو منجهہ جُڌَ ھُجين،
علم ۾ پَرشَد14 ھُجين، تہ بہ نہ ڀائج پاڻُ بَرکُ15.

ٿيءُ ادا ’آسُو‘ لَڄِي، ھيءَ حياتي ويَئي ھَڄِي16،
بندگي ڪر ڀَڙَ17! ڀَڄِي، جي ھُجين شيوَڪ18 ۽ سِکُ19.
 

(1) عشق جي مڪتب  (2) بغير ڪَنڊن جي  (3) زھر  (4) ھڪ خوشبودار وکر (5) ڇيڻو   (6) پٿر   (7) سَٽڪا لوڏا   (8) وڻ   (9) ڏک، غم   (10) خوشي  (11) ميڄالو  (12) ھڏن جي چرٻي  (13) پرھيزگار   (14) عالم   (15) معتبر   (16) چُور، ختم ٿي   (17) سياڻا   (18) سيوا ڪندڙ، خادم   (19) گرو نانڪ جو پوئلڳ   

 

غزل (109)

آئِي وسڻ جي رُت ورِي، مِينھن مِٽايا درد دُکَ،
وَس جي خبر ھَرسُو1 کرِي، ڏَيھَن2 منجهان ويا ڏُرتَ3 ڏُکَ.

ڦَھ ڦَھ اچي ڪن پَٽِ ڦُڙيون، ٽَھ ٽَھ ٽِمن سي ٽِمجهڙيون،
ٻَھ ٻَھ ٻَھُون جوڙون جُڙيون، ٺاري دُکيل ڇڏيائين دُکَ.

بادل گَجِي گجڪارَ ڪيا، کِوَڻن کِلي کينڪارَ ڪيا،
سانگن سُٺا سينگارَ ڪيا، ميٽي مڙئي برسات بُک.

پورڀ، دَکن، اولھ، اُترَ، ڀرجي اچِي ڇَوه4 مان ڇَمرَ5،
ڪوڏئون ڪُڏي وسيا ڪڪرَ، وارو وريو ٿيا سَھنجَ سُکَ.

طائوس، سَرمَنڊل، دَمر، سُرندا، دُھل، شرنا، دَڪڙ،6
مَردنگ، بِين ۽ چنگ، نڙ، واڄن وَڄِي لھرائي لُکَ7.

مالَن منجهان وِسواسَ8 ويا، ھر ھنڌ ساوا گاس ٿيا،
جهر جهنگ، برپٽَ واس ٿيا، خالي رھي ڪائي نہ چُکَ9.

جَرُ جامَ، اَن جا ڍِڳَ اَپرَ10، کِيرون11 مليون سنديون سُڪَر12،
ڏُڌَ، کيرَ، تازي گيھَ سَڄرَ13، ڪُل ڪاٽيا سي رَنج رُکَ14.

وِڄِڙِن15 ملهايو مُندِ کي، ڪڍيو ڌِڪي اَنڌ ڌُنڌِ کي،
وڇڙيَل مليو وَرُ مُنڌِ16 کي، ڦاٽي فِراقي17، فڪر نُکَ.

سارنگ سڀني کي شاد ڪيو، سڀ ڪنھن درد جو داد ڪيو،
عالم سڄو آباد ڪيو، اُڻتڻ اندر مان لاھي کُکَ18.

’آسُوءَ‘ اڱڻ ٿيَڙا منڊلَ19، کُليا پريمي جامِ مُلَ20،
ساجن اچي ڪيَڙا شغلَ، ساراھيان ڇا ساڻ مُکَ21؟
 

(1) چؤطرف   (2) مُلڪن   (3) غم  (4) جوش   (5) جُهڙ، بادل   (6) اڳيان سڀ سازن جا قسم. مردنگ، بين ۽ چنگ، نڙ بہ.  (7) ڳڻتي، ڪشالو   (8) ڏُک   (9) ڪنڊ   (10) گهڻا   (11) مبارڪون   (12) خوشحالي   (13) تازو توانو   (14) ڏک   (15) کنوڻين   (16) زال   (17) جدائي   (18) ڳڻتي  (19) ميڙاڪا   (20) شراب جا پيالا   (21) مُنھن   

 

غزل (110)

نفس ڦلهار مَنُ، ڪرين جَي رَکَ1!
پوءِ تو تي ٿئي، ڌڻي جي رَکَ2.

نفسُ تُنھنجو گهُري وڏائي ٿو،
ھَٺُ3 وڃائي لَکِج4 الک جي لَکَ5.

نفس تُنھنجو بُرن ڪمن ۾ خوش،
ڪئين ڌِڱاڻا6 دَسي وڌا ھِن دَکَ7.

نفسُ اِيمانَ جو اٿيئي چَور،
ٿيءُ خبردار، ڇڏ ٻيائي ٻَکَ8.

سُرتِ9 سچ ساڻ ٿيءُ مَحوُ10 محبوبَ،
نفس ماري ڀلي پيو جهَڙ جَکَ.

ڪر اندر صاف تان ملئي صافي،
ٻاھريان ڇا ڪندا ٻيا مُکَ چَکَ11!

وٺ وَچنُ12 ويڄ13 جو، صحت پائين،
پاڻُ پرھيز ڪر ڪِرِي14 ۽ رَکَ15.

دَمَ نہ پنھنجا وڃاءِ بِن شيوا16،
ناه قيمت ڪٿڻ، لھن ٿا لَکَ.

ٿيڻ گِرَستِي17، خدا پرستي ڪر،
پوءِ پکيءَ جيئن اُڏام، رک ٻئي پَکَ18.

خوض19 رک ۽ خيال اي ’آسُو‘!
امُل ماڻڪ20 ڇڏي نہ چونڊج ڪَکَ.

 

(1) پرھيز   (2) رکشا، سنڀال   (3) وڏائي   (4) پرک، ڄاڻ   (5) حقيقت   (6) پھلوان   (7) ڳرا، ٿُلها   (8) ڀاڪر   (9) پوري ڌيان   (10) گُم، فنا   (11) ھار سينگار   (12) چوڻ   (13) طبيب   (14) پرھيز   (15) روڪ   (16) عبادت   (17) گهر ٻار وارو، دنيادار   (18) پر (پاسا)   (19) ڌيان   (20) ڪٿڻ کان مٿي ھيرا