شاعري

لاڙ لهرون سمنڊ

ڪتاب ”لاڙ لهرون سمنڊ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب شاعر، ليکڪ ۽ ناول نگار نواز خان زئور جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
انعام عباسي لکي ٿو: هيءَ ڪتاب: ”لاڙ، لهرون، سمنڊ“ سندي سنڌ ساڃاهه، چاهه، اتساهه ۽ ٻليدان جي ٻاڪارن جو پڙاڏو لڳي ٿو...
وڏي وقت کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جي سنسار ۾ هڪ اعليٰ فني، فڪري ۽ خاص قومي ماجرا ئن، مامرن ۽ مونجهارن کي وائکو ڪندڙ سريلو ڪتاب آيو آهي....“
Title Cover of book لاڙ لهرون  سمنڊ

سمنڊ ڄڻ آڪاش، ڪيڏا تارن ترورا!

سمنڊ ڄڻ آڪاش، ڪيڏا تارن ترورا!
جادو آهي جر ۾، ماڻهوءَ سونهن تلاش،
ڌرتي ڄڻ ته فراش، اُن تي ڦلڙيون اڀ جون.

لاڙُ، لهرون، سمنڊُ، ڇاڇا سِرجي جيءَ ۾،
اڀريو مٿانهه چنڊ، ڪيٽي بندر راتڙي.

لاڙ، لهرون، سمنڊ، ڪهڙا سپنا سڙهه جا؟
ڪهڙو آهي مَنڊ؟ سامونڊيڪي سنڱ ۾.

لاڙ، لهرون، سمنڊ، ڇاڇا سپنا ساهه جا،
ٻيڙيءَ مٿان چنڊ، مون سان مرڪي ٿو پيو.

لاڙ، لهرون، سمنڊ، سندر سپنا سونهن جا،
منهنجي مَنَ گهمنڊ، آهي تنهنجي پيار جو.

لاڙ، لهرون، سمنڊُ، ڪيٽي بندرَ راتڙي،
اڀري مٿان چنڊُ، جرڪائي ويو جيءَ کي.

اڏري وجهي ٿي پاڇو، ڪونج ترائيءَ تي،
جڳ جڳ جو جادو آ، سانجهيءَ ويلا کي.
ڪيڏيءَ لاڙ مٿي، سونهن وسي ٿي سانورا!

آنءُ اتر، ڪاڇو، لاڙ، مان ئي سرو ۽ ٿر،
مون کان ڇا لئه ساڙ، سرتا! توکي ٿو ٿئي.

ٻهراڙيون ٻهڪيون، سرنهن جي ڦولار ۾،
پاڻياريون مهڪيون، چولا چهٽا ارهه سان.

ٻهراڙيون ٻهڪن، آئي مند ملهار جي،
چانڊوڪيون چهڪن، اڀري هر هڪ ڳوٺ تي.

کيت لڏن ٿا واءُ ۾، ٻهراڙي ٻهڪي،
هارياڻي لهڪي، ڏسي ڪانڌُ قرار ۾.

سانجهي، سُپنا سُرمئي، ناوَ، درياهه، تِک،
ڪيڏي سهڻي ڏِک، سنڌوءَ هر هڪ جاءِ تان.

اُٿ! پرهه جي هير ۾، پکي ٿا ٻولين،
راز پيا کولين، اڻ ڄاتي اسرار جا.

ڪيڏانهن ڪاهي ٿو، هي ڪارو ڪارونڀار؟
ساري سڀ ڄمار، ماڻهو هلي ٿو هيڪلو.

ڪيڏي پُراسرار، آهي شفق اڀ ۾،
ڪنهن ڀي ڄاتا ڪينڪي، پرانهين جا پار،
ڪهڙي هيءَ تنوار؟ مَنُ وجهي ٿي مونجهه ۾.

سانجهي، درد، اڪيلائي، ڪيڏو هانءُ اداس،
آهي هلڪيءَ هير ۾، ڄڻ ته تنهنجو واس،
روح نه اچي راس، ڪا ڪا ويلا هيڪلي.

دل مڃي ئي ڪانه ٿي، آئون ڪريان ڇا،
جبل جا پاڇا، مون کي ڇڪيو ٿا وڃن.

پَنَ ڇڻَ جي شام، ٿڌڙي واهوندِي،
ٻڏي وئي اڀ ۾، سورج سندي لام،
شفق اڄ سلام، آندا پَرئين پار کان.

هاڻي مَڌُ مچي وئي، اچو پياڪو!
موکيءَ نياپو، مُنجيو آهي ناز سان.

ڪيسين لنوائيندين، آنءُ ته ڪوئي سڏ هان،
نيٺ ورنائيندين، ڪري پڙاڏا ڏيهه ۾.
توکي پائي مون پرين! سڀ ڪجهه پاتو آ،
هاڻي ڄاتو آ، جيون جي هر راز کي.

مون مان منهنجي ”مون“، هاڻي ويندي ٿي رهي،
جوڀن سانوڻ ڏينهڙا، توسان گهاريا سون،
چئني طرفين تون، هاڻي مون کي ٿي ملين.

دنيا جي وهنوار کي، ڪيسين ٿڏيندين!؟
گوندر گڏيندين، ڪيسين پنهنجي جيءَ کي!؟

جڏهن آئون تباهُه، ٿيس تولئه سنڌڙي!
دوستن وڃي ٺاهُه، منهنجي ويرين سين ڪيو.

ڪيڏو جيءُ اداس، ڪيڏي اڪيلائي!
ايڏي ڀلائي، اڙي وقت، اسان مٿان!

تنهنجو هٿ ڇهاءُ، واسي ويو وجود کي،
سارو وقت سرير ۾، ڄڻ ڪو هير هڳاءُ،
اڃا تائين لڳاءُ، ڪيڏو توسان ڪامڻي!

آيا ڌنار ڌڻَ، ڪاهي شاخ ڪنڌيءَ تي،
ٽالهيون ڇاڻي ڇڏيون، جبر جي پن ڇڻَ،
پاڻي توڙي وڻَ، آهن اڄ ڏڪار ۾.

ننڊ اکين جي مٿان، هٿ گهمائي ٿي،
جيئن پرچائي ٿي، ماءُ پنهنجو ٻارڙو.

پاڻي ڍوري ۾، ايئن چمي ٿو چنڊ کي،
ڄڻڪ بٺوري ۾، مون کي ساريو پيو وڃي.

ڍوري ناري ۾، آنءُ چيو: ترسي پوان،
چنڊ کاري ۾، جيئن آهِلجي ٿو پوي.
ڪلانگر ۾ ٻيڙيون، صبح سمي جو،
حسن نظاري جو، موهي ويو دلڙي.

هاءِ! هيڪل سانجَهه، وئي ولوڙي من کي،
ڪائي ڳالهه اڳانجَهه، اڀري آئي اوچتي.

اڌ ۾ ٿڪائي وجهين، مون کي سنڌ! متان!
تنهنجي قسمت مان، تڙي ڪڍان شل انڌ کي.

منهنجي مٿي هٿُ، سيد! رک سٻاجهڙا،
جيئن هي ٽٽل رَٿُ، اڃا ڀي اڳتي هلي.

مري ڀي توکان، ڌار نه ٿيندس سنڌڙي!
ور ور ايندس مان، سرنهن جي ڦولار ۾.

هاڻي ننڊ اچي پئي، ڇڏ ته آئون وڃان،
سپني ۾ سپرينءَ کان، ڀيرو ڪيئن ته ڀڃان،
پنهنجو روح سَڃان، ڇُهي پارس پيار جو.

آکيرا ڀترن اوٽ ۾، اچي اَڏيا ٽيٽيهرَ،
رونبو، ٻارَ ولرَ، آنا ڳولين ريج ۾.

هي روپهريون راتڙيون، تن ۾ تند تنوار،
ڪهڙي شمع آ ٻري، روشن آ سنسار،
ڪيڏو ان سان پيار، آهه خدا جي اک ۾.

وئين تون واسي، سيد!سڄي ديس کي،
اڃا پيئي ڀاسي، تنهنجي خوشبو سنڌ ۾.

آمرَ اونڌي ٻوٿ سان، ڪِري تڙجي ويا،
آزاد ٿي اڀريا، عوام اوچي ڳاٽ سان.
چانڊوڪيءَ ۾ ڳوٺڙا، ڏاڍا وڻن ٿا،
کنڀي کڻن ٿا، مون کي هر ڪنهن شهر مان.

هاريءَ سوچيو: ”هيل ٿيو، فصل ڀليرو،“
مِڙي آيس مُک تي، ڄڻ ته سويرو؛
اچي وڏيرو، سارو کيت کڻي ويو.

اڳي ڪڏهن ڪانه هئي، ايڏي سنڌ اداس!
اڄ ڏس آهي ڪيتري، سنڌو هوندي پياس،
آزادي جي آس، نيئرَ ٽوڙيون جبر جا.

چنڊ!هلين ٿو ناوَ سان، ڪيڏانهن ڊوڙي تون؟
پڄي نه سگهندين مون، منهنجي منزل ڏور آ.

ڪيسيتائين تون، مون کي لنوائيندين!؟
مون ۾ پائيندين، نيٺ ته پنهنجو پاڻ کي.

ڏس ته کڻن ٿيون ساهه، پنکڙيون گلابن جون،
اڏري جن مان مهڪون، واسين ساري جُوءِ کي.

طبقاتي ۽ قومي، جبر کي ڊاهيون،
ٻيهر پوءِ ٺاهيون، سهڻو هن سنسار کي.

ڀاڪرين ڀري ٿو، ڀڳو ٽوڙو درياهه کي،
۽ سنڌو چمي ٿو، جهڪي پيرَ پهاڙ جا.

آ ڪڏهن ٺڪراٺو، ڪڏهن آهه پهاڙ جيئن،
ڪڏهن آڳ الاءُ آ، ۽ ڪڏهن پاڻياٺو،
جيوَن چئو واٽو، آهي هر ڪنهن هانوَ سان.

