شاعر جي پاران
شاعري روح کي چيري نڪرندڙ
دانهن آهي
”شاعري جذبات جي اظهار جو منظوم طريقو آهي، جيڪو اسان کي پنهنجي سمجھه وڌائڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان حُسن شناسي جي سُڌ ڏئي ٿو.“
(اي سي براڊ بي)
”شاعري جو مقصد پڙهندڙ کي شديد نموني متاثر ڪرڻ آهي.“
(ايڊگر ايلن پو)
”شاعري جو ڪارج خوشي ڏيڻ آهي.“
(ورڊس ورٿ)
”شاعر فطرت جو سچو ترجمان آهي، انسانيت جو قانوندان آهي ۽ ايندڙ نسلن جي خيالن جو استاد آهي.“
(ڊاڪٽر جانسن)
دلچسپ اتفاق آهي جو جيئن ئي هن ڪتاب لاءِ پنهنجي پاران هيءَ ٻه اکر لکڻ خاطر ويٺس ئي مس ته مٿيون سٽون ڪنهن دوست پاران کِيسڻِي فون (موبائيل فون) ذريعي موڪليل سنيهڙي ۾ اچي وارد ٿيون آهن. جنهن عمل کي سٺو سنئوڻ سمجھندي اهي سٽون مٿي نقل ڪري، لکڻ جي شروعات ئي انهن کان پيو ڪريان. شاعري هونئن به هڪ اهڙو فن آهي جو ان جي باري ۾ ڪيترن ئي ماڻهن، شاعرن، اديبن، دانشورن ۽ مفڪرن پنهنجي پنهنجي حساب سان رايا پئي ڏنا آهن. جيئن هر ماڻهو جو شين کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جو پنهنجو انداز ٿئي ٿو، تيئن شاعري کي به سڀني ماڻهن پنهنجي پنهنجي اندازِ فڪر تحت ئي پئي سمجھيو آهي ۽ ان بابت پنهنجي ويچارن جو اظهار پئي ڪيو آهي. پر جيئن ڪو عاشق پنهنجي محبوب جي حُسن جي تشريح نه ٿو ڪري سگھي، تيئن ڪنهن شاعر لاءِ شاعري جي تشريح پڻ بنهه ڏکيو ۽ اڻانگو عمل آهي. گھٽ ۾ گھٽ مون جھڙي ماڻهو لاءِ ته اها تمام ڏکي ڳالهه ٿي وڃي ٿي. مون آڏو شاعري دل کي چيري نڪرندڙ دانهن آهي، روح جي اجھل رڙ آهي. شاعري جي تشريح انهي رڙ کي پنهنجي مٺ ۾ قابو ڪرڻ جيان آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته پاڻي، وارِي، رڙ، سونهن ۽ شاعري کي مُٺ ۾ قابو نه ٿو ڪري سگھجي. خير، شاعري حسن شناسي جو ذريعو به آهي، حسن جي سُڌ به اتان ملي ٿي ته حُسن جي سَڌ به اِتان اُتپڻ ٿئي ٿي. اها پڙهندڙ کي سخت متاثر پڻ ڪري ٿي ۽ ان ۾ اداسي، درد توڙي خوشي ۽ مسرت جا جذبا پيدا ڪري ان کي اداسي يا خوشي پڻ عطا ڪري ٿي. شاعري فطرت جي ترجماني به ڪري ٿي، انسانيت سان محبت جا قاعدا به نرواري ٿي ته ايندڙ نسلن جي خيالن تي به اثرانداز ٿيڻ جي سگھه رکي ٿي. ڪيترائي نسل وقت ۽ زماني جي وٿي کان بالاتر ٿي ان مان مستفيض ٿين ٿا. نه فقط ان شاعر جي قوم جا نسل، پر عظيم شاعري سڄي دنيا ۾ پنهنجي خيالن ۽ فن جو غوغاءَ پيدا ڪري ٿي. اها سڄي انسانذات جو گڏيل ورثو هجي ٿي. شاعر دکايل دلين جو ترجمان هجڻ سان گڏوگڏ پنهنجي قوم ۽ ملڪ جو سفير ۽ انسانذات جو آواز هجي ٿو. منهنجي شاعري ۾ به اهي ڪيفيتون، ولولا ۽ آواز ملن ٿا. تنهن هوندي به اهو مناسب نه ٿو لڳيم ته پاڻ ئي ويهي پنهنجي شاعري جي وياکاڻ يا ڪٿ ڪجي. اهو عمل يقينن پڙهندڙن تي ئي ڇڏي ڏجي ته گھڻو بهتر ٿيندو.
