سوچن جو سُٽ
1993 ع ۾ جڏهن بهار موسم ۾ بند مکڙين پنهنجون ٻانهون کولي گلن جي پتڙين کي ظاهر ڪيو ۽ هوا خوشبوءِ کي ڦهلائي ڪائنات کي ڀاڪر ۾ ڀريو ته مون به پهريون شعر لکي سونهن کي ارپڻ چاهيو. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اندر جو لڪل شاعر ظاهر ٿيڻ لڳو ۽ طبيعت ۾ عجيب قسم جي طلسماتي تبديلي اچڻ لڳي. عشق جي آويءَ ۾ پچڻ لاءِ پرين جي گھٽيءَ ۾احساسن جا پير اگھاڙا ڪري پنڌ چڪر ڪٽڻ شروع ڪيم. مزاج ۾ تبديلي ۽ شعرن ۾ سنجيدگي وڌڻ لڳي، بعد ۾ اڪيلائي جو احساس شام جي لهندڙ منظر جيان منهنجي اندر ۾ وڌڻ لڳو. سج لهڻ کان پوءِ تڪڙي اوندهه وانگر بيقراري به من ۾ گهيرو ڪري ويهي رهي. بهتر ڀانيم ته ڪٿي شاعرن جي سٿ ۾ پهچي پنهنجي اندر جي ڳالهه اوريان نه ته سوچن جو سُٽ مونکي منجهائي ڇڏيندو. تن ڏينهن ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جون هفتيوار تنقيدي گڏجاڻيون ٽاڪ مجھند جو منعقد ٿينديون هيون پر مون لئه اهي گڏجاڻيون گھاٽي وڻ جي ڇانوَ جيان ثابت ٿيون، جتي مون سوچن جي سُٽ کي نوجوان ناريءَ جي زلفن جيان سنوارڻ شروع ڪيو. اتي ئي منهنجي شاعري کي گهڻي آسيس آئي ۽ شعرن جي پرورش پڻ ٿي.
شاعري جي ابتدائي اصلاح استاد خير محمد چنو کان ورتم ادبي سنگت جي سڀني دوستن ڀائرن جيان ڀانيو پر مختلف وقتن تي لفظن جا لڪڻ به لڳندا رهيا. هونئن ته سنڌ ۾ هزارين لکين شاعر پنهنجي اندر جي جذبن ۽ اڌمن جو اظهار ڪري چڪا آهن پر مونکي سدائين شاعرن جي ان چمڪندڙ ڪهڪشان ۾ استاد بخاري چنڊ جيان نظر ايندو رهيو آهي. انهيءَ ڪري ئي آنءُ سدائين استاد بخاري جي شاعريءَ کان تمام گهڻو متاثر رهيو آهيان.
چيو وڃي ٿو ته دنيا ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا موضوع آهن جن کي قلم ڌڻين پنهنجي پنهنجي انداز سان اظهاريو آهي. اڻ ڳڻين شاعرن جي قافلي ۾ اوهان پڙهندڙ سڄڻن کي منهنجي شاعري ۾ ممڪن آ ڪٿي ڪٿي ڪو خيال جيئن جو تيئن يا ڪنڊ پاسو ٽڪرائجندي ورجاءَ جو شڪار ملي ڇو جو شاعرن جي تمام وڏي سٿ ۾ پاڻ کي ظاهر ڪرڻ يا پنهنجي موجودگي جو احساس ڏيارڻ ڪنهن به طرح ڪاميابي کان گهٽ ناهي.
منهنجي شاعري ۾ اوهان کي ڌرتي، چنڊ، ڪڪر، سونهن، گل، پوپٽ جا موضوع اڪثر چرپر ڪندي محسوس ٿيندا. ائين ئي خوبصورت ماڻهن تي موهيندڙ لفظ ميڙي گلابن جي پتڙين جيان نڇاور ڪندڙ منهنجو من به سونهن جي رنگن ۾ رچجي ويو. اوچتو ئي زندگيءَ جي ڳوٺ ڳلي ۾ هڪ درُ کليو ۽ شاعري مون کي سڏيو. مان زندگي جي اس ۾ ڇانوَ ٿي ڀانيم. رات جي اونداهي ۾ چنڊ ۽ ستارن سان ڀريل آسمان مون کي پرينءَ جي چولي جا ستارا ياد ڏياريندو رهيو آهي. ڳوٺ جي ڳلين کان سرنهن جي ڦولار ۽ فطرت جو حسن مونکي عشق جي اونهائي ۾ وٺي وڃي اتي پهچايو جتي ڏات جي ديوي پنهنجو ملائم هٿ ملائي ڪائنات جو سير سفر ڪرائي شاعري جي شهر وٺي آئي بس انهي پَل کان وٺي لکندو، لڇندو ۽ پنهنجي اندر جي اڌمن جو اظهار ڪندو پيو اچان. هن وٺ پڪڙ جي زماني ۾ شاعراڻا احساس رکندڙ شخص بارود جي بوءِ جهڙين رسمن ۾ مسڪرائي جيئڻ جي جستجو ۾ مصروف رهي ٿو، محبتن جا احساس نفرتن جي قيد ۾ پل پل نين اذيتن سان مهاڏو اٽڪائي جيئڻ جو درس ڏين ٿا.
ڪنهن ڪنهن مهل لفظ مسافرن جيان ذهن جي اوتاري تي اچي شاعري جو روپ ڌاري نڪور ڪاغذ تي پنهنجي جاءِ والاري رهيا آهن ته ڪڏهن وري رٺل محبوب جيان ڪيترائي ڏينهن درشن ئي نه ٿا ڪرائن. هي منهنجي شاعري جو پهريون ڪتاب اوهان سڄڻن جي سهڻن هٿن ۾ لفظن جا رنگ کڻي قرب جا ڪشالا ڪٽي پهتو آهي.
منهنجا ويچار شاعريءَ جي صورت ۾ اوهان پيارن جي سامهون آهن، منهنجون خواهشون پوريون ٿين ٿيون باقي حسرتن جي ته حد ئي ناهي. عيب مون ۾ اڻ ڳڻيا ۽ خوبين جو خال خالي ٽٻڪڙا ئي ٽٻڪڙا آهي. مونکي اوهان جي پيار ڀري موٽ جو اوسيئڙو رهندو جيڪڏهن منهنجي شاعريءَ بابت اوهان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندا ته مونکي تمام گھڻي خوشي ٿيندي.
هن ڪتاب کي ڇپائڻ لاءِ ڪافي دوستن پئي همٿايو آهي. ان حوالي سان ڪجهه دوستن مون کي اصلاحي رايا پڻ ڏنا آهن، خاص طور تي سائين رضوان گل، احسان دانش، رضا بخاري، گوهر شيخ، عادل عباسي، نثار شيخ، نظير شيخ ۽ سڄي سنگت جو تمام گهڻو شڪرگذار آهيان. منهنجو هي پيار ڀريو پورهيو اوهان جي هٿن جي گلابن ۾ آهي اميد ته اوهان کي پسند جي خوشبوءِ ضرور ڏيندو.
شهمير سومرو
مينهل آباد ــ لاڙڪاڻو
موبائيل نمبر 03003428619
ssoomro939@gmail.com