شاعري ـــ اجتماعي درد جو فلسفو
شهمير سومرو سنڌي ادبي سنگت جو نقاد شاعر آهي. انفرادي سکيا ۽ اجتماعي سکيا سنڌي ادبي سنگت جي شاعرن ۽ اديبن جو علمي زيور رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جا سکيا وارا ڪلاس ڪسوٽي جو درجو رکن ٿا. شهمير سومري جو هي غزل جو مجموعو پنهنجي طور تي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.
محاڪات شاعري جي فن ۾ مصوري ۽ منظرنگاري جو نالو آهي. شهمير سومري جي غزل جي محاڪات جو مطالعو ڪريو:
پايل، ميندي، چوڙيون، سرخي ميڙ وٺي،
آئي ۽ پو ٺاههُ اکين سان ٽاڪي وئي.
غزل جي هن بيت ۾ محبوبا جي سينگار جي منظرنگاري آهي. يا ائين چئجي ته بدني منظرڪشي آهي. هن منظر ۾ ٻه زيور جا قسم آهن ۽ ٻن رنگن جا منظر آهن. شاعر جي محبوبا هڪ مرڪز جي حيثيت ۾ آڏو آهي. پايل ۽ چوڙيون سماعتي سرور جو باعث بڻجي ٽور ۽ لوڏ جو منظر چٽينِ ٿيون، ميندي مٿان سون تي سهاڳي جو ڪم ڏنو. سرخي ان جي سڄي ماحول کي مرڪائي محبوبا کي محبوب بنايو. رنگن وارو بصري منظر، وري شاعر جي محبوبا جو اچڻ، رسامي کي ختم ڪري، ٺاهه کي اکين يا نظر سان ٽاڪي وڃڻ جو تخيلاتي استعارو، گڏجي تغزل جو رنگ ڀري يعني ردم ۽ راڳ کي ايجاد ڪيو. اها آهي منطق جي محاڪات ٻيو بدني منظر:
ڀنل زلف پنهنجا پرين تو ڇنڊيا پئي!
انهي مهل ڏاڍا هوا ٿيڙ کاڌا.
غزل جي هن بند ۾ منظر کان وڌيڪ پس منظر حسين آهي. شاعريءَ ۾ تحسينات جو عمل دخل ڪناياتي هجي يا مشبهه هجي، يا مستعار هجي، اهو سڌن منظرن تي حاوي پئجي ويندو آهي. هتي شاعر جي پرين جو زلفن جي ڇنڊڻ کان زلفن جي ڀڄائڻ يا ڀڄڻ وارو پس منظر حاوي پئجي ٿو وڃي. هي منظر ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي ٿو وڃي. جنهن جو هڪڙو حصو فضائي بنجي ٿو وڃي ۽ ٻيو حصو زميني منظر آهي. شاعر جي پرين وارو وارن ڇنڊڻ جو منظر زميني آهي، جڏهن ته هوا جو ٿيڙ کائڻ وارو منظر فضائي آهي. هن منظر کي سماوي ان ڪري نه ٿو چئي سگهجي جو هوا فضا ۾ موجود رهي ٿي. جڏهن ته هي ٻئي ڇهاوي منظر آهن. زلفن جي ڇنڊڻ وارو منظر به ڇهاءَ وارو آهي ته هوا جو ٿيڙ کائي ٽڪرائجڻ وارو منظر به ڇهاوي آهي. تنهن ڪري مٿي هن منظر کي بدني منظر سڏيو ويو آهي.
دوستو: تغزل مان مراد صرف غزل گوئي نه آهي. تغزل مان مراد تخيل واري پرواز ۽ ان جو سُر ۽ ردم يعني موسيقي به آهي. ڏسو غزل جو هي انداز:
شهر جي ٻاهران جوڙي، ڪچو گهر ڀي نه سگهيس مان،
هي صحرا ۾ اڏيو آ گهر، الائي ڪنهن گلابن جو.