ادب ۾ منهنجي بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ آهي. تنهن ڪري اڪثر شاعري جي نالي ۾ رنڊا پئي روڙيا اٿم. ان جي باوجود منهنجي شاعري ڪتابي صورت ۾ هيستائين تمام گھٽ، بلڪ ڏٺو وڃي ته نه هجڻ جي حد تائين، شايع ٿي آهي. هيءَ منهنجي ڪوتا جو ٻيو ڪتاب آهي ـــ لاڙ، لهرون، سمنڊ. هن کان اڳ ۾ هونئن ته منهنجا ست ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. پر انهن مان ڇهن ڪتابن جو تعلق نثر جي مختلف صنفن سان آهي. باقي صرف هڪڙو ڪتاب شاعري جو آهي ـــ وِڄون اُتر واءَ. ايئن ته ليکڪ کي پنهنجي هر نئين ڪتاب جي ڇپائي سان اڻمئي خوشي پلئه پوي ٿي، پر اڄڪلهه سنڌي ادب جي ڇپائي جي جيڪا صورتحال آهي، انهي ۾ شاعري جي ڪتابن جا ڇاپيڪار تمام گھٽ مقدار ۾ دستياب آهن. جيتوڻيڪ شاعري جا ڪتاب اڄڪلهه گھڻا ٿا ڇپجن ۽ مارڪيٽ ۾ انهن جي چڱي خاشي کپت پڻ آهي، تنهن هوندي به پبلشرن کي شاعري جي ڪتابن ڇاپڻ بدران ٻين ڪتابن ڇاپڻ جو گھڻو خفت هجي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته هُو ڪِن ڦِت به پيا ڇاپيندا آهن، پر شاعري جو ڪتاب شايع ڪرڻ تي سندن روح گھٽ ئي ورندو آهي. جيڪي ڪتاب ڇپجن پيا، تن مان اڪثر ته شاعر پاڻ پنهنجو خرچ ڪري يا سنگت ساٿ مان هِتان هُتان پَٽ سَٽ ڪري ڇپائي رهيا آهن. سو جڏهن مون کي پياري دوست ۽ نئون نياپو پبلشرس جي روح روان محترم انعام عباسي شاعري جو مجموعو سهيڙي مسودو موڪلي ڏيڻ جي آڇ ڪئي ته پهرين ته مون کي سندس انهي ڳالهه تي ڄڻڪ اعتبار ئي نه پئي آيو. البت سندس بار بار اسرار تي نيٺ ايئن ڪرڻو پيو ۽ هاڻي جڏهن هيءَ مجموعو ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پڄي رهيو آهي، تڏهن مون کي جيڪا خوشي ٿي رهي آهي، سا ڪاٿي ڪرڻ کان تمام گھڻي وڌيڪ ۽ وڏي آهي. جنهن جي لاءِ آئون انعام عباسي جو تهه دل سان ٿورائتو آهيان. گڏوگڏ آئون وحيد حيدر زئور جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنهن هيءَ ڪتاب شاعري جي رجسٽر تان اتاري مسودو پنهنجن اکرن ۾ سُونهي سنواري ڏنو. مٿين دوستن جو ساٿ ۽ سهڪار جي مون کي حاصل نه هجي ها ته هوند هيءَ ڪتاب اڃا اوهان جي هٿن تائين پهچي نه سگھي ها.
البت آئون جنهن انسان جو سڀ کان گھڻو شڪرگذار آهيان، اهو آهي سائين محمد ابراهيم جويو. جيڪو اڄ به پيرسني، ڪمزوري ۽ هيڻائيءَ جي هوندي به پنهنجون مصروفيتون جاري رکيو اچي. هو ادبي ۽ سياسي سماجي مصروفيتن سان گڏوگڏ لکڻ پڙهڻ جو عمل پڻ بخوبي جاري رکيو اچي. ساڻس ملي مون کي سائين جي . ايم . سيد ياد ايندو آهي، جيڪو هيڻن هڏڙن جي باوجود عمل ۽ اتساهه جي تمثيل بڻيل هيو. اهڙو ئي اتساهه مون کي سائين محمد ابراهيم جويي سان ملڻ کانپوءِ ملندو آهي. اڃا به ايئن چوڻ صحيح ٿيندو ته هو سڄي سنڌ لاءِ اَت اتساهه ۽ ان جي روشن آئيندي ۾ اڻٽٽ ويساهه جو ڪارڻ آهي. هو ئي واحد دانشور آهي، جنهن سنڌ جي مختلف پارٽين پاران ڪجھه وقت اڳ جڙيل هڪ اتحاد (ايس ڪيو آءِ) جي موقعي تي چيو هيو ته هي اتحاد اڪيلي نقطي تحت جڙڻ کپي، جيڪو نقطو سنڌ جي آزادي هجڻ گھرجي. اها الڳ ڳالهه آهي ته نه اهي سڀ اڳواڻ سنڌ وادي هئا ۽ نه ئي آزادي انهن جي اوليت هئي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو نه اهو اتحاد هلي سگھيو، نه ڪي مقصد ماڻي سگھيو ۽ نه ئي سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ڪي اهم اضافا ڪري سگھيو. غلام ملڪ جي سياست (۽ پڻ ادب) جو آدرش آزادي کانسواءِ ڀلا ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ۽ قومي آزادي کانسواءِ ٻي ڪهڙي سياست ان جي ڦٽن جي مرهم ٿي سگهي ٿي؟ ان ڪري جڏهن اهو اتحاد آزادي جي نقطي ڏانهن نه آيو ته اڳتي هلي جويو صاحب به ان کان گھڻو پاسيرو ٿي ويو. سنڌ جي آزادي سان سندس اهو عشق مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. سنڌ جي مست الست فقير ۽ عاشق جناب محمد امين خان کوسي ۽ رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي کانپوءِ. هو ئي آهي، جيڪو سائين جي ــ ايم ــ سيد کي منهنجو سيد اعظم ڪري لکندو آهي. ”فڪر جي آزادي“، ”انقلابِ فرانس“، ”سنڌ منهنجي خوابن جي“، ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ ۽ ”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“ جهڙن ۽ سندس اهڙن ڪن ٻين لازوال ڪتابن کان وٺي سندس هِنن دلربا ادائن تائين هو لاڳيتو اسان جي دل ۾ رهندو اچي. منهنجي وڏي خواهش هئي ته آئون کانئس پنهنجي ڪنهن ڪتاب جو مهاڳ لکرايان. سنڌيءَ ۾ اڄ تائين اهڙو ڪو مهاڳ نه لکيو ويو آهي، جهڙا مهاڳ هن شيخ اياز جي ڪتابن تي لکيا آهن. سو منهنجي به وڏي ڪلپنا هئي ته جويو صاحب منهنجي ڪنهن ڪتاب جو مهاڳ لکي. جيتوڻيڪ مون سال کن اڳي کيس منهنجي هڪ لکت هيٺ سياسي ڪتاب تي مهاڳ لکڻ لاءِ عرض ڪيو هو (جيڪو ڪتاب اڃا اُتي ئي آهي)، جنهن جي هن هامي ڀري هئي. پر جڏهن هيءَ ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾ آيو ته مون سوچيو ته هو ڪتاب خبر ناهي ته ڪڏهن مڪمل ٿئي ۽ ڪڏهن ڇپجي. ان ڪري هِن ڪتاب جو مسودو کڻي وٽس حاضر ٿيس. آئون سائين جو نهايت ئي ٿورائتو آهيان، جو پاڻ منهنجي شاعري جي هن ڪتاب ”لاڙ، لهرون، سمنڊ“ جو نه صرف مهاڳ لکي ڏنائون، پر شاعري جي پڻ ڪافي حد تائين اصلاح ڪيائون ۽ اهڙيون بهتر ۽ مفيد صلاحون ڏنائون، جن جي ڪري مون جهڙي خام انسان جي شاعري ۾ وڌيڪ بهتري اچي سگھي آهي. جي هيءَ شاعري روح جي اجھل رڙ آهي، ته هُن جي سُوڌ سنوار اِنهيءَ رڙ ۾ نئون سوز پيدا ڪيو آهي. سچ ڪَ هن کي ٿورن جي ادائيگي لاءِ مون کي اهڙن حرفن جي ڳولا ڪرڻي پوندي، جيڪي سندس قرض لاهي سگھن. پر آئون هيءَ قرض لهڻ جهڙا نه ٿو سمجھان. ڪي ڪي قرض اهڙا هوندا آهن، جيڪي ڪر سڄي ڄمار چڙهيل ئي هجن ته بهتر آهي.
جيتريقدر هن شاعري ۽ پڙهندڙ جو تعلق آهي ته مون کي اِن باري ۾ نه ته ڪجھه لکڻ جي ضرورت آهي ۽ نه ئي اڳواٽ ڪنهن چِٽائي ڪرڻ جي. ڇو ته اِهو دل جو تعلق هجي ٿو. اکين جي ڏور ۾ ٻَڌل اهو تعلق نه زبردستي جُڙي سگھي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن جي ٽوڙڻ سان ٽُٽي سگھي ٿو. اهو ڳانڍاپو هر پاڙهُو کي پاڻ جوڙڻو آهي. جيتري هن شاعري ۾ سگھه هوندي ۽ جيتري ئي پاڙهو ۾ دل جي بينائي هوندي، اوتري ئي سطح تي هي تعلق پنهنجي جڳهه ٺاهيندو. آئون رڳو ايترو عرض ڪري ٿو ڇڏيان ته جيڪڏهن ڪنهن پڙهندڙ پنهنجي راءِ کان مون کي آگاهه ڪيو ته اها ڳالهه مون لاءِ سَرهائي جو سبب بڻجندي. شايد هر انسان ان باري ۾ ڄاڻڻ گھرندو آهي ته سندس محنت ڪيتري قدر ساب پيئي آهي.
آئون پنهنجو هيءَ ڪوتا ڪتاب شهيدن جي نالي ڪندي ۽ سنڌ جي حضور ۾ پيش ڪندي ڪيفيتن جي جنهن اٿاهه گهرائيءَ ۾ آهيان، اُها اهلِ دل انسانن جو ئي خاصو هوندي آهي. جيڪا ڳالهه منهنجي لاءِ اهم روحي اثاثي جوڳي ۽ وڏي مَرڪ لائق آهي.
نواز خان زئور
8 نومبر 2011ع
ڳوٺ احمد خان زئور،
ميرپور بٺورو، ضلعو ٺٽو.
03003785331
nkzaor@yahoo.com