زنجير ۽ زندان منجهه کٿوريون اهڙيون هيون،
ڇڪجي وياسين پاڻ خود هي سوريون اهڙيون هيون!
ها زندگي پياري هئي، پر دار ٿي منزل ڏني،
مان ڪيئن ٽوڙيان ها وچن؟ مجبوريون اهڙيون هيون.
ڪٿ تون هئين، ڪٿ مان هئس، ڪٿ هو هئو، ڪٿ هوءَ هئي،
ڪو تن جليو، ڪو من جليو، ڪي کوريون اهڙيون هيون.
ماڻي سگهياسين ڪين ٻئي، جوڀن سنديون سڀ راحتون،
جذبا ٽٽا، ڪجهه خواهشون اڻپوريون اهڙيون هيون!
هو دور هوندي گڏ هيو، احساس جو ڄڻ سڏ هيو،
پر گڏ هيو ته به گڏ نه هو، ڪجهه دوريون اهڙيون هيون.
هر هڪ گهٽي خوشبو هئي گهري چڪايل مڌ جي،
اکڙيون پرين جون ڄڻ وليون، انگوريون اهڙيون هيون!
ٿي چاندني وانگر ڇڪيو ماکي ٻڏل هر هڪ چميءَ،
تنهنجي چپن ۾ چاشني جون چوريون اهڙيون هيون.
تارا هئا سڀ سينڌ ۾، آڪاش جو ڄڻ سير هو،
ڪنهن ڪامڻيءَ ڪجهه دير اکڙيون پوريون اهڙيون هيون!
”ڄارا ڪلهي تي ڄام کي“، هاڻي نه عشق ايئن ڪري،
ڪينجهر ملي ها ٿي بها، ڪي نوريون اهڙيون هيون.