واٽون ويهه ٿيون..
“سئو ڪوه ڪري سڀڪا، تون کُهي کڻج وک”
پڙهي نانءَ رکيو چمن لال.....شروعاتي پنج درجا ڳوٺ ۾ پرايم ۽ نبي سر ۾ مڊل اسڪول نه هجڻ ڪري، ڇهين درجي ۾ داخلا وٺڻ لئه نئون ڪوٽ وسائڻو پيو. ماضي ساريندي اڄ به پنبڻين جا پانڌ پُسي پون ٿا، هڪجيڏن کان جدا _ امڙ کان پري، نئون ڪوٽ جي اوپري شهر ۾، هڪڙو سادڙو ڳوٺاڻو ٻارڙو، اڪيلائي، گهر کي ساريندي ڏچڪڻ ۽ تڙپڻ الا....!! ڇا ته وقت هو؟ ادا نندلال ۽ آئون گڏجي رهندا هئاسين ادا ماني ۽ چانهن ٺاهي ڏيندو هو ۽ مون تي صرف ڪم هوندو هو پڙهڻ جو.
ادا ان وقت سنتوري فارم ۾ پرائمري ماستر هوندو هو سنتوري فارم واري پنجن ڪمرن واري اسانجي جڳهه جي اوطاق وارو سڄو ڪمرو، بابا جي ادبي ۽ علمي ڪتابن سان سٿيل هوندو هو. آئون نصابي ڪتابن مان واندو مس ٿيندو هئس ته ادا ڪو ڪهاڻين جو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏئي ڇڏيندو هو، شروع ۾ ته ڀُڻ ڀُڻ ڪري خدا کي آلاپ ڪندو هئس ته جلدي خميس جو ڏينهن اچي جيئن ڳوٺ ڀڄان، پر پوءِ آهستي آهستي ڪجهه ڏينهن ۾، ڪتاب پڙهڻ جو هيراڪ بڻجي ويس. منهنجي مايوسي کي محسوس ڪندي اٺين درجي جي امتحاني ڏينهن ۾ بابل سمورن گهر وارن کي ڪجهه سالن لاءِ نئون ڪوٽ ۾ رهائڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو، وقت هلندو رهيو بابا سائين ڪتاب پڙهڻ ۽ ڪجهه نه ڪجهه لکڻ تي اتساهيندا رهيا، ڏهين ڪلاس جي امتحان شروع ٿيڻ کان ست ڏينهن پهرين 4 مارچ 2002ع تي اوچتو منهنجي معصوم من جا نسريل ٻاجهري جهڙا سمورا سپنا، ان ويل سڙي خاڪ ٿي ويا، جڏهن بابا سائين اچانڪ الوداعي جا هٿ لوڏي
ڇڏيا ۽ منهنجي جيئڻ جون هڙئي خواهشون ايئن موڪلائي ويون جيئن ڏهاڳڻ کان سينگار جون تمنائون وسري وينديون آهن... لاشعور جي لپيٽ ۾ لڙهي وڃڻ ڪري ڪاليج کان ورسٽي تائين ڪيل تعليمي سفر جون ساروڻيون ۽ شاعري، ڪنهن ڪٻٺ جي ڪنڊ ڪونه سجائي سگهيون. ڪڏهن ڪڏهن لاشعور ۾ لڙهڻ ڪري ٻن مهينن تائين لوڪ کان لڪي روئندو هئس ۽ وري شعوري سگهه واپس موٽڻ تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هئس، لاشعور، شعور ۽ تحت الشعور جي ٽياس تي ٽنگيل هجڻ باوجود، 2009ع ڌاري ادبي جُنون جي اسرار تي نج نبار ادبي مخزن ڪجليو ڇپائڻ جي ڪوشش ۾ ڪاميابي نصيب ٿيم. ٿورڙي عرصي ۾ پڙهندڙن جون اڻ ڳڻيون محبتون مقدر جون مام بڻيون، ساڳي سال حيدرآباد جي هوائن کي الوداع ڪري مٺي جي ماڳ جي مهماني ماڻي ورتم، ۽ ٻاروتڻ جي پتڪڙي تمنا ٻيهر آرس موڙي اٿي، ۽ ريڊيو پاڪستان مٺي جي مائڪرو فون جي ڇڪ ڇاڇولي ڇڏيو، هوائن سهاري درد هلڪا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، پر چريائپ جي اوچتي ٿيندڙ آمد، وري به آڌين جو اٿاري روئاڙيندي هئي. 2011 ع ۾ دماغي مرضن جي ماهر، منجهيل من جو سٽ سلجهائيندي چيو : ابا ! تون ته بائيپولر ڊس آرڊر جي موذي مرض ۾ مبتلا آهين، هن بيماري جو بنيادي سبب بي پناهه خوشي يا بي برداشت صدمو هوندو آهي. هُن جي ڪجهه مهينن جي علاج مونکي تڙپڻ جي ٽياس تان لاهي ڇڏيو، ۽ نئون جهان جوڙڻ لاءِ جهونتون هڻڻ لڳس.