صحرا ۾ گلابن جي تصور سان تخيل جي سُڌ پوي ٿي، جڏهن ته ڪنهن ڳوٺاڻي جو شهر جي ٻاهران ڀي ڪچو گهر نه اڏي سگهڻ واري ترڪيب تغزل آهي ۽ صحرا ۾ گلابن جو گهر، معنى گلابن جو دائمي تصور تخيلاتي آهي. هن بيت ۾ تخيل ۽ تغزل سان جيڪو موسيقي وارو ماحول جڙي ٿو، اهو تغزل جي نزاڪت ظاهر ڪري ٿو. صحرا ۾ باغ جو تصور ترڪيب ايجاد آهي. شهر ۾ گهر نه اڏي سگهڻ جو تصور ترڪيب حسرت آهي. حسرت تغزل آهي ۽ ايجاد تخيل آهي. موسيقي ۾ لاهو ۽ چاڙهو ٻه الڳ آوازي عمل آهن. انهن جو وقت سر ڪم آڻڻ وارو عمل فن آهي. اهو شاعراڻو مزاج شهمير سومري کي پنهنجي ٽهي ۾ خاص مقام بخشي ٿو. اڃا هڪڙو بند غزل جي تغزل مان:
ديد درزيءَ به مون کي موٽائي ڇڏيو،
ننڊ نيڻن جي اهڙي ته اڊڙي هئي.
نيڻن جي ننڊ جو اڊڙي وڃڻ وارو ترڪيبي انداز شهمير جي ايجاد آهي. ديد يا نظر کان مايوس ٿي موٽي اچڻ واري ترڪيب تغزل آهي. شاعر جي ذهن ۾ جيڪو اختراع هو، جيڪو جاڳ جي صورت ۾ هو، ان اختراع کي ختم ڪرڻ سان ننڊ اچي ويندي. تخيل شاعر جي وهم کي رد ڪري ڇڏيو. جنهن جي ڪري غزل جو مٿيون بند شاهڪار بنجي ويو. اسان کي جيڪو منطق ڪورس ۾ پڙهايو ٿو وڃي، شاعري ان علم ۾ ايجادن جا واڌارا ڪندي ٿي رهي. جنهن جي ڪري شاعريءَ کي سند جو درجو مليل آهي.
شهمير جا غزل تغزل سان ڀرپور آهن. مٿين بند ۾ مايوسي ۽ حقيقت تغزل جو روپ ڌاري موسيقي جي رنگن کي نکاريو. هن سڄي بحث مان خبر پئي ته ايجادون اهي مادي هجن يا تخيلاتي، پر اهي ٻولين ۾ واڌارو ڪنديون آهن. هاڻي هڪ تمثيلي بند:
مڃون ٿا برابر مٺا چَــپَ اوهان جا،
گلابي گلن جا به سردار آهن.
سنڌي ادب ۾ تمثيل مطابقت کان اعلى هجي ٿي. جيئن غزل جي مٿين بند ۾ شهمير ڏني آهي. گلابي گلن سان محبوب جي چپن جي تمثيل آهي. مطابقت آهي صرف رنگت جي، ليڪن گل جي ڄمار هڪ هفتو. جواني يا زندگي هزارين گلن جي ڄمار کان مٿي آهي. شهمير چپن کي گلن جي سرداري جو خطاب ڏئي مطابقت کي رد ڪري ڇڏيو. جيئن ادب ۾ مثال ۽ بي مثال جا لفظ موجود آهن.
مثال مطابقت موجود هوندو آهي، بي مثال مطابقت کان مبرا هوندو آهي. شهمير سومري جي غزل جو هڪ مستعار بيت:
مرڪ تنهنجي خزان جي آ ڳل تي چماٽ،
تنهنجي ٽهڪن سان گل ٿا ٽڙڻ هر گھڙي.
هن غزل جي بيت ۾ شهمير نه صرف محبوب جي مرڪن سان خزان جي موسم کي رد ڪري ڇڏيو، پر ٽهڪن سان پيار جي موسم کي سدا بهار بنائي، بهار جي موسم کي به رد ڏيئي ڇڏيو. هن بند ۾ پيار يا خوشيءَ جي موسم جو ڪو به ذڪر ناهي، هتي صرف ٽهڪن جو ذڪر آهي. ٽهڪ پيار ۽ خوشيءَ جي موسم جا گل آهن. پيار ۽ خوشيءَ جي موسم ڪنايي ۾ پنهان آهي. ائين بهار جي موسم به ڪنايي ۾ لڪل آهي. ان ٻنهي ڪنايتي موسمن مان هڪ موسم مستعار آهي ۽ ٻي موسم مستعار عليه آهي. شهمير بهار جو استعارو پيار جي موسم کي بنايو.
ايشيائي شاعريءَ ۾ عرب شاعرن جا قصيدا ۽ مثنويون، ايرانين جا دوسخا ۽ غزل، سنڌ ۽ هند جا دوها ۽ سورٺا ٻن ٻن مصرعن واريون صنفون آهن.
