ڇا عمر گُذاريندينءَ ڇا عمر گُذاريندينءَ چئه يار بنان آخر ٽهڪ ڏئي کلندينءَ ۽ وار سنواريندينءَ؟ چئه يار بنان آخر هوندينءَ به اڪيلي ۽ هن کي به نه ساريندينءَ چئه يار بنان آخر مشتاق کي ڇڏ کڻي تون پاڻ سُڌاريندينءَ چئه يار بنان آخر