جڏهن جاڳي پوي ٿو يار سرجڻهار اندر ۾،
ڪنول ڪيئي ٽڙن ٿا پو کِلي پنهنجي ڪلا- سر ۾.
لباس آ اڄ سڀن ساڳيو، لڳن ٿيون لال سڀ لهرون،
گلابي ڪو بدن مرڪي لٿو آهي عريان جر ۾.
ڪڪر آيا نه کنوڻيون هن، نه ڪوئي مينهن پيو آهي،
ته ڀي ترسي پيا آهن پرين اڄ رات هن گهر ۾.
ڪڏهن دوري، ڪڏهن ميلو، ڪڏهن ڪاوڙ ۽ پنهنجائپ،
عجب جون عادتون آئون ڏسان ٿو پنهنجي دلبر ۾.
لٿو آ روح ۾ ڪوئي، ٿياسين بُت کان آجا،
وڃي ان سان مليا آهيون سمائي کيس ڀاڪر ۾.
مٿان آڪاش تان تارا وجهن ٿا پرتوا پنهنجا،
ڏياريءَ ڏڻ جيان ڏيئا ٻرن پيا ڄڻ ته ساگر ۾.
لڳي ٿو اڄ وڌي ڌرتيءَ وڌو ڀاڪر آ لهرن کي،
سمنڊ خاموش آ ليڪن اٿي پيو شور بندر ۾.
اُهي ٻيڙيون، اُهي بتيون، اها ئي سرمئي سانجهي،
مهاڻيون وار ٿيون کولين وکيري مهڪ منڇر ۾.
روئي ٿو گهنڊ سنجها جو، پُڄارڻ ڪا پڳي ناهي،
قراري جاپ ڪنهن ڪونهي، اداسي آهه مندر ۾.
ڪڏهن وسعت نگاهن ۾، ڪڏهن پاتال ۽ بلندي،
سدائين مون ڏٺي آهي سرشٽي هيءَ سراسر ۾.
مسيتون دل ته اُڪري وئي، اکيون معراج کان اڳتي،
رهيو ويڇو نه آهي ڪو نظر، ناظر ۽ منظر ۾.
اڳي آدم ڪنان آهيون، اسان ئي ڪُن چيو هو اُت،
اسان ئي ڪُل حقيقت ۽ اسان ئي ڪل تصور ۾.