اسان جي گهڻن استادن جي راءِ آهي ته غزل صنف ٻن ٻن مصرعن جي سولائيءَ ڪري گھڻو لکي ٿي وڃي. ٿي سگهي ٿو ائين به هجي، پر منهنجي راءِ آهي ته ماحول، مطالعي ۽ سنگت جو اثر قبول ڪندي، نوجوان دوست غزل طرف وڌيڪ مائل ٿيا آهن. شهمير سومري صاحب سان منهنجون گھڻيون ڪچهريون ته ڪو نه ٿيون آهن. پر شهمير گيت، نظم ۽ وايون به رقم ڪيون آهن. هي دؤر وسيع معلومات جو آهي، تنهن ڪري شاعر حضرات جي گھڻائي گھڻن صنفن لکڻ وارن جي آهي. مان سمجهان ٿو ته شهمير جي طبع غزل کي ويجھو آهي، جنهن جي ڪري هن غزل کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. شهمير جو غزل فني طور تي ڏاڍو پختو ۽ پيارو آهي. غزل جي لوازمات کان شهمير چڱي پر باخبر آهي:
سدائين وڇوڙن جي طوفان ٻوڙيون،
الائي ڇو شهمير مرڪن جون ٻيڙيون.
هن غزل جي مطالعي کان پوءِ ڏسجي ٿو ته شهمير سومرو عروض قافيي، رديف ۽ تقطيع ۾ سگھارو شاعر آهي. ان فني پورائي کان هٽي ڪري ڏسبو ته غزل جو موضوعاتي فن به شهمير وٽ ڀرپور آهي. پرين ناهي تڏهن به هو پنهنجا خيال سماج سان اوري ٿو. اها هڪ نمائندي شاعر جي خوبي آهي:
موت جو سيڪ ٿو وڃي چڙهندو،
هيءَ حياتي گھڻي ڀـتِـي آهي.
علمي بحث ۾ وڃبو ته هي فارسي بحر آهي، مرڪب بحر آهي، شهمير جنهن وزن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، اهو ڀڳل رڪن تي آڌاريل وزن آهي. غزل جي دنيا ۾ حافظ شيرازي موصوف کان وٺي، شيخ اياز تائين هن وزن جو گھڻو استعمال ٿيو آهي. اها ڳالهه شهمير جي سمجھيل آهي. گھڻي مطالعي جي ڪري اڄوڪو نوجوان اسان کان به وڌيڪ با خبر آهي ۽ ڌڻي ڪري اهو شوق جاري ۽ ساري رهي. موت ۽ زندگي جي فلاسافيءَ تي شيخ اياز صاحب جن گھڻو لکيو آهي. گھڻي دليل بازي جي ميدان ۾ شاعراڻا خيال ٿورا وڃي رهندا آهن. ان ٿورن خيالن مان شهمير هي خيال آندو آهي. اهو به هن ڌرتي جو خيال آهي. موت جو سيڪ لڳڻ ۽ حياتي جو ڀتو ۽ ختو ٿي وڃڻ اسان اوهان جي گهر جي، تر جي ڳالهه آهي، پر شهمير ان خيال جو لاجواب استعمال ڪيو آهي. پنهنجي ڌرتي جي چپي چپي تي شاعر جي نظر آهي. اهو هڪ ڪامياب ۽ سگهاري شاعر جو مثال آهي:
سهڻي! هر ساروڻي تنهنجي،
سيني سان مون لاتي آهي.
بحر تقارب جو هي وزن سنڌي غزل ۾ گھڻو استعمال ٿيو آهي. منهنجو پيارو دوست علي آڪاش اڪثر چوندو آهي ته”شاعر حضرات هن فعلن فعلن وزن ۾ غزل لکن ڇو ٿا“۽ هن بند جي پڙهڻ کان پوءِ خبر ٿي پوي ته شهمير غزل جي صديون پراڻي تشهير سان خوب نڀايو آهي.