ڪِراڙ ڪنڌيءَ تي ڪيترا، ڪنول ڦلاريا،
ڏيئڙا ٻاريا، صديون جرڪي شاعريءَ.
ڪينجهر ڪنڌيءَ تي، ٽڙيا نيل ڪنول،
ڄڻ ته نوريءَ ڳلَ، جرڪن پيا جر مٿان.

پنهنجو پٽڙو ننڊ ۾، ڪيئن تون ڇڏين ٿو،
ڪيڏانهن وڃين ٿو، گوتم!آڌيءَ رات جو.

ڪپل وستو ۾ هيو، ڇا رڳو ئي دُکُ،
ڇا ڪوئي سُکُ، ڪڏهن تو ڪونه ڏٺو!؟

جيئن تو چاهيو هو، ايئن نه ٿيو، گانڌي!
اڃا تائين آنڌي، آهي بر صغير تي.

اڃا ننڍو کنڊ، آهي اونداهو،
ڪونهي ڪَرَلاهو، هاڻي ڪو به ان جو.

ترڪ ڪري وئين اوچتو، تون ڇالئه اميري،
آ فقط فقيري، ذريعو ڪنهن نجات جو!؟

ڪيڏي ڏُور اڏار ڪيَئي، اي پکي پرڏيهي!
ڇا سنڌڙي جيهي، ڪانهي ڪابه پناهه ٻي!؟

ڇا جي لاءِ حوَسَ، نه ٿو وڃي ماڻهوءَ مان،
توڙي سارا گسَ، خالي هٿين ڪاٽڻا.

آهي سارو جڳُ هي، ڄڻ ته ڪائي ڪٻاڙَ،
پورو ڏينهن لٻاڙَ، پوءِ به ماڻهو ٿا هڻن!

وِشِ ڪَنيا جيئن شاعري، جنهن کي چاهي ٿي،
تنهن کي ڊاهي ٿي، ڪجهه پلَ ڏيئي قرار جا.

مَڌُ ڪنيا جيئن شاعري، جنهن کي چاهي ٿي،
تنهن کي ٺاهي ٿي، عمر ڀر ڏئي ارپنا.
مَڌُ توڙي وِش ڪنيا، مون لئه ساڳي شاعري،
ڊاهي ٺاهي ٿي وري، مون کي پنهنجي پيار سان.

وِش ڪَنيا توڙي مَڌَ، مون لئه ساڳي شاعري،
ٻيهر جوڙي ٿي ڇڏي، هيڪر ڪري مون اڌَ،
ان سرڪيءَ جي سڌَ، آهه سمائي ساهه ۾.

شعر اچن ٿا هانوَ تي، پکي جيئن آڪاس،
اندر جا احساس، جهرمر لاتي شاعريءَ.

شعر ترن هانوَ تي، پکي جيئن آڪاس،
اڏاڻا احساس، ولر ڪري واءَ ۾.

نفرت ۾ تون پاڻ کي، ڇا لئه وڃائين ٿو،
ڪجهه به ته نه پائين ٿو، پيچرا ڇڏي پيار جا.

ڄڻ ته ڏئي ويو سنڌ کي، چؤڌاري لوڙهو،
جاڳي ٿو پوڙهو، اڄ به پنهنجي فڪر ۾.

توکي شاهه لطيف! اڄ به ساريون ٿا،
وچنَ پاريون ٿا، اسين سدا ديس سان.

ڏس! چمڪن ٿا چنڊ جان، منهنجا ساراگهاءَ،
پنهنجا پوءِ به لڳاءَ، گهرا آهن سچ سان.

پکي اڏامن ٿا مٿان، اڄ علي بندر تي،
ڇانوءَ ٿي وئي جر تي، وڳر گهاٽا جهڙ جيئن.

جڳ مڙيوئي نرواڻ آ، ڇا ٿو ڳولين تون،
سوچون ”اڳتي“ جون، ڪڏهن اجايون ٿيون لڳن.

آهن ڪيڏيون واءَ ۾، ڳالهيون سمايل،
ماڻهو هي پاڳل، ڪجهه به سمجهن ڪين ٿا.

ڪيئن جڪڙجي ٿيون وڃن، اکڙيون اکڙين سان،
ڪهڙي تن ۾ نينڍَ آ، جنم جنم کان،
ڄاتيون ڪنهن نه اڃا، ڪڙيون هن زنجير جون.

خوشبو آهي واءَ ۾، لڱ ڌُئي پَئِي ڪير؟
آئي آهه سوير، چوٽو چندن چِڪ ڪري.

ڪيڏي پري ٿي وڃي، ماڻهو سندي نگاهه،
صديون کڻن ٿيون ساهه، ڪنهن ڪنهن اک نهار ۾.

اڄ ته ڄڻ آڪاشُ، آهي ڪنهن جي سوڳ ۾،
تارو تارو لاشُ، غائب ساري روشني.

ڪنهن هيءَ ڀرت ڀريو آ، چولو سڄو ڦلڙيون،
تارا، تِر، تروڪڙيون، آهن جيئن آڪاس ۾.

ڪوهَه نِدا جيئن اکڙيون، آهن پرينءَ جون،
مون کي سڏين ٿيون، پاٻوهه منجهان پاڻ ڏي.

ڳالهيون ڳهلي لوڪ جون، ڪيسين ساريندين،
ڪيسين واريندين، دکڙا پنهنجي جيءَ تي.

ڇا جي لاءِ تياڳ؟ جڳ ته هونئن ئي مڪتي،
ڪڏهن ٽوڙي ٿو وجهي، ماڻهو کي ويراڳ،
تنهن جي هٿ آ واڳ، جيڏانهن چاهين موڙ تون.

توڙي جوٺو آ ته ڀي، مڪتي مون لئه جڳُ،
وارياسي تي وڳُ، ڇا ته وڻي ٿي چاندني!
مڪتي آ، نه ماڻهوءَ لئه، هاڻي ڪو به تياڳ،
آئيندي جي اک ۾، آهي پنهنجو ڀاڳ،
جِيوَن سندو لاڳ، آهه رڳو جاکوڙ ۾.

سک نه آندو سنڌڙي، تولئه ورهاڱي،
تنهنجي هر ڀاڱي، ريلا آهن رتَ جا.

ڪهڙي ڪائنات، آهي ماڻهوءَ من ۾!؟
ڪڏهين اُن ۾ شور آ، ڪڏهين چپ چپات،
ساري ڄڻ ته حيات، اونهو ڪو اسرار آ.

هونئن ئي جلترنگ وڄن، اُن جي لوليءَ تي،
سنڌي ٻوليءَ تي، ڀرت جيان هي شاعري.

ماڻهوآهي مطلبي، شاعر سچ ٿا چُونِ،
”هوندن مٿي هُونِ، لاڳاپا هن لوڪ جا.“

لاڳاپا هن لوڪ جا، ڪم نه اچن ٿا،
ڇڏي وڃن ٿا، ماڻهو ڏکيءَ ويل ۾.

لاڳاپا هن لوڪ جا، اڻپورا آهين،
پوءِ به ٿا چاهين، ماڻهو ڪنهن جي ساٿ کي.

وهنجي پيئي واهه ۾، لٽا هوءَ لاهي،
خوشبو ڦهلائي، جيئن ڌوئي ٿي انڱڙا.

نينگرُ روئندو ماءُ جي، وڃي پيو پويان،
ڏاڍي هيج منجهان، ڏسن ٻنهي کي ڇيلڙيون.

ڦيرا ڏيئي ٻنيءَ ۾، لٿو روهاڪي،
شڪاريءَ مرڪي، ڏٺو پنهنجي ڄار کي.
ڪَرڪَن پيون ڪونجڙيون، اتر لڳو آهه،
ساري توکي ساهه، ڪڏهن ايندين اي پرين!؟

ڪنهن لئه ڀرائي بادلو، آيو آهين تون،
ڇوڪريون شهر جون، ٿيون ڪٿي سمجهن ڀرت کي.

ويهي انب جي لام تي، ڪويل ڪوڪي ٿي،
ڄن ته ڦوڪي ٿي، جادو اسر ويل ۾.

کيت لڏن ٿا واءَ ۾، ڦهلي ڦول ڦلار،
پاڻيارين جا پيار، جاڳيا آهن جيءَ ۾.

لهر ڪري وئي خوشبو، ڌوئي پاڻيءَ انگ،
ڀَئونرا پهتا سنگ، سڳنڌ سمجهي گل جي.

ڪامِڻ مرڪي ڪالهه، ويئي لتاڙي گهٽيون،
اڃا اُن جي ڳالهه، ڇورن منجهه ڇُلي پئِي.

ڪامڻي مرڪي ڪالهه، ويئي اڪري ڳليون،
ڌڙڪيون ڪجهه دليون، ڏسي روپ سروپ کي.

تترُ نڪتو سَرَ مان، ڪنهن کي ڳولڻ لئه؟
ڪنهن جي ٻولڻ لئه، پاڻ وڌائين ڄار ۾!؟

مور ٽَهوڪيو مينهن ۾، ڊيل کنيا پئي پَر،
سر۾ ڪاريهر، ڇَپ هڻي ويٺو رهيو.

ڪيڏا ڪارايل، رنگ پکيڙيا ريت تي،
ڄڻ ته ڪا پايل، سونهن وڄائي سڃ ۾.

هئي ڪامڻي پير ۾، ڄن ته ڪا پايل،
ڪيڏا ڪارايل، رات ٽهوڪا بن ۾.
رات ٽهوڪا بن ۾، ڪيا ڪارايلَ،
اڀ مٿان بادلَ، ڀرجي آيا مينهن سان.

اچي ويٺا ٻنڌ تي، ڳهر منجهان ڳيرا،
ڪارتوسي ڇيرا، ٻن ٽن کي ڪيري ويا.

سانوڻ ڪري اوڙڪون، آيو آهه مٿانءَ،
ٽمي پيو اوچتو، پاڻي ڇت منجهانءَ،
ڦڙن لاءِ ٿانءَ، آڻي رکيا نينگريءَ.

