پيش لفظ
ماڻهوءَ جي ماڻهپي، انسان جي انسانيت ۽ قومن جي تهذيب جي خبر سندن ٻوليءَ مان، زبان مان پوي ٿي.
ماڻهو ڳالهائين ٿا، لکن ٿا، رڪارڊ ڪن ٿا يا ڪرائين ٿا، ۽ ماڻهو ئي اُهو ٻڌي ۽ پڙهي ڏسي ۽ سمجهي، هڪٻين جي سڃاڻپ ۽ سُڪارپَ کي سڃاڻن ٿا. ۽ ائين ٿيندي ٿيندي، هڪٻين جي صلاح ۽ سهڪار سان، ڳڻپ کان ٻاهر صدين کان پوءِ اڄ جي حيرت ناڪ سڌاري ۽ واڌاري جي درجي تي اچي رسيا آهن. سندن زندگيءَ جي سڄي ايتري لکن سالن جي طويل سفر ۾، ٻولين جيڪو ڪارج سر انجام ڏنو آهي، اُهو منجهائن ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي.
جيتوڻيڪ گهڻي ڳالهائڻ يا ٿوري ڳالهائڻ لاءِ عام ائين ٿو چيو وڃي، جيئن سنڌيءَ ۾ آهي، ته، ”گهڻ ڳالهائو، پاڻ پڏائو“، ”ٿور ڳالهائو پاڻَ نماڻو ۽ سڀَ وڻائو“.۽ وري ائين به عام آهي ته ڪو گهڻو ڳالهائڻ به اهڙو دل نواز ٿئي ٿو، جو چئبو آهي ته پيو ڳالهائي. ڪو ٿورو چيو به اهڙو هِنئين ٺار هوندو آهي، جو ڀانئبو آهي ته ورهين جي رنجيده دل لاءِ گهڻوئي بلڪ تمام گهڻو آٿت ٿيو ـــ جيئن هڪٻئي ڏانهن هر ڪوئي لکندو آهي ته، ”ٿورو لکيو گهڻو ڄاڻج!“
ٻوليءَ جا سگهڙ ۽ ليکڪ پنهنجي پنهنجي شهڪار لکت ٻن قسمن جي تخليق ڪن ٿا. هڪ کي نثر چون، ٻئي کي شعر. ٻنهي قسمن جا ڌار ڌار نمونا به ڪافي آهن. پر ان شمار کي ڇڏي، ايئن ئي چيو ۽ سمجهيو ويندو آهي ته لکتون وڌ هجن يا گهٽ، جي معيار ۾ اعليٰ آهن ته مانائتيون آهن ـــ ٻنهي صورتن ۾ پڙهندڙن لاءِ املهه ۽ بي مثل ٿين ٿيون. هيءَ شعر جو ڪتاب ”لاڙُ، لهرون، سمنڊ“ (ڊيگهه جي خيال کان به وڏو ئي آهي) منهنجي ٿورَ ڳالهائو، فهميدي دوست نواز خان زئور جي تخليق آهي. سندن نثر جو هڪ ڪتاب ”رنگَ رتو آڪاس“ منهنجو اڳ به پڙهيل هو. ڇهانوي صفحن جو، جنهن ۾ سندن فڪر ڀريا مختصر توڙي ڪجهه ڊگهيرا جملا ۽ ننڍا ننڍا اقتباس هئا. تن کي پڙهي آءٌ ڏاڍو متاثر ٿيو هوس. ان کي پڙهندي منهنجو پنهنجو ڇپايل چونڊ مضمونن جو ڪتاب ”مٺ مٺ موتين جي“ــ به منهنجي نظر ۾ هو، ڇو ته ان ۾ هفتيوار ”هدايت“ ۾ آيل چونڊ مضمونن سان گڏ آخري ٻن ٽن صفحن تي منهنجا پنهنجا لکيل ننڍا وڏا جملا ۽ قول به ڇپيل هئا، ۽ مون کي خبر هئي ته خاص طرح اُهي جملا ۽ قول ڪيتري سوچ ويچار ۽ محنت کان پوءِ آءٌ لکي سگهيو هوس. سو نواز خان زئور جو اُهو سڄو سَئو کن صفحن جو فڪر ڀريل جملن ۽ قولن جو ڪتاب پڙهي، سندن ڏاهپ ۽ علمي لياقت تي آءٌ ڏاڍيءَ حيرت ۾ آيل هوس. ۽ جڏهن سندن شعر جو هيءُ مُسَودو پڙهڻ لاءِ مليو ته پوري ڌيان ۽ ذوق سان اهو پڙهڻ ويٺس، ۽ هڪ ڀيرو ئي نه، ٻيو ڀيرو لڳاتار پڙهي پورو ڪيوم.
اسان جي مادري ٻولي سنڌي بيحد هڪ ڀلاري ۽ ڀلي، محترم ۽ سڳوري سرزمين آهي. ان جا سڄاڻ ۽ سُلجهيل شاعر ۽ نثر نويس، اسان جو ڀاڳ آهي، جو ڄمندا، اڀرندا ۽ اُسري اسان جي فڪر ۽ جذبي جي ترجمانن طور پيدا ٿيندا ئي رهيا آهن ۽ ٿيندا ئي رهندا. هيءَ شعر جوڪتاب، جنهن ۾ اصناف سخن جا ذري گهٽ سڀ قسم ـــ دوها، بيت، وايون، گيت، نظم، غزل ۽ ٽيڙو/هائيڪا آيل آهن، جديد دور جي ترقي پسند شاعريءَ جو وري وري پڙهڻ لائق هڪ مثالي دستاويز آهي. هيءُ اسان جي اعليٰ ادب جو اهڙو هڪ اضافو آهي، جنهن تي اسين بجا طور فخر ڪري سگهون ٿا.
پڙهندڙن ۾ اميد آهي ته اسان جي شاعر زئور جو هيءُ سڄو ڪتاب کين ڏاڍو وڻندو.
محمد ابراهيم جويو
حيدرآباد سنڌ.
20.9.2011ع