غزل معنى عورت سان پيار محبت جون ڳالهيون ڪرڻ. هن بند جو پهريون لفظ سهڻي آهي. جيڪو لفظ سونهن مان ورتو ويو آهي. سونهن شاعر جي مجبوري آهي. هن سڄي بند ۾ ڪل نـوَ لفظ آهن انهن نون لفظن مان چار لفظ هم قافيا آهن. لفظ سهڻيءَ جو تــز قافيو تنهنجي ٿيندو، پر ساروڻي ۽ لاتي به اندرين قافين ۾ شامل آهن. حالانڪ لفظ لاتي اصل جو قافيو آهي، پر هتي لفظ سُهڻي جي تغزل ۽ موضوع جي ڪري اندروني قافين ۾ هليو ويو آهي. اهو آهي شهمير جي غزل سرائي جو فن. معاف ڪجو ڪڏهن ڪڏهن پيءُ جي سڃاڻپ پٽ جي نالي سان ڪئي ويندي آهي. هتي هن بحث ۾ مون اصل ۽ ان جي قافين جي ڳالهه نه ڪئي، پر لفظ سهڻي جي پيار ۽ سونهن ۾ هليو ويس، جتي اصل جي قافيي کي به مجروح ٿيڻو پيو ۽ ثانوي قطار ۾ بيهاريو ويو:
چون ٿا عشق سدائين اتي سڙيو آهي،
جتي هٿن سان حسن باهه پاڻ ٻاري آ.
بحر مجتث به مرڪب بحرن ۾ شامل آهي. ڀڳل رڪنن تي آڌاريل هي وزن وڏي ردم ۽ موسيقي وارو آهي. هن بند ۾ عشق ۽ حسن جي مخالف جنس ۽ هستيءَ جو ذڪر آهي. هونئن ته عشق ۽ حسن لازم ملزوم آهن. عشق ۽ حسن غزل جي رنگينيءَ ۾ لامحدوديت پيدا ڪن ٿا. غزل جي هن بند ۾ عشق ويچارو پتنگ آهي ۽ حسن روشن سَرا شمع جلائڻ وارو. اهو ئي ته عاشق ۽ معشوق ۾ فرق آهي. حالانڪ غزل جي گائڪي سنڌ ۾ تمام ٿوري آهي، پر جيڪا گائڪي آهي، اها غضب جي آهي. هن بند ۾ شهمير غزل سرائي جو ڀرپور مظاهرو ڪيو آهي. هتي علم هِجا وارو بحث نه ڇيڙبو، ڇو ته لفظ حسن سنڌي شاعرن ان بيهڪ ۾ استعمال ڪيو آهي:
مينهن شهمير هو نينهن ڀي،
نيٺ دامن پُسائي ويو.
بحر متدارڪ کي مسدس ڪري استعمال ڪرڻ وارو تجربو، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز ڪيو. هاڻي مروج ٿي ويو آهي. غزل جي هن بند ۾ شهمير مسدس رڪن جو استعمال ڊوڙي ڪيو آهي، جيڪڏهن هي وزن مثمن رڪنن تي هجي ها ته ٻن رڪنن کان پوءِ ڪامان ڏيڻي پوي ها. جيڪا اڪثر سنڌي شاعر ناهن ڏيندا. هن بند ۾ شهمير مصرع اول ۾ تغزل جو جهان ڇلائي پوءِ مصرع ثاني ۾ محاڪات ڀري آهي. اهو غزل جو فن سڀني شاعرن وٽ هڪ جيترو ناهي هوندو:
پروانا ڪل پير ڇهڻ لئه آتا هن،
پيار جا مون هن ڏيئا ٻاريا اندر ۾.
جيڪا عربن، ايرانين ۽ هند سنڌ وارن جي فني مماثلت جي ڳالهه ڪري آيو آهيان، ان مطابق هن غزل کي پراڻي دوهي ڇند ۾ موڪليون به کڻي، پر اهڙن غزلن جي گھڻائي شهمير وٽ ناهي. تنهن ڪري هن غزل کي وري به بحر تقارب جي ٻارهن رڪني ترتيب ۾ شامل ڪبو. ڇو ته هن غزل ۾ رديف وارو پاسو روڪي ٿو ته هي غزل مردف غزل آهي. هن غزل کي دوهي ڇند ۾ شامل ڪري پنهنجي اڻ ڄاڻائي جو مظاهرو نه ڪريون. دوهي ۾ رديف نه ٿيندو آهي.
هاڻي خبر پئي ته شهمير سومرو غزل جي دنيا جو ڄاڻو شهسوار آهي. جنهن غزل جي هن بند ۾ تخيل، تغزل ۽ محاڪات جو خوبصورت ميلاپ ڪري، پاڻ کي بهترين غزل گو شاعر مڃايو آهي. پنهنجي هن بحث کي ٽيڪو ڏيڻ لاءِ ضروري سمجھان ٿو ته ٻئي غزل جو بند ڏيان:
اڪثر ويٺو ٿڌڙا ساهه ڀريندو هان،
خوشين جو سنسار اڌورو رهجي ويو.