وارياسي ۾ مور جيئن، ڪڏهن نچن ٿيون،
ڀانءِ نه اچن ٿيون، ڪڏهن گهڙيون وصال جون.

سوين ماڻهن وچ ۾، ڪڏهن من وياڪل،
ڪڏهن پر هيڪل، ڀاڪرن ۾ سِرشٽي.

ڪڏهن ويراني، من گهري ٿو چاهه مان،
توڙي اڳيان هجي کڻي، دل گهريو جاني،
ڪڏهن ٿئي ٿي بوج جيئن، ساري ياراني،
جيءَ جي جولاني، آهي سدا درياهه جيئن.

اچي کري ۾ لٿا، داڻا چڳڻ جي،
تنين پکين کي، تون متان وجهين ڍٻيون.

آکيري جي اوٽ ۾، ٻچا چڳائي،
پکين جڳائي، دعوا ممتا موهه جي.

لهي لهي ڪانه ٿي، هيءَ ڪهڙي آهي اُڃ؟
پرتان تجلا پاڻيءَ جا، سونهن نرالي سڃ،
عشق مڙيوئي رڃ، ڪونهي قلب قرار ۾.

مڙيون گلن تي اچي، مکيون ماکي جون،
ٻار ڪري ٽوليون، وڃن پيا جهنگ ڏي.

سانجهيءَ جو بيٺا جڏهن، سارو ڏينهن وسي،
ويا سرمئي بادل ٿي، نکريو رنگ اڀ جو.

آهن منهنجا بيتڙا، اڀ تي انڊلٺ جان،
جنهن جي رنگن مان، جرڪي ٿي هيءَ سرشٽي.

ڦهلائينِ ٿا خوشبو، هي جي منهنجا بيت،
ڄڻ ته سرنهن جا کيت، هجن ڦول ڦلار ۾.

سامونڊي لهرن جيئن، سدائين بيقرار،
چڙهاءُ ۽ اتار، آهي پنهنجي شاعري.

هر هڪ وَٿَ ولهار جِي، اجري ٿي آ پئي،
سارو ڏينهن وسِي، ڌوئي ويو آڪاس کي.

متان ڀانئين بيت جو، دامن تون سوڙهو،
چؤڌاري لوڙهو، آهي ٻولي_ڳوٺ کي.

ڪيڏو ڪشادو، پاند پنهنجي بيت جو،
ان جو احاطو، آهي ساري سرشٽي.

تون متان ترائيل، ڀيٽين پنهنجي بيت سان،
ٿي اچي جنهن منجهان، سڳنڌ سرنهن کيت جي.

متان تون سانيٽ، ڀيٽين پنهنجي بيت سان،
چانڊوڪيون ۽ چيٽ، جَڙيل جنهن جي جيءَ ۾.

مٿڀرو سانيٽ، متان بيتن کان ڪرين،
چانڊوڪيون ۽ چيٽ، اوچيون هر هڪ چيز تي.
مٿي ترائيل، متان بيتن کان ڪرين،
ڪڏهن ابابيل، مَٽُ نه آهي مورُ جو.

جوار ڀاٽا جيئن، ٻنيون ٻوڙي ٿي،
رت ولوڙي ٿي، ڪڏهن ڪڏهن شاعري.

چانڊوڪي جيئن سمنڊ ۾، اڀري، گرجي ٿي،
ايئن سرجي ٿي، ساگر جهڙي شاعري.

بيهي اڱڻ اوٽ تي، ڏسن ٿيون مايون،
ڇانيون سرهايون، ڪونجون ڪرڪن ڳوٺ تي.

مادي چيخي ٿي پئي، ڏسي نر ڦاٿل،
شڪاريءَ قاتل، ڦاسايو آچيخلو.

هونئن ته ڪوئي سونهن جو، سَنڌو نڪي سيڙهو،
پر سنڌي عورت جو، مَٽُ نه ڪائي ڪامڻي.

مٽ نه ڪائي ڪامڻي، سنڌي عورت جو،
هونئن ته فطرت جو، هر ڪا منڌ شهڪار آ.

جهڙي سنڌي ڪامڻي، ٻيءَ نه تهڙو واس،
هونئن ته گَهرَيِ پياس، آهي استري پرش جي.

چڪورَ چاهُه چنڊ سان، ايئن ڊوڙي ٿو،
ڄڻ ته جوڙي ٿو، آکيرو آڪاش ۾.

گانڌي! اڄ به گوليون، آهن آدمزاد تي،
ٻاجهاريون ٻوليون، گم ٿي ويون ڪنهن شور ۾.

سچل! تو جيئن ڪير، سچ ڳالهائي ئي نه ٿو،
ڇانيو آهه انڌير، هاڻي تنهنجي ديس تي.
شاهه عنايت! جهوڪ ۾، گهرجين ٿو تون اڄ،
هارياڻين جي لڄ، هاڻ به تُنهنجي آسري.

شاهه عنايت! سنڌ ٿي، توکي سيني لائي،
”جوکيڙي سوکائي“، راهه ڏَسي وئين ديس کي.

جيئن وئين شهيد ٿي، شاهه عنايت تون،
هي ٻنيون سنڌ جون، ويون ڄڻ ته يتيم ٿي.

شاهه عنايت! تنهنجا، صوفي سڀ سمهي پيا،
سنڌڙيءَ جا سڏڪا، هاڻي ڪير ٻڌي نه ٿو.

شاهه عنايتُ رت جي، ڇڏي ويو خوشبوءِ،
واسي ساري جُوءِ، نئين فڪر جي جوت سان.

ساري پيئي سنڌ، مخدوم بلاول کي،
گهاڻي گهڙندا جي، سيئي ماڻينِ ماڳ کي.

بلاول! اڄ به سنڌ ۾، ڪيئي گهاڻا هِن،
پيڙيا آهن جن، ڪيئي گهوٽ ملوڪڙا.

مياڻيءَ منجهه گهمي پيو، هوشو! تنهنجو هانءُ،
اِجها ڇانئي ڇانءُ، آزاديءَ جي سنڌ تي.

مٺو، امان، ذڪريا، انور ۽ مالڪ،
ڊوڙيا سڀ ٻالڪ، آزاديءَ جي راهه تي.

سيد! توکي سنڌ، صديون ساريندي،
پاڻُ جياريندي، آزاديءَ جي خواب ۾.

”ڪارونجهر جي ڪور، مرين ته به نه وسارئين،
چوٽيءَ ٽهوڪي مور، ڏونگر ڏِيئي جيئن ٻَري.“
ڌرتيءَ تي جنت جيئن آ، ڪارونجهر جي ڪور،
چوٽيءَ ٽهوڪيو مور، جادو ٿي وئي ماٿري.

ڪارونجهر جي ڪور تي، اڄ به ماري ٿا ڦرن،
سارا مور سارِن، روئي توکي روپلا!

ڪارونجهر جي ڪور تي، اڄ به ورديءَ وارا،
واريءَ جا چارا، سارين توکي روپلا!

هيمون! انگريزن، توکي ڦاهيءَ چاڙهيو،
پر تنهنجو جيوَن، ٿي وئي ساري سنڌڙي.

آهي ڪٿ انگريزُ، اڄ هن برصغير ۾ !؟
هيمون ! تون رنگريزُ، آندئي پارَ پرهه جا.

ويندا مليا ميٽ ٿي، سڀئي ”سپر پاور،“
سڀ قومون برابر، آهن ڌرتيءَ جي مٿان.

سورج آهي سنڌ جو، دولهه دريا خان،
پڌرا ٿيا نشان، آزاديءَ جي باک جا.

صالح ! تو زبان، سنڌيءَ لاءِ ڪٽائي ڇڏي،
هينئين هنڍائي ڇڏي، اسان تنهنجي ٻولڙي.

ڄام نظام سنڌ کي، ٺاهي ويو جيئن،
سڀئي سنڌي تيئن، ٺاهينِ شل هن ديس کي.

ڄام نظام سنڌ جو، جوڙڻهار ٿيو،
ڪوئي ناهه ٻيو، ثاني اُن جو صديون.

مخدوم بلاول آ، اڄ ڀي گهاڻي ۾،
اڄ ڀي ٿاڻي ۾، ماڻهو چچريا ٿا وڃن.
اڃا آهن سنڌ تي، سوين راتاها،
گوليون ۽ ڦاها، هر هڪ سرڪش ڳاٽ لئه.

ڄام تماچي جيئن تون، چاهين نوريءَ کي،
ايڏي دوريءَ کي، شال بنائين ويجهڙو!

اڻتڻ آهي ايتري، منهنجن سپنن کي،
جيئن ٿي رات ٿئي، مون سان ڪن ٿا ڳالهڙيون.

چري دلڙي! ڪيترا، دوکا کاڌا ٿَئي،
پوءِ به اڃا تون پئي، سوچين نئين پيار لئه!

اڄ نه ڪائي ڪاڪ آ، نه ڪائي نينهَن اڇل،
پوءِ به آ منزل، منهن موڙيون ڪيئن پيار کان!؟

سنڌ يونورسٽيءَ۾، آئي آهه نئين،
پر هوءَ ناهه نئين، پاليو اٿس پيار کي.

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، آئي آهه نئين،
نگاهه نه وڌئين، ڀر ۾ ها ڪجهه ڇوڪرا.

ڀرتُ ٽِڪن تي، ڪيڏو ٺهي ٿو،
ڄڻ ته ڪَهي ٿو، ڪهاڻي پيار جي!

مُڪي تي هي ڀرت ۾، سونُ ڀريو آ،
يا هي وريو آ، جوڀن تنهنجي بت تي!؟

ڄامشوري ۾، ٻُرن پيا ٽهڪڙا،
ڄڻ هندوري ۾، سونهَن لُڏي ٿي پئي.

دوست نه پنهنجي دوست جو، دک سمجهي ٿو،
خفا ٿئي ٿو، اکڙين ۾ لڙڪن کي ڏسي.
ڇا آهن بدلجي ويون، تنهنجون نهارون!؟
تڏهن ميارون، هر هر مون کي ٿو مُنجين!