زندگي جي طويل رڻ کي جهاڳيندي، ۽ پروڙ جي پاتال ۾ ٽٻيون هڻندي _ اهو ڄاڻي ورتم، ته سندم حياتي صحرا ۾ ڀٽڪندڙ اُن اڃايل مرگهه جي نيڻن جهڙي آهي، جيڪا پنهنجي ئي ناڀيءَ مان نڪتل کٿوريءَ جي خوشبوءَ لاءِ ڊوڙندي ڊوڙندي موت سان دل لڳائي ڇڏيندو آهي.
_مون ٿوهرن جي ٿڃ چکي آهي، ۽ روهيڙن جا لڙڪ اگهيا آهن، بيواهه ڊيلن جي تڏي تي وڃي مورن لاءِ پار ڪڍيا آهن، سدائين ٻين جي دردن جا ڌڻ پنهنجي دل جي واڙي ۾ واڙڻ جي جستجو ڪئي آهي، پر الهي ڇو ڪيترن ئي پيارن ۽ دلوارن کي ٽهڪن ۾ لڪيل منهنجا لڙڪ نظر ناهن اچي سگهيا. ڪڏهن هجومن ۾ ڪيترائي دفعا موت کي ٻک وجهي جيئڻو پيو آهي، ته ڪيئي ڀيرا جيئندي مُئو نازڪ ۽ نفيس سوچن جي سرجڻهار مٺڙي سڀاءَ جي مالڪ اتساهه پبليڪيشن جي سرواڻ دلبر دوست دليپ دوشي لوهاڻي جي دلي دلچسپي ۽ پياري پرين عنايت الله نهڙيو جون عنايتون نه هجن ها ته ڪر منهنجي شاعري اوهانجي اکين جون چُميون قطعي ڪونه ماڻي ها.
- شاهه عنايت جي خوابن جهڙي سنڌ جي سداملوڪ ڪويءَ، محترم سائين آسي زميني جي پيرن تي هٿ انڪري به رکان ٿو، جو هُن منهنجي ڇڙواڳ ۽ ڇيڳري وينگس جهڙي شاعريءَ جي اموهيل سينڌ کي سموهي مهاڳ جو سندور پارايو آهي.
- خانه بندوش قبيلي جي الهڙ جوان نينگري جي اڌوري تمنا جهڙيون ڪوتائون لکندڙ، محبوب سائين وسيم سومري جون ڪروڙين نوازشون.
- سنڌ امڙ جي جهولندڙ ڳاڙهي جهنڊي جهڙي سدا ملوڪ سرجڻهار، دلبر دانشور سائين نواز خان زئور جي دلبرين جو به قرضي آهيان.
-ڪنهن اُپسرا پاران نکيٽي ٽاڻي پنهنجي سيم جي وڻن تي ڇڏيل آخري نهار جهڙا پيار نوجوان دلين جي دادلي شاعر پياري ايوب کوسي جي نانءُ ڪجن ٿا.
-مونکي بابا جيان ڀائيندڙ مور ڪلنگي جهڙي دل جي مالڪ سائين امر ساهڙ جون اڻ ڳڻيون نوازشون.
- سڳداسي سارين جي سرهاڻ جهڙي ڀلوڙ شاعر، مٺڙي فراق هاليپوٽي جا لکين احسان. پلر جهڙا پيار ارپڻ لاءِ سنڌي غزل جي قدآور ڪوي محبوب دوست، اياز رضويءَ جون بي لوث قربتون.
- سڪ جي سمونڊ مان چاهتن جا چُرون ارپيندڙ سنڌي ۽ اردو جي نامياري شاعر، ساحر راهو جي محبتن جا وڏا وڙُ.
- ٿر ٻاٻيهي جي پياس جهڙي تڙپ جهڙين تخليقن جي تخليقڪار، ادا پياري شواڻي جون محبتون به وسارڻ منهنجي وس ۾ ناهن.
-۽ ٿر واري کان گهڻا ٿورا انهن مڙني سڄاڻ ساٿين جا جن مونکي هرحال ۾ پنهنجو ڀانيو آهي،هڪڙن کي ساريون ۽ ٻين کي وساريون اها ٻيائي سکيا ئي ڪو نه آهيون.
اُڪير مان
چمن ”آر“ ٿري
03443528582
مٺي ٿرپارڪر