هاڻي اسان ڏٺو ته ساڳي وزن وارو هي غزل اڃا به ڊگھي رديف وارو آهي. ساڳيو ئي بحر تقارب جي ٻارهن رڪنن تي آڌاريل آهي. هڪ صنف کي زوريءَ ڪنهن ٻي صنف تي نه ٿو مڙهي سگهجي. هاڻي سٽاءَ، عروض ۽ ڇند واري بحث کي ڇڏي قافيي ۽ رديف ڏانهن هلون:
درد وٺڻ يا درد ڏيڻ ٿو چاهين تون!
منهنجي درد جو سمنڊ ترڻ ٿو چاهين تون.
هن غزل جا سمورا قافيا فعلي آهن، تنهن ڪري تــز آهن. زير، زبر جي ڪري قافين جا اساس يا بنياد هلڪا ڌڪيا آهن. هتي اصل قافيو آهي ڏِيَــڻُ ۽ قافيو ثاني آهي تَـرَڻُ، ڏال کي زير آهي ۽ تي کي زبر آهي. ”ٿو چاهين تُون! بهترين رديف آهي. اصل قافيي توڻي هيٺين قافين ۾ ٽي ٽي آواز يا اچار آهن. جي اول وارو اچارُ اساس ڪري نه ڳڻبو ته سمورا قافيا بلڪل پورا ۽ هر طرح صحيح آهن، پر فعل هجڻ ڪري نه ڪٽجن ته معنوي لحاظ کان درست نه هوندا. عربن وٽ علم هِجا جو لحاظ گهٽ رکيو ويندو آهي. ڇو ته تقطيع نالو ئي وڍ ڪٽ جو آهي. تنهن ڪري عروض ۾ اسين به اهو ئي قانون اختيار ڪندا آهيون. قافيي ۽ رديف ۾ اها اجازت ناهي. جڏهن ته اردوءَ وارا خاص لحاظ نه رکندا آهن:
گناهه وائڙا هئا، ثواب وائڙا هئا،
پرينءَ جو پيار جو مليو، حجاب وائڙا هئا!
هن غزل جا قافيا هيري جي چمڪ اختيار ڪري جرڪي رهيا آهن. رديف وري هيري جي ڀر ۾ ياقوت نماءُ ڪري پوچي رکيو ويو.
شهمير سومري کي اڃا گھڻي مشق جي ضرورت آهي. ڪي غزل اهڙا به آهن جن ۾ قافيا ڪمزور ۽ نه ٺهندڙ آهن:
ننڊ اسٽور تان آءٌ آڻي رکان،
جاڳ چوري اکين ۾ رکي ٿي وڃي.
ڪنهن جي چهري تي ميڪ اپ جا بادل هئا،
ڪنهن جي چهري جي پر سادگي ٿي ٻري.
جديد فلاسافي جا اثر شهمير تي به آهن. جڏهن ڌرتي، پٿر، وڻ ٻوٽا ماحول جو اثر وٺن ٿا، انسان ته انسان آهي. شاعر ته اڃا به حساس آهن. ننڊ جواسٽور تان آڻڻ ۽ چهري تي ميڪ اپ جا بادل، جديد ايجادن جا تحفا آهن. جيڪي پنهنجي پوري اصطلاح سازيءَ سان اسان جي ٻوليءَ جو حصو بنجي ويا آهن. جيڪا ڳالهه آءُ مٿي بيان ڪري آيو آهيان، توڻي جو شهمير جو گھڻو تڻو ڪلام مشيني اصطلاحن کان پالهو آهي، پر پوءِ به اٽي ۾ لوڻ برابر ته اها چهراڻ موجود آهي. شاعري هڪ بي ساختا عمل آهي. شاعري جي آمد ٿيندي آهي، ته شاعر شاعري رچڻ کان سواءِ ڪو به ڪم ڪري ئي نه سگهندو آهي. منهنجي هن جملي کي پڙهندڙ حضرات بيماري ڪري نه سمجهن. زندگي جي سفر ۾الائي ڪيتريون ڪيفيتون ماڻهو جو آرام ڦٽائي ڇڏينديون آهن. شهمير سومرو پنهنجي سماج تي گهري نظر رکي ٿو. ان ڪري سندس غزل ۾ موضوعاتي وسعت آهي. نه صرف اهو ۽ ايترو، پر انهن موضوعن کي بيان ڪرڻ جي به وٽس قوت موجود آهي:
سنڌ جا ڳوٺ، شهر، ٻوڏ ۾ ٻڏيون ٻنيون،
سنڌو سنسار وڇائي سمهي پيو آهي.