ڪنوَلن وچان ڍنڍ ۾، تري ويون بدڪون،
پاڻيءَ ۾ ليڪون، اڀريون ٿوريءَ دير لئه.

اڌ رات، سيارو، مچُ، ڳوٺاڻي ڪچهري،
ڏاهپ ڀريا سچُ، سون ورنيون ڳالهڙيون.

زلف کولي واءَ ۾، ڪير وڃي پيئي هوءَ،
وارن جي خوشبوءَ، ڇڪي پيئي پاڻ ڏي.

ڏسين ٿي مون کي، کڻي نيڻ ننڊاکڙا،
ڄڻ ته نينهن نشا، مون کي چاڙهي ٿي وڃين.

آئي آهه مزار تي، ڳاڙها گل کڻي،
ويئي آهه وڻي، ڀرسان بيٺل ڇوڪريَ.

آئي آهه مزار تي، کڻي ڳاڙها گل،
من ۾ متل هُل، ڪهڙو ٿس، ڇاٿي گهري؟

ڪهڙي آهه ڪلالَ، سرڪي آندي مَنڌُ جي،
پياڪ کڻي پيرڙا، ڊوڙيا منجهه جلال،
اکيون ٻڌائين حال، بنجي من جي آرسي.

آڻي اتر واءَ وڌو، جهوراڻي ۾ جِي،
ڪائي سار لٿي، ڦيرو ڏئي پکيءَ جيان.

جرڪن ٿا آڪاش ۾، لکين ستارا،
ڪيڏا نظارا، لٿي رات پهاڙ تي.

جادوءَ ڀريءَ راتڙي، چوڏسا ڇائي،
پکڙي سُهائي، اڀريو چنڊ پهاڙ تي.
تارا چوڏهينءَ رات جو، کڻن پيا ساهي،
ناهي اونداهي، چمڪي چنڊ پهاڙ تي.

لٿو پهاڙن پوئتان، گهونگهٽ ويڙهي سج،
ٻنيءَ ۾ جيئن ٻج، تارا نڪتا اڀ ۾.

من آ منهنجو آرسي، جيڪر تون ڏسين،
ان ۾ پاڻ پَسين، صورت پنهنجي پيارڙا.

پرين! ڀري سِنڌور، سينڌ سجايَئي منهنجي،
هاڻ نه ڪجانءِ ڏور، مونکي پنهنجي من کان.

دل آ شاعر جي وڏي، دنيا جي گولي کان،
ان کي ڪڏهن متان، رنجائين ننڍڙو چئي!

پري هٽائيندِئين، ڪيسين مون کي دل کان،
ڪيسين نٽائيندِئين، عشق جي آواز کي!؟

نڪتو سج افق تي، گهونگهٽ هٽائي،
ڪُنوار پَسائي، جيئين پنهنجو مکڙو.

آڙيون اڏرن ڍنڍ تي، ڦيرا ڏَئي ور ور،
ڄڻ ڪنهين مصور، چِتر چِٽيا هِن واءَ ۾.

منڇر تي لٿا اچي، پکي پرڏيهي،
پاڻيءَ تي ويهي، ٿا ڀڃين ٿڪ سفر جو.

چوڏهينءَ رات، سيارو، منڇر، جرڪي ٿو پاڻي،
ٻيڙيءَ مهاڻي، ٿي چاڙهي نشا نهار سان.

خوشبوءَ مڇيءَ جي، اڀري ٻيڙيءَ مان،
جهٽي جيئن اسان، وئي وڌائي بک کي.
خواب جيان جيءَ ۾، اڀري اچن ٿا،
بيت نچن ٿا، ذهن جي آڪاش تي.

دل جي ڌرتيءَ تي، تون ئي ڦُٽين ٿي،
هوش لٽين ٿي، ڄڻ ڪا ول انگور جي.

دل جي ڌرتيءَ تي، تون ئي ٽڙين ٿي،
تون ئي کِڙين ٿي، مهڪِي من بدن ۾.

آهي ٻهراڙيءَ جو، پسمنظر منهنجي بيت کي،
مهڪي ٿو جئن ڪوئي گل، نراليءَ واڙيءَ جو،
ويس اٿن لاڙيءَ جو، پر سنڌ سمايئون پاڻ ۾.

کيرٿر کي تون، سدا شال سنوارئين،
جيءَ ۾ جايون، ڏي ٿو اوکيءَ ويل ۾.

متان ڪڏهن وسارئين، کيرٿر کي تون،
ان ۾ اميدون، آهن سدا سنڌ کي.

کيرٿرتي چاندني، جادو جڳائي،
سونهن پسائي، مون کي پنهنجي سنڌ جي.

اڀري رات هالار، آيو منهنجي جيءَ م،
پهاڙن جي پڪار، منهنجو چين چورائيو.

لب مهراڻ تي، ياد آئينءَ تون،
گڏ گهمياسون، ڄامشوري ۾ ڪڏهن.

آڌيءَ رات اروڙ، اڀريو منهنجي جيءَ م،
ڇانئي آهه صدين تي، ڪائي رتَ ولوڙ،
اڄ پڻ آهه پتوڙ، آزاديءَ لئه سنڌ ۾.

مادي اچي آهه لٿي، مٿان هاليجي،
ساري ٿي ڀيچي، ماريءَ جو ڪيرائيو.

ساريون ڪامرانيون، اِتي ئي هونديون،
گڏ نه وينديون، ماڻهوءَ سان پاتال ۾.

آيو آ خالي هٿين، خالي هٿين ويندو،
ڪا شيءِگڏ نه نيندو، ماڻهو پو ڇو لالچي!؟

ڪهڙو آهي سڪون؟ پيٽ ڀرائيءَ ۾،
هٿ پرائيءَ ۾، ڇا لئه ماڻهو ٿو وجهي!؟

سرنهن جي ڦولار ۾، وري ٽڙندس مان،
وري کڙندس مان، چانڊوڪيءَ ۽ چيٽ ۾.

سونارڪي گهٽيءَ ۾، وري ايندس آنءُ،
اڀيچند جي نانءُ، سرمدُ ور ور وارجي.

چؤڏس چپ چپات آ، اڄاتا الڪا،
سوين انديشا، لٿي رات پهاڙ تي.

حسن مان ڀرجي نه ٿو، ڪيڏو من اُڃو!
جيون هونئن سُڃو، ساري مُوڙِي عشق آ.

گذري عمر سونهن سان، پوءِ به من اُڃو،
توڻي نانهه سڃو، ميڙِيئين مُوڙي عشق جي.

دنيا ۾ هر چيز کان، عشق مٿانهون آ،
پاڳل ماڻهوئڙا، سمجهن نه اِنهيءَ ڳالهه کي.

آءُ! منهنجا ڀٽ ڌڻي، مون تي ڪر تون ڇانءُ،
آهي تنهنجو نانءُ، آڌرُ ساريءَ سنڌ لئه.

ڀٽائي! ٻه ٽي ڪڻا، وجهه اسان جي جهول ۾،
گهرجن مون نه گهڻا، جيڪي ڏِئين ٻاجهه سان.

آءُ! ڀٽائي آءُ! تولئه اکيون راهه ۾،
ساري پيئي صدين کان، توکي ڌرتي ماءُ،
گهرجي ٿو پڙلاءُ، اڄ به تنهنجي ڪينري.

ڀٽائي! ڏٺيون تو، ڪهڙيون اذيتون!؟
ٿي ويا لذتون، تنهنجا سڀئي بيتڙا.

وري رت رابيل جي، ٺٽي ۾ ايندي،
خوشبوءِ ٿيندي، ٻيهر ساري سنڌ ۾.

ڳاڙهسرا ٿيا ڳلڙا، ٽڙيو جيئن حجاب،
بدن ڄڻ گلاب، سڳنڌ آهي ساهه ۾.

عشق نه ڄاڻي پئمانا، ڪهڙ ي مَنَ وديا،
ڇاجي لاءِ چريا، ماپين ٿو تون پيار کي!؟

وري رُت رابيل جي، ايندي ٺٽي ۾،
ويندي ٺٽي ۾، دلڙي سرمد جي وري.

ڪنهن کي لٺ ڏيکارِئين، ڪنهن کي آڇين چٺ،
تنهنجو سارو هٺ، مٽجي ويندو ڌوڙ ۾.

آسمانُ سياري جو، گهنڊڙيون مندر ۾،
منهنجي اندر ۾، سپنا سانجهيءَ جو ڦٽا.

ساري رات سريرُ هي، توکي ساري ٿو،
لڙڪ هاري ٿو، هينئڙو اترَ واءَ ۾.

ازل کان ابد تائين، وقت وهي ٿو،
ڪاڏي ڪهي ٿو، ڪو به نه ڄاڻي راز کي.

وقت وڏي سمنڊ جيئن، اپار ۽ اٿاهه،
اِنهيءَ شهنشاهه، طابع سارِي سرشٽِي.

ازل کان ابد تائين، ڄڻ ڪوئي درياهه،
وقت آهه اٿاهه، ڇوڙ نه آهي ان جو.

پهتيون هن باريڪ ۾، پويون پرڇايون،
نيٺ ته سُهايون، اينديون منهنجي ديس تي.

هاڻي آهن ظلم جون، پويون پرڇائيون،
جلدي سهائيون، اينديون پنهنجي ديس تي.

توسان گڏ ڀٽائي، سفر ڪريان آنءُ،
وڻن جيان ڇانءُ، مون تي رهي تنهنجي.

ڀٽائي! تنهنجي ڇانءَ ۾، اڳتي وڌان مان،
هٿڙا مون مٿان، سدائين تون پنهنجا رکين.

پکڙيل آهي سنڌ ۾، وک وک ڪهاڻي،
حشو ڪيولراماڻي، اڄ به آهي دل ۾.

ويجهڙ ماضي سنڌ جو، ڪائي ياد لٿي،
پرچُو وديارٿي، اڄ به اسان سان ساٿ ۾.

ماڻهن منجهه منافقي، وڻ ويڙهي جيئنءَ،
متان تون ڀانئينءَ، سچو هر هڪ آدمي.

