اُڀ جا سڀ ئي نيڻ- اُڀ جا سڀ ئي نيڻ- توکي تڪينِ ٿا پيا. ڦڻ کڻي هت ڪيترا، ڪاريهر جان ويڻ- توکي تڪينِ ٿا پيا. ها! هي پنهنجا شهر هن، دشمن جهڙا سيڻ- توکي تڪينِ ٿا پيا. اوسيئڙي ۾ ڳوٺڙو، ڀائر توڙي ڀيڻ- توکي تڪينِ ٿا پيا.