او مٺي سنڌ، قسم ٿي ربّ جو،
خوني تڪرار سڳيءَ ۾ بند ڪر.
ليکڪو! هاڻي قلم جي نوڪ سان،
سچ سندي اتهاس کي پاڻي ڏيو.
آس جي ڳنڍ ٻڌل آ ٿوڻيءَ سان،
ٻوڏ ۾ ڪو ته لک پتي آهي.
هِي سنڌي قوم آهي آئينو،
۽ هي اڳواڻ هن پٿر وانگي.
ضمير جن به وڪيو آهي ڪجهه سِڪن عيوض،
وري به تن جا ڏٺا سي گناهه معاف رهيا.
اجتماعي درد جو فلسفو، شاعري جي مقصد جو فلسفو، انسان جي سجاڳي جو فلسفو، ڌرتي ۽ ڌرتي وارن جي اذيت جو فلسفو، اهي سڀ مسئلا جيڪي پنهنجي زندگي جا درد آهن، انهن دردن جو ڇوٽڪارو، جيڪو آئيندي جو اتساهه ٿو بنجي، شهمير سومري جي شاعري ۾ موجود آهن. طبقات، قومي ڦرلٽ، فطري طوفان، سهائتا نه ٿيڻ جو ڏک ۽ ٻيا الائي ڪيترا واقعا شهمير جي غزل جو حصو آهن.
قومي ۽ طبقاتي سوال اٿارڻ، انهن مسئلن جو حل، سياسي مسئلو آهي. ليڪن ڪو به شاعر، اديب، تاريخدان، قلمڪار پنهنجي قوم ۽ طبقي کان سواءِ ڇا آهي؟ قومي ۽ طبقاتي مسئلا پوري قوم جا مسئلا آهن. جنهن ۾ سياستدان، اديب، شاعر، استاد، شاگرد، ڊاڪٽر، صحافي، پورهيت، هاري، عورتون، مرد، ٻار، ٻڍا شامل آهن. شهمير سومرو سنڌي قوم جو باشعور فرد ۽ هن ڌرتيءَ جو هڏ ڏوکي پٽ آهي، ان کي پنهنجي فرضن جي چڱيءَ پر ڄاڻ آهي. هڪ درد مند حلالي فرزند وارا فرض نڀائي رهيو آهي.
شاعري سياسي اثرات کان وانجهيل، ڍڪيل يا الڳ ٿلڳ ڪو علمي مورچو نه آهي ۽ نه وري ڪو سياسي پوسٽر آهي. شاعر جي ڏات ۽ ڏانوَ ۾ جيڪا ڏک، سور، اڻ برابريءَ واري لهر اٿي نروار ٿي آهي، شهمير سومرو ان سور ۽ درد کي محسوس ڪندي پنهنجي تخيل ۾ آڻي بااثر نموني بيان ڪيو آهي.
شهمير سومرو نهايت حساس ذميوار، نيڪ نيت ۽ باضمير نوجوان آهي، پنهنجي ٽهيءَ جو حسين، جميل اظهار وارو شاعر آهي. غزل جي ميدان جو هي باعمل مجاهد، سنڌ ڌرتيءَ جو سپوت پنهنجي تاريخ کان ٻاهر، لنوائڻ وارو شخص نه آهي. جدوجهد ۽ جفاڪشي وارو هڪ نهايت حساس شاعر آهي. ” اکڙين جي ڀاڪر ۾“ شهمير سومري جو هيءُ پهريون مجموعو آهي. سَلو اهو ڀلو، جيڪو انگورجڻ سان دل ۽ دماغ کي، اکين ۽ شعور کي راحت بخشي، خوشي ۽ اميد جو احساس ڏياري، سڀاڻي جو آسرو بنجي. ان حوالي سان سرشار اميد ۽ آس جو هي شاعر، ڪوي هن مجموعي جو خالق سڀاڻي جو آسرو آهي.
هن جديد ميڊيا جي همت افزائي ۽ پٺ ڀرائيءَ جو نوجوان شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن سان سهڪار هجڻ گهرجي. انهن جا شايع ٿيل ڪتاب پڌري ٿيڻ پڄاڻان ميڊيا تي اچڻ گهرجن.
سرمد چانڊيو
ميراڻي محلو لاڙڪاڻو
11 فيبروري 2013