ڏکئي وقت ۾ ڪو ڏئي، جي سکڻو دلاسو،
پوءِ به ڄڻ پاسو، اُن تنهنجو آهي کنيو.
ڏسي ڏکئي وقت کي، متان گهٻرائين،
متان لهرائين، ڪنهن اوکيءَ ويل کان.

ڏاڍي پريشان، هئي پنهنجي زندگي،
اچي ڪو مهمان، سلجهائي ويو سوچ کي.

مادموزيل تراڪي، تون نه وسرندينءَ،
سدائين رهندينءَ، خوشبو ٿي هن سنڌ ۾.

سيد! تنهنجا عشق، ڪيڏا سهڻا ها!
من مُهڻا ها، رنگ رنگ ڪري ويا زندگي.

رات لٿي زندان تي، جاڳيا تصور،
ساري پنهنجو گهر، هاءِ! لڇي ٿي دلڙي.

رات لٿي زندان تي، توکي ساريوسون،
هينئڙو هاريوسون، سمجهي توکي هيکلي.

رات لٿي زندان تي، بند ٿيا دُوارا،
ٻاهر ستارا، سَجيا هوندئي سينڌ ۾.

رات لٿي زندان تي، همٿ نه هاريسين،
ور ور واريسين، توتان حياتي سنڌڙي!

زماني ذلتون، ڏنيون مون کي ڪيتريون!
آهن توسان اٿاهه، پوءِ بِي محبتون،
ٿي ويو لذتون، درد پنهنجي جيءَ لئه.

گهري هجي ڪيتري، اونداهي ته ڇاههِ؟
هينئڙو نه لاههِ، نيٺ ته ٿيندو سوجهرو.

ڪڏهن ٻانهون تو ڳچيءَ، ڪڏهن هٿڪڙيون،
مون کي سڀ گهڙيون، پياريون آهن ساهه کان.

جندڙي ڪچيءَ ول جيئن، ڇو تون ٽوڙين ٿو،
منهنڙو موڙين ٿو، ڇا جي لاءِ سچ کان!؟

ڪوئي آهي ڪونه، جيڪو درد ونڊي.
اچي دز ڇنڊي، صاف ٿئي جندڙي.

مرڪين ٿي ته ملي ٿي، جُواڻي جنت کي،
تنهنجي سونهن مٿي، موهت ماڻهو، فرشتا.

وار وڇائين عام لئه، ڪڏهن تون متان،
فقط پرينءَ اڳيان، پڌرو ڪجانءِ پاڻ کي.

هي تنهنجو تن بدن، آهي راڻي لاءِ،
مومل! ماڻي لاءِ، متان ڏسين ٻين ڏي.

ڪڏهن شاعري، اوڙڪون ڪري اچي،
ڪڏهن چپن تي، مُهر ڄڻ ته ماٺ جي!
دشمن لُڏيا ٿي اِيئن، جيئن لڏن ٿا ڪانهن،
دودا! تن جي دانهن، اڄ به ٻُري ٿي واءَ ۾.

آهه اڃا آزار ۾، دودا! تنهنجو ديس،
اڄ به ڌاريو، بديس، فوجون ڪاهيون ٿو اچي.

اڪيلائي ۽ غم، ماڻهو ماريو ٿا وجهن،
دعا گهران هردم، عاشق ٿين نه اڪيلڙا.

روڙي پنهنجي روح کي، جيئن وڄايئي ساز،
ڳئورو ٿيو آواز، ڀرجي آيون اکڙيون.

مڪلي! تو ۾ گم ٿيون، ڪيڏيون ڪهاڻيون،
ڇا ڇا جواڻيون، ڏٺئي پنهنجي ڏيهه ۾!

اڄ به ٻُري تاريخ ۾، دودي جو ويساهُه،
سنڌڙيءَ تي جن ساهُه، واريو، زندهه ٿي ويا.

اُهي اکيون سرمگين، جهڙ ڪري ويون جيءَ تي،
هاڻ وسي ڪڪر جيئن، راتو ڏينهان روحڙو.

ڪڪرن جيئن اڀري، مون ڏي آئين تون پرين!
دلڙي هيءَ چري، راتو ڏينهن وسي پئي.

رم جهم ڪري ويون روح تي، تنهنجون نگاهون،
پرين! تو ٻانهون، واسي ويون وجود کي.

تن من تنهنجو آهه، مالڪ آهين وجود جو،
جيسين آهي ساهه، آئون اوهان جي آهيان.

ڇڏيم سڄو وجود، ارپي توکي سنڌڙي،
مون ۾ تون موجود، آئون اوهان جو آهيان.
سنڌ ورسٽيءَ ۾، تون اچين شال وري،
ڀئونري جيئن ڀِري، ڏسن توکي ڇوڪرا.

ڇا لئه وجهين اک!؟ سرتي آهي دوست جي،
پنهنجي سينڌي رک، جي تو هينئڙو اڃ ۾!

آئي ننڊ اکڙين ۾، اڏري اڄ اِيئن،
پکي اچن جيئن، آکيري ڏي شام جو.

ڪجليون اکيون پرينءَ جون، مون کي ماريائون،
۽ پو جياريائون، کڻي نگاهون پيار مان.

آهن منهن پرينءَ جي، طور سينا جئن تجليون،
اکيون جنهن جون ڪجليون، جادو ڪري ويون جيءَ تي.

ڇاجي لاءِ دوست سڀ، ٿي ويا اڄ اجنبي !؟
ڪيڏانهن ويا لنگهي، هو جي ننڍپڻ ڏينهنڙا.

ڪتين ڪر موڙيا پرين! آئي تنهنجي ياد،
ٽيڙو ڄڻ فرياد، توکي ڪن ٿا عشق ۾.

جي تون چاهين زندگي، ڊڄ نه موت ڪنان،
لاهي ڇڏ منان ، اڻ ڄاتي جي ڊپ کي.

ناتو تن ۽ من جو، نديءَ سمنڊَ جيئن،
تون اِن کي ڪيئن، الڳ، هڪٻئي کان ڪندين!؟

متان تن ۽ من کي ، الڳ الڳ ڀانئين،
۽ پو پڇتائين، چاهت ڪري اڌورڙي!

اجنبي! آهينءَ ڪير، توکي ڏٺو آ،
ڄڻ ته ڦٽو آ، چشمو مون ۾ پيار جو.
ڇڏي وڃين ٿي واءَ ۾، جڏهن تون خوشبوءِ،
ڀئونرا گفتگوءِ، ڪن ٿا :”گل ڪٿي ٽڙيا!؟“

اکڙيون کنيون تو، بند ٿيا سڀ مئڪدا،
اِتان جن پيتو، ٻيهر طلب ڪانه ڪئي.

سياري جي اُس جيان، هلڪا تنهنجا ڇهاءَ،
ميٽي سارا گهاءَ، تن کي ڏئي وئين تازگي.

آهي ماڻهوءَ من ۾، ڇاجي لاءِ خوف!؟
کڻي ڪلاشنڪوف، بيٺو آهه بچاءَ لئه!

ڪڏهن اڪيلائي، سڀ ڪجهه هجي ٿي،
ڪائنات سڄي، لڳي پنهنجي ڀاڪرين.

دل ڪڏهن شور ۾، گم ٿيڻ ٿي چاهي،
جيئن سگهي وراهي، هر ڪنهن سان ٽهڪڙا.

جيوَنُ پروليءَ جيئن، آءُ! ته ڳوليون ڀڃڻي،
سڀ کي آهي وڻي، توڙي حياتي ڏکڙا.

اجنبي ٿي ويو، ماڻهو ماڻهوءَ کان،
ڪهڙو وقت مٿان، بيٺو آهي اچي.

ايڏي بي خبري، ناهي چڱي دوست کان،
مون تي ڇا گذري، توکي ڪونهي ڪو پتو.

ٽڙيا گل گلاب جا، پکڙيون سرهاڻيون،
آءُ! ته گڏ ماڻيون، سُرها جوڀن ڏينهنڙا.

سُرها جوڀن ڏينهنڙا، متان وڃائين،
متان لنوائين، چپ اچن جي پيار مان.
سُرها جوڀن ڏينهنڙا، ڪنهن تي شل وارين،
تون متان ڌڪارين، هٿڙا جي هرکي اچن.

سرها جوڀن ڏينهنڙا، سڳنڌ اڏارينِ،
امرت پيارينِ، آسوندن کي اڃ ۾.

سرها جوڀن ڏينهنڙا، مٿان سرهي سيج،
هينئڙي سڀ هيج، پنهنجا اڄ پورا ڪيا.

ڀٽائي! آنهه درياهه جيئن، اسين ڄڻ ته وليون،
ڀري ڏات کليون، مرشد! ڏين ٿو ٻاجهه سان.

اڀري آئي اوچتي، ڪائي نيڻ نهار،
جاڳيو مون ۾ پيار، ٻيهر سانوڻ مينهن جيئن.

اندرڪائي اُساٽ، لهِي لهي ڪانه ٿي،
چشمي جيئن پلٽي، ويڙهي وڃ وجود کي!

ول جيئين وجود تي، ڪڏهن ڇانئين تون،
شل نڀائين تون، پنهنجي قول قرار کي!

کڻي نيڻ خمار مان، بخشيئي زندگي،
رڳ رڳ وئي رچي، پرين! تنهنجي پيار ۾.

ڇا لاءِ هنيئي بي پتا!؟ ڪَنوَر کي گولي،
پيار ڀري ٻولي، سانت ٿي وئي ساهه سان.

ڪَنوَر! تنهنجو ڪلام، اڄ به جاڳي جيءَ ۾،
سنڌڙي روز سلام، توڏي مُنجي حب مان.

هر ڪنهن پنهنجو رنگ، لاوڻي، رولا، ڌُپال،
شقت، للت، چئوپال، انگ انگ ڄڻ آ رقص ۾.

مڇيون ڳوٺ ٻڌي، ويٺيون آهن سمنڊ م،
ويون آهن وڌي، ڌرتيءَ تي پر نفرتون.

