او محبوبه منهنجي ڪراچي
وڻ ڀَڳا پي لارين پويان
ماءُ بيٺي هئي گهر جي در تي
پيءُ ڪُڏيو پي روڊ جي ڀرسان
ڌيءُ ڏٺو پي سارو منظر
ڳڀرو ڀائرن جي اکڙين سان
نعرا، تاڙيون، شور، شرابا
چوڙيون، چمڪا وار اُڏاڻا
اجرڪ، ٽوپي، شال ڪلهن تي
پٽڪا پائي جهور ڪُراڙا
ٻن ڏينهن کان اڃ ۽ بک تي
ڪا ٿئون ڪاٿئون ڪئين پڳا ها؟!!
هر ماڻهوءَ جو خواب سندر هو
هر ماڻهوءَ جي سوچ نرالي
ڪنهن پي اُڏاريا خواب امن جا
ڪنهن پي نفرت کي للڪاريو
هر ماڻهوءَ جي آشا ميڙي
هر ماڻهوءَ جا خواب سهيڙي
۽ مون ويهي تَتُ ڪڍيو هو
ڪنهن به نه سمجهيو ڪنهن کي ڌاريو
ڪنهن به نه نفرت کي کيڪاريو
محبت جا هي سڀ پانڌيئڙا
عشق جي راهه وٺيون پي آيا
۽ پوءِ آڌيءَ جي آڳر ۾
نعرن، تاڙين، احساسن کي
باهه جا شعلا پڪڙيندا ويا
روڊ تي پکڙيل لاش سِسيون ۽
ٻانهون ٻوٽيون، چيخون آنهون!!
ڪو ڪاڏي ويو! ڪو ڪاڏي ويو!
ساري سنڌ جون اکڙيون جاڳيل
رت جي هولي، لاشا سڙيل
ڏسندي ڏسندي سوال پڇن ٿيون
او محبوبه منهنجي ڪراچي
تو روڊن کي ڇو سينگاريو؟!
۽ بجليءَ جا ڳَهه پارائي
ننڍڙا وڏڙا گهر سينگاري
رت سان رستن کي وهنجاري
تو چاهت کي ڇو چيٿاڙيو؟!
او محبوبه منهنجي ڪراچي!!
او محبوبه منهنجي ڪراچي!!
(18 آڪٽوبر 2007 تي ڪراچيءَ ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي قافلي تي ٿيل حملي جي مناسبت سان لکيل)