ڪائي اداسي ٿي رچي هر شام جي مهڪار ۾،
سروَم دُکم سروَم دُکم، پيو ٿو ٻُري هر پار ۾.
ايڏو وڏو هي جڳَ آ، پو ڀي اڪيلو آدمي!
دل درد ئي بس درد آ، ڪو دُکَ آ سنسار ۾.
تڙپي ٻري ڇو آدمي، وک وک مري ڇو آدمي،
اچ! ڪو نئون جوڙيون جهان ۽ دل سمايون پيار ۾.
جنهن جي ڪنارن دوستي، تنهن کي ڀلا ڪهڙي خبر!؟
ڇو سير ۾ سهڻي گهڙِي، ڇا ٿس ڏٺو ميهار ۾!؟
احساس جي ٻولي هئي، خاموش اظهارِي وئي،
سمجهيوَ نه ڇو؟ ڇاهي ڀلا ٻيو عشق جي اظهار ۾.
ڪيڏي اجائي ٿي وڃي، ڪيڏي سجائي ٿي وڃي!
هيءَ زندگي ڪنهن نينهن ۾، ڪنهن سونهن ۾، تڪرار ۾.
تو ۾ وڃايون هي اکيون، ڪيڏيون اڃايون هي اکيون!
جيوَن سُڃايون، هي اکيون بس قيمتي بازار ۾.
ڄڻ ڪا ڇُري هئي زندگي، پو ڇا بُري هئي زندگي!؟
مون ۾ ٻُري هئي زندگي، هر موڙ تي هر وار ۾.
هو ٿا چون: ”سيني اندر، مونکي نه آ دل، آ پٿر،“
اکيون ڀنل ناهن، ته ڄڻ ڪنهن بي نه هان آزار ۾!
جنهن مهل ٿي مون ڏي اچين، جنهن وقت ٿي مون ۾ نچين!
احساس، جذبا، تازگي، ڇا ڇا نه دل بيمار ۾!
تون چنڊ جئن چمڪين سدائين عشق جي آڪاش تي،
ٿا عڪس تنهنجي سونهن جا، دل جي پون پاتار ۾.
”مان تون ٿيس تون مان ٿئين، مان تو ۾ تون مون ۾ جيئين!“
ڪو فرق هاڻي ڪو نه آ انڪار ۾ اقرار ۾.