چَرندي چانڊوڪيءَ ۾، رات ڏٺاسين ڌڻ،
ڪارونجهر تي هرڻ، جادو آهه جهان تي.

رات ڏٺاسين واگهه، تنهنجي اکين ۾،
پر به ونءُ نه وڃي، هينئڙو توکان سپرين!

ساري رات سنڀار، جاني تولئه جيءَ ۾.
مون سان تون ٻيهار، ڇا ملندين ڪڏهن ڪينڪي!؟
جهومڪ چمن ڳل، ۽ ڳچيءَ چمي دُهري،
اکيون چميون ڪجل، نکري تنهنجي سونهن وئي.

هيرو چمڪي نڪ ۾، لبڙا چميس لالي،
شال ٿيون وصالي، اسين سهڻي پرينءَ سان.

هوءَ جا هئي جل پري، هرڪو ان جو پڇي،
موهي محفل کي، ويئي پنهنجي مرڪ سان.

جيوڻي! لٿو جيءَ ۾، تنهنجو ئي آواز،
جاڳيو من مجاز، دل ۾ ديرا درد جا.

جيوڻي! ڇا جادو، تنهنجي هو آواز ۾!
عاشق سڀ قابو، ٿي ويا ان جي سحر ۾.

جادو ڪن ٿا جيءَ تي، تنهنجي نيڻن جيئن،
بي ڪيف نه ڀانئين، هي جي سنڌي سورٺا.

دوها منهنجي دل تي، تري آيا اِيئن،
هنج ترن جيئن، ڪري قطارون ڍنڍ ۾.

ڪُنگرا اوچي ڪوٽ جا، ساٿي! ڏس ٽُٽا،
اِجهي هاڻ کٽا، هي جي پنڌ پهاڙ جا.

ڏمر هيا جي ڏيهه تي، آيو تن جو انت،
آڇي ويا امرت، سجايا پنڌ پهاڙ جا.

چپ گلاب پرينءَ جا، ڳالهيون رس ڪماند،
ڀري پنهنجو پاند، آڇيئون مَنڌ کٿوريون.

هرڪا عورت ناهه، جادوءَ جيان جيءَ تي،
ڪائي ڪائي نگاهه، دلڙي چيري ٿي وڃي.
توسان ئي منهنجو عشق، توسان ئي آنينهن،
تو بن اکڙئين مينهن، هڪ پل ڀي رڪجي نٿو.

سر بچائڻ لاءِ، سُرکي وڃايئي!
ڪجهه به نه پايئي، عمر ماڻي کوکلي.

ٻانهي آهي ڪانڪا، هيءَ جا تنهنجي زال آ،
انهيءَ سان رشتا، رکج سدائين چاهه جا.

شفق رنگ رتي، ٽانگر جيئن ٽڙي پئين!
لڳين سون وتي، سانجهيءَ جي آڪاس ۾.

سنڌڙي اڄ به شيام! توکي ساري ٿي،
واٽ نهاري ٿي، وڇڙي ويل اولاد جي.

وڇڙيون ڌيئون ماءُ کان، لعنت ورهاڱي،
روحن کي راڱي، انهيءَ رت روئاڙيو.

ٻار سمهاري لوڏَ ۾، ويئي جيئن ٻاهر،
جلدي موٽي گهر، ڇاتيون ڀريس ٿڃ سان.

ٻار رنس جيئن گهر، ڇاتيون ڇلڪيس ٿڃ سان،
تڪڙي ٻنيءَ تان، موٽي واپس ڳوٺ ڏي.

سمهي پيئي سانوري، ڀري منهن سُڪونَ،
ڪهڙي جوش جنونَ، عاشق جاڳن رات جو!؟

مينهن ڏُهندي مُنڌ کي، سمجهي سگهين نه تون،
جيئن ڀريون چروڙيون، تيئن جذبا جاڳيس من ۾.

اُٿي اسر وير جو، کير ولوڙي ٿي،
ڄڻ ته جوڙي ٿي، نئين سِر هيءَ سرشٽي.
اچي پرهه جي هير سان، ”جُهو، جُهو“ جو آواز،
مانڌاڻيءَ جو راز، جن سمجهيو، ننڊ ڦٽي ڪئي.

تنهنجي ڳلن تي پيو، پرتوو جيئن شفق جو،
رنگ پکيڙيا تو، سانجهيءَ ڪيڏا سمنڊ تي.

ايئن ڇڻي پئي چاندني، ڄمون وڻن مان،
ڀرت_ ٽڪن مان، جيئن اٿن ٿا ترورا.

ڳالهيون ڪن ٿا واءَ سان، ڪنڌ ڌوڻي وڻ،
هيٺ ٻڪرين ڌڻ، ٻي ٻي ڪن ٻڪرار کي.

ڄڻ ته بَکيا آڪاش جا، تارن اکيڙيا،
ڇاڇا پکيڙيا، سانجهيءَ رنگ سمونڊ تي.

ڪڻڪ سلا سونَ جا، ڀر ۾ هارياڻي،
ڪسيءَ ۾ پاڻي، جنت منهنجي سنڌڙي.

ڪسي وهي ٿي ردم سان، هلڪو سيارو،
پاڻيءَ نظارو، ٻار مرڪي جيئن ننڊ ۾.

ننڍڙا ٻوٽا انب جا، ٻار جيان آهن،
توجهه ٿا چاهِن، هاري! تنهنجو پيءُ جيئن.

سڀ ڪجهه ناهي سائين! آڪاش واڻيءَ ۾،
اسرار پاڻيءَ ۾ ، چنڊ چميو پاتال کي.

سرنهن گل ٽڙيا، خوشبو پهتي ڳوٺ ۾،
اچي ڀئونر مڙيا، ماڻيئون مٺڙي رس کي.

هي جڏهن ٻه زيتونَ، ڄايا تنهنجي بت تي،
خمار، جوش، جنونَ، آئينءَ منهنجي هنج ۾.
ڇڏي سڀ حجاب پرين! اوري آءُ تون،
چمين سان چُڳون، ڏاڙهون تنهنجي بت جا.

آهي مَڌَ ڀريل، لتا جي آواز ۾،
جيءَ نه آئي جهل ، اڏري ويو پرينءَ ڏي.

شيام! تنهنجي شاعري، تارن جيان آهي،
سدا پئي وراهي، هر هڪ جاءِ روشني.

هاڻي اچي ٻنيءَ تي، روز سويري،
ڏٺيون وڏيري، هاريءَ سهڻيون ڇوڪريون.

ور لئه ٻنيءَ تي کڻي، آئي مانيءَ دَکيون،
ڀر ۾ ماکيءَ مکيون، مِڙي آيس چاهه مان.

مومل! راڻي لاءِ تون، راڻو ئي رانئين،
تون متان ورهائين، هر ڪنهن سان هي راتڙيون!

ڇا ٿي پيو جي راتڙي، ٻئي کي ڏني تو!
اِهو حق رڳو، توکي تنهنجي بت تي.

منزل ناهي هر پنڌ، ڇا لئه ٿئين ڀڀوت!؟
ڪوئي ڪوئي سڪوت، اوچو هر اڏام کان.

ڪيئن گهٽيندين سڀ گلا، ڪنهن ڪنهن وجهندين ڪاٺ!؟
مور نه ٿيندي ماٺ، آزاديءَ جي ڳالهڙي..

هيءَ جي سوريءَ ساٺ، سي ته سدا جي زندگي،
ڪائي ڪائي ماٺ، اوچي هر آواز کان.

بيهي ڪونه سماج ٿو، سدا لاءِ نه ڳهر،
ڪائي ڪائي ڍر، تيز هر هڪ ڊوڙ کان.
چوٽ نه ڏي ڪنهن دل کي، ان ۾ آهه خدائي،
ڪا ڪا گهرائي، مات ڪري اوچائيون.

منهنجو من سمونڊ جي، تري جيان آهه،
سهسين چراگاهه، جيوت_ دنيائون اڻ ڏٺيون.

عظمت ڪنهن ڪنهن ايتري، حصي ۾ آئي،
جو هر اوچائي، حقير آهي ان اڳيان.

سَر تي لٿا ستارا، ٽٻيون ڏنائون،
مرڪي ڏٺائون، ڪنڌي تي ڪي ڪامڻيون.

گردش ۾ آ وقت، هي ڏينهن به ڦرندا،
نيٺ ته ڪرندا، اوچا ڪنگرا ڪوٽ جا.

داخليت توڙي خارجيت، مون وٽ هڪڙي چيز،
ٻنهي لئه مهميز، آهي منهنجي شاعري.

ناهن هن جهان ۾، رڳي محبتون،
ڪي ڪي نفرتون، چڱيون آهن پيار جيئن.

توڙي گيڙوءَ ويس، پنهنجا بيت گلاب جيئن،
جهڙو سنڌوءَ ديس، تهڙو تن جو روپ آ.

جهونا ڳڙهه ۾ رات، سڏڪا سورٺ جا هئا،
جيسين ٿي پرڀات، سڀ ڪجهه ويو چکيا چڙهي.

مئخاني تي رات، شبنم شبنم ٿي لٿي،
پياڪ سڀ پرڀات، شعلا شعلا ٿي ويا.

مئڪدي تي ماڪ، قطرا قطرا پئي وٺي،
هيا سڀ پياڪ، قدم قدم ٿيڙ ۾.
هاڻ نه ڪائي ڪاڪ، ناتر، مومل ڪينڪي،
وقت ڪيا سڀ خاڪ، جيڪي جاهه جمال ها.

اچي مارئي! ڏڍُ ڏي هن ڏيهه کي،
اڄ به ڪيئي، عمر آهن ديس ۾.

هاري! جيسين تون، قادر نه ٿيندين قسمت تي،
تنهنجون اميدون، کڄنديون رهنديون هر کيت سان.

پورهيت جيسين تون، طاقتور نه ٿيندين،
گوندر گڏيندين، سدا پنهنجي ساهه کي.

متان تون ٽيڙو، ڪڏهن ڀيٽين بيت سان،
رنگ جي گيڙو، پو به ڪتين جيئن چمڪڻا.

