”کلي نيڻ گهرا گلابي کنيائون،“
خماري ويا سڀ خدايون خدائون!
اڏاڻي ڏکڻ جي هوا مست ٿي اڄ،
گلن جيئن جهومي فضا کي ڏٺائون.
ڀني رات، تارا نشي ۾ ٿڙيا پي،
چڳون چاندني ۾ جو ڇوڙي ڇڏيائون.
عجب ناز انداز سان مسڪرائي،
ڪنين کي جياريو، ڪنين کي ڪٺائون.
وري نينهن نکريو، وري عشق اڀريو،
ڳلين مان پئي رات آيون صدائون.
وري سونهن ماڻا ڪيا اڄ دلين سان،
وري اڄ اڏيءَ تي پڳيون هن وفائون.
وري ڪين ٻُوٽيون اکيون هي اسان جون،
جڏهن کان اهو چنڊ لالڻ لڌائون.
پرين! موتئي جيئن لڱ هي اوهان جا،
ويون واسجي ڏس! سموريون ڏسائون.
وري وار ڇوڙي وسڻ آئيون هن،
اڄاتيون اڄاتيون اهي ئي گهٽائون.
ستارن ڀريو اُڀ جاڳي پيو هو،
پڌر ۾ جڏهن کٽ پنهنجي وڌائون.
دليون هي جي اجڙيون ته سڀ خير آهي،
رهن شال آباد تنهنجون ادائون!
پرين! سينڌ تُنهنجي سجائي وڃون ٿا،
ڪروڙين ستارا، سوين ڪهڪشائون.
وفا جي مسلڪ سلامت رکڻ لئه،
ڪنهين سڃ سان ٿي لڌيون رات لانئون.
جڏهن سونهن تي ڪي ڪيا تاءَ نٽهڻ،
اسان جون جلي ويون سموريون دنيائون.
وڇوڙو اڃا ڪو نه کٽندو ڀلا ڇا؟
ڀلا ڪيستائين هي رهنديون جفائون!؟
وڌيا جو اڳيان هو، لتاڙيئون اسان جون،
سوين آرزوئون، سوين التجائون؛
نه روڪي سگهياسين ڪڏهن ڀي انهن کي،
رڪيا پير تن جا ته پاڻهي روڪيائون.
لڳي دل ته ويا پاڻ ٽوڙي، اڳي ٿي-
نڀائڻ جون ڪيڏيون نه هامون هنيائون!
خساري جي گس تي هليا اهلِ دانش،
ڪڏهن ڪو نه دل جو چيو ڪو مڃيائون.
سٺا ها، برا ها، ڏٺو ڪو نه دلڙي،
ڏنائين سدا دوستن کي دعائون؛
ڪري اڄ ته ڪنهن جون ڪري اڄ گلائون
وساري ڇڏيائين جي دوکا ڏنائون.
زمانن تي غالب اچي نيٺ ويون ڏس!
اِنهيءَ عشق جون ڪي انوکيون ڪٿائون.
جسم جي سمنڊ ۾ هٿن ٿي ڳالهايو،
ڪي لهرون چڙهيون ۽ ڪناري ڇڏيائون.
انگن جي ونگن ۾ جڏهن کوئجي ويا،
چمين سان بدن جون پروليون ڀڃيائون.
جِئين تن تي کُهنبا پرينءَ جي کڙيا ها،
سڄي رات ويهي اسان کي رنڱيائون.
بدن نازبوءَ جو اسان ڀاڪرين آ،
ويون روح ويڙهي پرينءَ جون هڳائون.
محبت عجب جاءِ آڻي ڇڏيو هو،
نه هي هو، نه هُو هو، نه تون ۽ نه آئون!
ڪڏهن گُل، ڪڏهن چنڊ، ڪڏهن لهر ۾ ها!
سوين روپ تن جا، سوين تن جٽائون.
اسان جن جي ڳولا ڪئي روز و شب ٿي،
جواني سڄي پي پري ئي ڌڪيائون.
”اسان ساهه جي رڳ ڪنان ويجهڙا هون،“
جڏهن پي مئاسون، تڏهن ٿي چيائون!