شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ڃ‘

غزل (45)

مِٽي محبت، ويئي ماڻهن منجهان مَڃَ1،
ڪَرن ٿا ھڪ ٻين جي ناحقي ھَڃَ2.

اُھي راڪاس چئُہ، جَي رِي پَروَجن3،
ٻين جَي ارٿَ4 ۾ ڪن ٿا ڀڳِي ڀَڃَ.

ڪٺو سامان ڪر، تان جهٽ اچئي ڪم،
اچي بِيٺي کڙِي در تي ڄُلي ڄَڃَ.

کُتابِي5 پوءِ حسابن ۾ وڌائج،
اول سيکار کوڙا، جوڙ، ڪٽ، ڀَڃَ.

ڏسي دورو ڏھينۡ سالينۡ پڄاڻان6،
وِھارڻ ڪين گهُرجي گهر وڏِي ڪَڃَ7.

گهڻي ٿڃ مان آھي جوکو8 ڏندن کي،
ٿئي مضبوط ٻالڪ، کئُون گهڻي تَڃَ.

ڪنگڻ ھٿ، آرسِي ’آسُو‘ نہ گهرجي،
اکينۡ اُڀ ڏِسُ، ڪبي آڱر جي ڇا سَڃَ9! 

 

(1) مڃتا   (2) نقصان   (3) بي مقصد، اجايو   (4) مقصد   (5) شاگرد   (6) بعد   (7) ڪنيا: ڇوڪري   (8) خطرو   (9) اشارو   

 

غزل (46)

عاشقن مَنُ مواسُ1 مارَي مُڃَ2،
بِره جي باه ۾ ڀڃي ڪيو ڀُڃَ.

عاشقن غير سڀ ڪڍي ’غَلۡ غش‘3،
صاف صافِي سڄو اندر ڪيو سُڃَ.

عاشقن رت سُڪي رڳن ۾ ويو،
ماسُ، کلَ، تَنُ ڳري ٿيو ڳَڃُ4 ڳُڃَ5.

عاشقن اَنُ ڇڏي، اَمئي رَس پِي،
پار پورڀ پُرِي6، بُکون ڪن جُڃَ7.

عاشقن کي وِصال کان بھتر،
آه ڀاڻِي، ڀلي فِراقي اُڃَ.

عاشقن جا ٿيا اِھي احوالَ،
ناه تِن جي نگاه پاپَ ۽ پُڃَ8.

پوءِ ’آسُو‘ سڏاءِ ٿي عاشقُ،
جڳ سڄو ڄاڻ رِي سڄڻَ رَءِ9 رُڃَ10.

 

(1) بي لغام نفس  (2) ذرا ذرا ڪيو  (3) گند ڪچرو  (4) مڪان  (5) قربان  (6) وڌي   (7) ڍءُ   (8) ثواب   (9) بيشڪ، برابر   (10) ڪوڙو ڏيک