ها تون وائيءَ کي، اڳيان آڻج بيت جي،
امڙِي ۽ ٻچڙي، ڪهڙا ليکا اورڻا.

ڪڏهن نظم کي، ڀيٽج نه پنهنجي بيت سان،
قد بت تي، ناهي رکيل ڪا امرتا.

ڪڏهن تون غزل، ڀيٽج نه پنهنجي بيت سان،
بيت انگورن ول، واسين ٿا ولهار کي.

اوتي پنهنجو روح، اسان ڇڏيو آ بيت ۾،
سنڌڙي وجهي جوهه، مرڪي پيئي ٿي ڏسي.

جاڳي ساري رات، ڇو تون لکين ٿو،
ڇا تون سکين ٿو، ڪرت جوڙڻهار جي.

بيت به سنڌڙيءَ جيئن، مون کي ڇڪين پاڻ ڏي،
ڄڻ ملجي مٽيءَ سينءَ ، آئون خوشبو ٿو ڏيان.
آهي تنهنجي سونهن جي، مون ۾ سهائي،
شل روشنائي، سدائين ڪرين سنڌ تي.

آزاديءَ جي ڪيچ لئه، سسئي ٿئي ڪير،
هلي ڦَٽائي پير، پهاڙن جي پيچري.

آهي راءِ ڏياچ ڪو، ڪري سنڌ سُجان،
ڏئي پنهنجي جان، آزاديءَ جي ساز تي.

رنجائج نه تون ڪڏهن، پرين ڪاوڙجن جي،
ٽٽل دلين کي، ڪو بَکيو لڳي ڪونه ٿو.

ننڊ سُتي جيئن سانوري، بيهي چنڊ ڏٺو،
ڄڻ ته پئي سوچيو، ڪيئن وٺان ان کان چمي؟

ڪنولُ پاڻيءَ ڀاڪرين، ڪپر تي جوڙو،
ڪوئي وڇوڙو، تن کي ٽوڙي ٿو سگهي؟

وهيون تنهنجون ڏک ۾، اکڙيون سُرمَگين،
ڪري ويون غمگين، منهنجي سڄي وجود کي.

ڀريندي اوڙو، جيئن ڏٺائين نينگري،
ٻچڪاري گهوڙو، آيو بهاني سان لڙي.

ڏئي سکين سان ٽهڪڙا، جئن ڌوتائين روءَ،
ٿي ويو خوشبوءَ، پاڻي سڀ نياڻ جو.

وڌائين بندُر ۾، ڪُتر ڪري ڪانا،
تنهن کان پو سانا، رڌڻ ويٺي چلهه تي.

ساري رات هڳاءُ هو، رات راڻي جو،
يا جواڻيءَ جو، نشو چڙهيو پئي پاڻ تي.
اڄ به گهرجي ترار، سنڌ کي دريا خانَ جي،
جنهن سان ڪجن وار، ور ور ويرين جي مٿان.

سکڻا دلاسا، گهرجن نه ٿا ديس کي،
آهن چؤماسا، رُت ڦِري ناهي اڃا.

پسار ڪن ٿيون سومريون، روپا ماڙيءَ تي،
ٻاڙيءَ ٻاڙيءَ تي، سنڌ ڪهاڻيون ڪيتريون!

دودو ڏسي ٿو حب مان، ٻهڪي ٻاگهيءَ کي،
اِن ڀينرڙي تي، سهسين سرڙا وارجن.

مون کي ننڊ اچي پئي، ويٺي ڪرسيءَ تي،
هاڻي ذهنَ ٿڪي، لکي لکي هيءَ شاعري.

ڏينهن گذري ٿو وڃي، پوءِ به لک لکان،
منهنجي جيءَ مٿان، جادو آهي شاعري.

تون چئو پکي پرڏيهي! سنڌ کان وڌ مٺو،
ٻيو ڪو ڏيهه ڏٺو، تو هن روءِ زمين تي!؟

پيار رهندو روان دوان، پيارا بدلبا،
چارا بدلبا، پنڌ اُهوئي ساڳيو.

هاڻ اچي ٿي اِئين، جيئن سانوڻ جي برسات،
ساري ساري رات، مون تي لهي ٿي شاعري.

ويا جڏهن ڪيڏانهن، يار ڇڏي مون هيڪلو،
آئي آ مون ڏانهن، محبوبا جيئن شاعري.

اڪيلائي ۾ جڏهن به، دل ڪئي ڪا دانهن،
ڊوڙي آ مون ڏانهن، محبوبا جيئن شاعري.
گهنگهور گهٽا جيئن هي، مون تي ڇائي آ،
مون ڏي آئي آ، سانوڻ بڻجي شاعري.
ڄامشوري ۾ وري، ملبو تڏهين ئي،
ايندي جڏهن ئي، رُت بسنتي ديس تي.

اڄ به تو الزام، آندا مون تي وائڙا!
منهنجو تون مقام، سمجهي سگهندين ڪينڪي.

مون تي پيو تون آڱريون، پنهنجون جي کڻندين،
ساڙ رڳو سڙندين، ٻيو ڪجهه سَرندءِ ڪينڪي.

سکر، سنڌوءَ، روهڙي، ڪيڏي سونهن ميان!
جرڪي سونَ جيان، ساڌ ٻيلو شام جو.

جڏهن رتائين، مون کي ٻانهُنِ ۾ ڀري،
ڄڻ ته ڏنائين، پيالا امرت رس جا.

وچن ڪري تون وري، موٽي آئينءَ ڪونه،
پر مان ٻاريان ڇو نه، ڏيئڙا تولئه ڏات جا.

اڀريا اڄ آثار، اِجهي بدليا ڏينهنڙا،
آدمين اظهار، ڪو به نه روڪي ٿو سگهي.

ڪينجهر جهڙي ڇوڪري، نيڻ ڪنول جيئن،
وڪوڙي جل جيئن، ويئي منهنجي روح کي.

تون ئي کيپُ خمارُ آن، تون ئي رونهن ورونهن،
مومل! تنهنجي سونهن، مات ڪيا سڀ مئڪدا.

محبت ڌاران ڏينهنڙا، دوزخ جو ڄڻ دونهن،
سورٺ! تنهنجي سونهن، جنت آهي جيءَ لئه.

نيٺ ته خالي ٿي ٿئي، ٽجوڙي جيون جي،
پٻن ڀر هلي، موت اچي ٿو چور جيئن.
ڪو به چؤنڪيدار، موت نه روڪي ٿو سگهي،
سڀيئي هٿيار، بيوس آهن ان اڳيان.

ان کان وڌ نه آهي ٻي، ڪائي ذ لالت،
ماري ٿي غربت، ماڻهوءَ اڳ ۾ وقت کان.

ڇاتيءَ تي آڪاش کي، تارا ڄڻ ته ڀرت،
ڪيڏي آ قدرت، سهڻي ٺاهي سرشٽي.

آيو پيارُ ڪڪوهَه جيئن، ان کان ڪيئن بچون،
اوري آءُ نچون، منهنجي من جي مورڻي!

آيو منهنجي جيءَ تي، ڀرجي اڄ جهڙ،
پوي ٿي ڦڙ ڦڙ، توڙي ٻاهر اُس آ.

ڦيٿا منهنجي جيپ جا، لتاڙين پهاڙ،
۽ هو چنڊ_ ماڙ، پڻ آ منهنجي پيرڙين.

گهڻو اڳتي چنڊ کان، آئون اڄ وڃان،
سارا راز ڀڃان، ڳجهه نه ڪو ڳجهو رهي.

چنڊ نه اهڙو منڊ، جهڙي تنهنجي روشني،
تنهنجي سونهن اکنڊ، صورت تو جهڙي نه ڪا.

چاندي تنهنجو تن آ، دلڙي هيرن کاڻ،
تو سان ڄاڻ سڃاڻ، جرڪا آندا جيءَ تي.

مرڪي ڏٺو تو، گل کڙي پيا دل ۾،
ڄڻ ته ڪو جهوٽو، هُئينءَ پرهه جي هير جو.

سون لڳي ٿي پولڪا، تنهنجي ڇاتين تي،
اکڙين آتين تي، لٿئين مڌ خمار جيئن.

سارو ئي سنسار هي، آهي ڪو ته عجب،
سبب بي سبب، ڪوئي آهي ڪينڪي.

سارو هي سنسار آ، تنهنجي طابع رب!
سبب جو به سبب، واقعي تون ئي آهيين.

ڪانهي ڳالهه يقين جي، ڪونهي ڪجهه ڀي شرڪ،
جي تو ناهي عشق، اجايون سڀ عبادتون.

چيلهه مٿان آ ٻارو، مٿي تي آ گاهه،
عورتَ ڏکي زندگي، الا! پو به نباهه،
ٻهراڙيءَ جو چاهه، گهٽيو نه ڪڏهن مال سان.

”مٽي ڪڍي چيلهه مان، ڀريائين ڇاتيون،“
ڏِسون سڀ مڌماتيون، لٿي مُنڌ زمين تي.

آنءُ گهٽا گهنگهور پر، ترسان ڪنهن ڪنهن سَر،
جهڙي عورت اتر، تهڙي مون من نينڍ آ.

آنءُ نه هر هڪ جاءِ تي، ويرو تار وسان،
ڪنهن ڪنهن مُنڌ مٿان، آهيان سانوڻ مينهن جيئن.

ڇاتي پيالا مَڌ جا، انهيءَ پار وڃان،
ماکيءَ مک جيان، ويهان نه هر هڪ گل تي.

آهين مڙس وڙائتو، پوڙها! ڏاڍو پر،
ڇا لاءِ دربدر، هن وهيءَ ۾ پيو ٿئين!؟

جادو آهين ٿر جو، مائي ڀاڳي! تون،
جاڳيا ڏهر، ڀٽون، روشن ٿي وئي سنڌڙي.

ماٺ سندو آواز، جيڪر ڪو سمجهي،
اڄاتا سڀ راز، ڀڃي هن جهان جا.

