شاعر جي دل تڙپي پئي ٿي !
سج لڪن ۾ نيٺ لِڪي پيو،
پهريون پيار سنڀاري پنهنجو،
هڪڙو شاعر نير اُگهي پيو،
موٽي مال وٿاڻن ڏي ٿو،
ننڍڙا گابا ٽهڪ ڏين پيا،
هاري ۽ هارياڻيون گڏجي،
سانجهه سنڀاري موٽن ٿا پيا،
ٻارن هٿ ۾ گدريون آهن،
مائن مُک تي مُرڪون آهن،
نگهليل ٻاجهر کائڻ جي لئه
ڏور ٻچن کان آيل پنڇي،
آکيرن ڏي واپس ٿين ٿا،
سيم سموري سانوڻ رُت جا،
ناز منجهاران ناچ ڪري ٿي،
مور سڏي ٿو ڊيل نچي ٿي،
سي سڀ سهڻا منظر جانچي،
شاعر کي هوءَ ياد اچي ٿي،
دلڙي هُن جي ڦٿڪي پئي ٿي،
هوءَ جا هاڻ آ ڏور هلي وئي،
پيار جا سئو ڏئي پُور هلي وئي،
هُن جون راهون روز تڪيندي،
شاعر سُڏڪي پوندو آهي،
هندو سانجهي ٽاڻي مندر،
ديپ جلائڻ ويندا آهن،
باسون باسڻ ويندا آهن،
رب ريجهائڻ لاءِ مسلم،
مسجد ۾ گڏ ٿيندا آهن،
گِرجا گهر ۽ ديبل ۾ پڻ،
مالڪ ساريو ويندو آهي،
چريو شاعر سج لٿي جو،
مسجد، مندر، گرجا، ديبل،
پوڄا ڪارڻ ويندو ناهي،
پر هي مونکي پوري پڪ آ،
ڪاته عبادت هي به ڪندو آ،
هُن جي دل جي ڏِهري ۾ پڻ،
شايد ڪو ڀڳوان وسي ٿو،
شاعر سانجهيءَ ٽاڻي اڪثر،
ديوي ان کي پوڄيندو آ،
مَن جي خالي ڪنڊ ۾ اڪثر،
ميڻ بتيون پڻ ٻاريندو آ،
سائي سونهن جي ملڪا هن جي،
پاڳل من جو سڀ ڪجهه آهي،
تنهن لئه هُن جي دل جي ڌڙڪڻ،
سانجهيءَ ويلا روز وڌي ٿي،
شاعر کي هوءَ ياد اچي ٿي،
شاعر جي دل تڙپي پئي ٿي.