نه ٿيندي عاشقي پوڙهي
نه ٿينديون محبتون جهونيون،
نه ٿيندي عاشقي پوڙهي.
نه ٿيندا خيال ڪلراٺا،
نه ٿيندي سوچڙي ڪوڙهي.
نڪورا ٽهڪ مائن جا،
ٻڌڻ جون کوڙ تمنائون،
سُريلا چهڪ ٻانهن جا،
ڏسڻ جون کوڙ تمنائون،
ڊگهيري سڪ جي موسم،
وِٿيري ڇڪ جي ڇوڙي،
نه ٿيندي عاشقي پوڙهي.
اچانڪ بوند جا قطرا،
ڳلن جي ديس تان برسيا،
چري ڪنهن ياد جي شبنم،
چُميا رُخسار مُرڪن جا،
بڊي جي بي ڦڙي موسم،
چري ڪنهن چاڳ جا چرچا،
سُڳي ۽ سُهاڳ جا چرچا.
هي منهنجون چاهتون زخمي،
هي منهنجو ڀاڳ اڻپورو،
ڪشاديون ڳوٺ جون يادون،
گهٽي هِن شهر جي سوڙهي،
نه ٿيندي عاشقي پوڙهي.
متان تون مامرا سمجهين،
ڪنڊا هي ٻاٻرا سمجهين،
انهن جي اوٽ مان پيرا،
لتاڙي درد آيا ٿئي،
جيئڻ جي جاڳ جا جيرا،
سمهاري سور آيا ٿئي،
اڃاري عشق ۾ پلڪون،
صفا ٽمٽار ٿي ويون هن،
سکيءَ جي سار ٿي ويون هن،
متان ان شڪ ۾ وچڙين،
سُرهي هن سنڌ جي مائن،
ڄڻڻ هوشو ڇڏيا آهن،
ڄڻڻ دولهه ڇڏيا آهن.
کڻي ڪو اک جي ڪاري،
اسانجي ڀونءِ ڏي ڏسندو،
سوين دودا اُٿي پوندا،
لکين ٻاگهيون اهيو چونديون،
متان اي سنڌ جا ڪُونڌر !
مٺا منهنجا پرين ڀائر !
مرڻ جي خوف کان موٽين !
اسان لئه لوڪ جا طعنا،
گُلن جي ويس ۾ اوتين !
نجومين اڳ ڪٿي ڪئي آ،
نه ڄمندو ڪو هتي ڪانئر،
نه ٿيندي ڳالهه هي ڪوڙي،
نه ٿيندي عاشقي پوڙهي.