رديف ’ڳ‘
غزل (113)
لَنگهِي ناسُوتَ1 کان نِڱيا2، سناسي3 جُوٺ4 ڄاڻَي جَڳُ،
وڃي لاھُوت5 ڏي لڙيا، ڇڏي لوڪي وَڳرَ6 ۽ وَڳُ7.
نہ ڊپ تِن جڳ اَوڀالَي8 جو، نہ ڏَر بُک ڏُک ڪَشالَي جو،
نہ ڊِڄُ جَم ڏُوت9 ڀالَي جو، ڌُڻيَئُون10 دلبر سندو ئي دَڳُ.
وَھائين ويھي ڏينھن راتيون، الک جون تَن اندر باتيون،
کڻي ڪُھَنَنِ جيڪر ڪاتيون، نہ پُٺ تي مُور موڙينِ پَڳُ11.
جھڙو تن کي صُبح سانجهِي، پُلائون، ساڳُ ۽ ڪانجهِي،
وَتن سي مَونِ12 ۾ مانجهي، سُڃاڻَي ڄاڻَي پيڇو اَڳُ.
ڇڏي سنسار جون نِيتيون13، سِکيا سي جوڳ جون رِيتيون،
پِڪُون14 تن پاڪ جون پِيتيون، محبت ۾ وتن ٿيو مَڳُ15.
پچي لعل ٿيا سي کامي16، رضا تي رھن آرامي،
مُئا مرڻا اڳي سامي، اَلڳ تن جو اِھو مارَڳُ17.
رھن ڪنھن ۾ نہ تاڪائُو، نہ ڪنھن ٻِي ڳالهہ ڳولائُو،
اَلک ھڪ لاءِ آسائُو، رکن ديدار جو ئي سَڳُ18.
تَڪيو ڏِس تن سندو ڪاھي، زيارت ڏوه ٿي لاھي،
سُونھارو سَڱ سندن آھي، پٺيائُن تَھِدلي سان لَڳُ.
اُٿي ’آسُو‘ ھلڻ گهُرجي، مُحبَن سان ملڻ گهُرجي،
ماري منَ کي پلڻ گهُرجي، نہ ڪنھن ٻئي ساڻ وِڙُه ۽ وَڳُ19.
(1) جھان (پھرين منزل) (2) نڪتا (3) فقير، جوڳي (4) ڪوڙ (5) رب ۾ فنا ٿيڻ (آخري منزل) (6) عزيز (7) ميڙ (8) طعنو (9) روح قبض ڪرڻ وارو ملائڪ (10) چونڊيئون (11) قدم (12) ماٺ (13) طور طريقا (14) ڍُڪَ (15) مست (16) پچيل (17) رستو (18) پتو (19) جهيڙڻ
غزل (114)
جَي رھن يارَ جَي وِرهَ1، ويراڳَ2،
سي سُمهن ڪِينَ سُک، سدائين سُجاڳَ.
تو مِثل ڪو ڪلُور3 ڪو نہ ڪري،
نينھن رکي سُتين ننڊ منجهہ اَجهاڳَ4.
ڪينَ ڄاتيَئي اَڄاڻِ5! ڄاڻ اھا،
ڀيڻ سُومل6 سندِي دغا جِي پاڳَ7.
ويو رُسِي راءُ رنج ٿي راڻو،
ھار سنيگار سڀ تياڳي چاڳَ8.
سمجهُہ اعمال جي اٿيئي شامت9،
ياد رک، ھوءِ جو ڏنو ڀَرُ ڀاڳَ.
ڌُوڙ رِي دوستَ ٻيا سڀئي ڌنڌا،
محل، ماڙيون، مَڙھيون مڙيئي ماڳَ.
ڪر مِنٿ ھاڻ آزيون زاريون،
نيٺ رِيجهِي، ڏيندوءِ لاڳُ10 سھاڳَ.
جَي رھيا ڊپ، اميد جي وچ ۾،
سي ڀلي يار ساڻ کيلن ڦاڳَ11.
آه ’آسُو‘ اُدم12 ڪرڻ واجب،
ٻي سڀائي ڌڻيءَ جي وس ۾ واڳَ.
(1) سِڪَ (2) عشق ۾ (3) قھر (4) گَھِري (5) مومل! (6) لوڪ داستان ’مومل راڻَي‘ ۾ راڻو جڏھن ڪجهہ ڏينھن لاءِ پنھنجي وطن ويو تہ کيس ھمير سومري قيد ڪري ڇڏيو. ھِت مُومل پنھنجي راڻي لاءِ اُداس، ماندِي. مُومل جي چالاڪ ڀيڻ سُومل کيس آٿت ڏيندي مرداڻا ويس پائي ساڻس گڏ سمهندي ھئي. ھڪ رات راڻو اوچتو اچي نڪتو ۽ مومل سان گڏ کٽ تي سومل کي مرداڻي ويس ۾ ستل ڏسي شڪجي، رُسي ھليو ويو. ڪِردار: مومل (اِنسان)، سُومل (دنيا) ۽ راڻو (رب) (7) پَڳ، پَٽڪو (8) ڇڏي نخرا (9) خرابي (10) اُجورو (11) بَھارِي، خوشي (12) ڪوشش