وڄن پيا واءَ ۾، ازل جا ڪي ساز،
ماٺ سندو آواز، هر ڪو ٻڌي ڪينڪي.

پرهه ڦٽيءَ جو پٽ، واقعي هئين سوئيڪارنو!
اجري آندي تو، پنهنجي وطن لئه روشني.

ايئن ملئين ٽئگور ڪلهه، گيتانجلي ۾،
منهنجي ڳلي ۾، ڄڻ تون لنگهي آئيو.

دليون ڏسن ڪونه ٿا، ماڻهو اياڻا،
ڪهڙا سياڻا؟ ساٿ ڇڏيائون سچ جو.

جُهڙ جيئن پکي اٿيا، ڇانو ٿي جر تي،
موهي ويو مونکي، تنهنجو سمنڊ سنڌڙي!

”جيسين هن جهان ۾، ايندا پيا ٻارڙا،
تيسيتائين خدا، راضي آهي پاڻ تي.“

سياري رات منڊ، ڪيڏا تارا موهڻا!
تنهنجي يار اڪنڊ، سارو وقت سرير ۾.

ڏٺو آهي تو، ڪڏهن جادو رات جو!؟
سنگهيو آهي تو، ڪڏهن تن_ رابيل کي!؟

ڪيڏي رات هئي، رڦڻي تارن ۾،
ڄڻ ته جارن ۾، ڏيئا پئي لڙکڙائيا.

چئو ڪيسيتائين مان، توکان دور وڃان،
ڀيرو ڪيئن ڀڃان، توبن ساهه سري نه ٿي.

تلاءَ مٿان ترورا، تارن رات ڪيا،
اڏري وڳر ويا، ڌرتي تان آڪاش ڏي.

آهي جيون جک، جي ڪو مقصد ڪونه آ،
ڪوئي آدرش رک، ڀلو ڪر سنسار جو.

ڪاڪا جيت به مات آ، ڪا ڪا مات به جيت،
هن ڌرتيءَ جي ريت، آهه نرالي سڀ کان.

يار رهي ٿو روح ۾ ، مون کان ڌار نه آ،
دنيا سمجهي ڇا، اسين سدائين ساڻ هون.

ناهيان آنءُ اڪيلڙو، مون سان گڏ آن تون،
هاڻي هي اکڙيون، ٻئي در ڏسنديون ڪينڪي.

توکي ڪيئن جهليان مان، وڃين ٿو پرديس،
دلڙي پئي ويس، پائي تنهنجي ڏک جا.

آهيون پاڻ اداس، سنڌڙي ڏيهه ڏک جو،
ڪونهي ڏوهه رڳو، تنهنجي يادن جو پرين!

اونداهي اکٽ، پئي لڳيِ مٿان ديس جي،
پرهه ڦٽيءَ جا پٽ، ڪيڏي آندوَ روشني!

توڙي هارايو، پوءِ به آهيون ويڙهه ۾،
ڪنڌ نه جهڪايو، اڳيان ڪنهن ڀي ڏاڍ جي.

”ناهي ڪجهه مقدار ۾، لِکُ معياري!“
اچي شاعري، مون کي چيو ڪَن ۾.

سنڌ ٿيندي سوجهرو، ويندو انڌارو،
پرهه جو تارو، اڀريو آ آڪاش تي.
آئون جاڳان ٿو پرين! ستو آهي لوڪ،
مون وسايو جهوڪ، وري شاهه عنايت جيئن.

آزاديءَ جي او پرين! سيد ڏئي ويو ساک،
اجها ڦٽي باک، آيو سنڌ تي سوجهرو.

ڄاڻ پڳاسون ماڳ تي، ڪونهي پنڌ پري،
ڪوئي ڪين ڏري، اونداهي جي ديوَ کان.

اڀري ايندو اوچتو، آزادي جو نانءُ،
متان لاهيو هانءُ، ڄاڻ پڳاسون ماڳ تي.

ڇاجي لاءِ پيئان، آئون توسان ڇيڳرا!
جڳ جڳ ڇو نه جيئان، اکڙين مان پيالا ڀري.

آنءُ اُنهي جو آهيان، اُهو منهنجو آ،
رڳ رڳ منجهه رچيا، اسان پرين پاڻ ۾.

متان سمجهين تون، منهنجا گيت کٽي ويا،
اڃا هاڻي مون، آهي بسم الله ڪئي.

جاڳيو تولئه شاعري، آهيان سڄي رات،
تون به ٿي برسات، وٺي آهين مون مٿان.

هاڻي ننڊ اچي پئي، ڇڏ ته آنءُ سمهان،
ٻيهر جيئن رچيان، تازائي سان شاعري.

مڌُ جيان مون ڏي، اچي ٿو منهنجو پرين،
وڃي روح گڏي، منهنجو پنهنجي جند سان.

ٻچن جي هي مند آ، پکي مار نه تون،
ڇڏ ته ڪن چُون چُون ، چوڻو وجهي وات ۾.
واءُ وڻندڙ ٿي وئي، وڻ ٽڻ ڌوتا مينهن،
نکري فطرت اِيئن، ڄڻ تو ڌوتا انگڙا.

نيٺ اچي وئينءَ تون، منهنجي اوتاري،
ڏيئا مون ٻاري، رکيا تو لئه روح جا.

ڪيٽي بندر تي ڪڏهن، ٿيندا سونهن ميلا،
آئيندي ويلا، آڻيندي ڪئين سوجهرا.

لٿي شام سمونڊ تي، اڏري پئي آڙي،
چِتر هي لاڙي، منهنجو من موهي ويا.

آڌي رات سمونڊ تي، ڪراچيءَ ميلا،
سونهن سندا ريلا، موهي ويا من کي.

آئون ازل، تون ابد، توڏي ٿو ڪاهيان،
توکي ٿو چاهيان، تون ئي منهنجو ماڳ آن.

آئون ئي روڪ صدين تي، آئون ئي پلاڻيان،
آئون ئي آڻيان، اونداهين ۾ سوجهرا.

منهنجو من مندر، منهنجو من مسيت،
منهنجي آهه پريت، سوين روپ روز جا.

سوين روپ روح جا، سوين مايا ڄار،
آهي فقط پيار، رستو ڪنهن نجات جو.

آئون ازل، آئون ابد، آئون ئي منزل ماڳ،
آئون ئي پنهنجو ڀاڳ، آئون ئي سور سرير جا.

آئون ازل، آئون ابد، آئون ئي منزل ماڳ،
آئون ئي وقت اجهاڳ، ڦهليس هن ڪائنات تي.
منهنجي من ۾ مارئي، سدا جاڳي ٿي،
سدا واڳي ٿي، مارن سان هن روح کي.

خوشبو ٿي تاريخ وئي، مينڍا نه ڌوتا تو،
منهنڙو مارن جو، مٿي سدا لاءِ مارئي!

جاڳائي ٿي سنڌ کي، اڄ به تنهنجي چيخ،
خوشبو ڪئي تاريخ، مارئي! چيڙهه چڳن جي.

بختاور کان پوءِ سڃو، ٿي ويو آهه کرو،
ورو وانگي! ورو، اَنُ بچايو ڌارين کان.

اڃا ماڳ پري، آهي تنهنجي پنڌ کان،
اکڙيون پير ڪري، هل ته منزل ماڻيين.

سڀ ڪجهه سجايو آ پرين! جي تو ڪئي پريت،
هونئن ته هار ۽ جيت، ساڳي معنا ٿا رکن.

جيون جو هڙ حاصل، آهي بس پريت،
باقي هار ۽ جيت، ڪائي معنا ڪا نه آ.

ڇاجي لاءِ قرار، مون کي اچي ڪونه ٿو؟
دلڙي کي سئو وار، سمجهايم، سمجهي نه ٿي.

ڇاٿي پيو جي اڄ پرين! آهيون ٻيئي دور،
ٿيندو ملڻ ضرور، هڪڙي ڏينهن حيات ۾.

اسان تنهنجي سونهن جا، ڏاڍا ڳاتا گيت،
پرين! تنهنجي پريت، امر ڪري وئي شاعري.

او! ڪهڙي مٽيءَ مان، ٺهيو آهين تون،
هيڏيون هي سختيون، پوءِ به پيرا پنڌ ۾.
سرتا! توکي ٿي سجهي، ڇو رڳي ٺٺولي،
مون ته ڀري جهولي، آندي آ رابيل جي.

ڪيڏا جُڳ لنگهي ويا، آءُ پرين تون آءُ!
سونهڻ جيئين ساءُ، مَٽيو نه منهنجي پيار جو.

سڀ ڇڏي ويا ٿئي، مڙين پوءِ به ڪونه ٿو،
ڇاجي لئه لاٿئي، مانجهي! ٻيڙي سير ۾.

ٻوڪي ٻڌي ٻار کي، ڀت چاڙهيائين،
ڄڻ ته واڙيائين، من کي گهر جي پيار ۾.

تن جان خوشنصيب نه ڪو، ڪئي جن پريت،
ڇا هار، ڇا جيت، نه مليو، ته به پاتو پرين.

ڪجليا نيڻ پرينءَ جا، مون کي ويا موهي،
کنڀڙا ٿو کوهي، هينئڙو هاڻي پيار ۾.

کنڀڙا کوهي هينئڙو، ڪڏهن شال ملين،
ڊيل جيان ٽلين، منهنجي من جي ريت تي.

ڳولين ٿو ڇا لاءِ تون، منهنجون ڪمزوريون،
آءُ ته گڏ ڏوريون، سرتا! پنهنجي ديس لئه.

دل جي ڪناري تي تون، ڇولين جيئن آئين،
مون سان ٽڪرائين، ۽ پوئتي ڪيئه پيرڙا.

اکڙيون ڪامڻِ مئي جيئن، چهرو جهڙو چنڊ،
مُنڌ به ڄڻ ڪو منڊ، پٿرائي وئي جيءَ کي

هر دل تي ڇائي، آزاديءَ جي ڳالهڙي،
اِجها ئي آئي، رُت بسنتي ديس تي.
***