هليو ويو سو به وڻجارو
جنهن جي گيت گونجڻ سان
سَنڌن ۾ ساهه پوندو هو
سمورو سچ چوندو هو
نظم جون ٻئي اکيون جنهن وٽ
جنهن وٽ گيت نچندا ها
جنهن جي مڌر لفظن سان
نماڻي شاعري پلجي
ڪنواري ڪنهن ڪنعيا وانگي
هٿن کي ميندڙي لائي
ڪو شرميلو وڳو پائي
اسان وٽ سنبري ايندي هئي!!
نئون اُتساهه ڏيندي هئي!!
هليو ويو سو به وڻجارو
جنهن جي درد جي ڪيفيت
نماڻي آرزؤ سان گڏ
نسورو پيار هوندي هئي
جنهن جي ڄڻ ته ڪانبي ۾
ٽُٽل چوڙيون ڦَٽيل هٿڙا
ڦُٽين ۽ سونگڙين سان گڏ
سڄڻ جي سار هوندي هئي
نمن جي اوٽ ۾ پيهو
هڪل ۽ هور هوندي هئي
۽ اڌڙوٽ چپڙن سان
وڄائي سُر مان ٻوڙيندو
اسان کي ڄڻ سڏيندو هو
سبق سنڌڙيءَ جو ڏيندو هو!
هليو ويو سو به وڻجارو!!
جنهن جي درد جي ڪيفيت
نوان ڪي ڏس ڏيندي هئي
نڪورا گس ڏسيندي هئي
هليو ويو سو به وڻجارو!!
جنهن جا چنگ جهڙا سُر
نوان آلاپ ارپيندي
سنڌوءَ جي سُر جيان اُڀري
بنان ڪنهن موڪلاڻيءَ جي
نگاهن کي نهوڙي ويا
انوکي دُک ۾ ٻوڙي ويا
هليو ويو سو به وڻجارو!!
ڊسمبر جي ٿڌين راتين ۾
جنهن جا گيت ڳائيندي
جسم کي گرمي ملندي هئي
رڳن ۾ خون ڊُڪندو هو
مٽيءَ سان پيار وڌندو هو
هليو ويو سو به وڻجارو!!