ايڏا نه درد ڏي تون پٿر نه ٿي وڃان.
موهن دڙي جيان ڪو کنڊر نه ٿي وڃان.
محبوب گل ڪي ٽڙندا مرڪي نهار تون،
ڪاوڙ نه ڪر ڪٿي مان ٿوهر نه ٿي وڃان.
منهنجي اکين ۾ ٿوري آلاڻ ڏي رهڻ،
صدما سهي سهي مان بنجر نه ٿي وڃان.
مان رات سانوڻيءَ جو احساس هان ٿڌو،
ناراض ٿي نه ٿڏ تون، اوٿر نه ٿي وڃان.
پردو هٽائي رخ تان جهٽ جهٽ ۾ او پرين،
ڏيکار ائين نه جلوا ڪافر نه ٿي وڃان.
منهنجي نصيب ۾ تون، مرڪون نه اڻ ڀلي،
ماتام ڏي نه ايڏو، محشر نه ٿي وڃان.
خنجر هڻي نظر جو، نظرون ته ڪڍُ وري،
تڙپڻ لڇڻ ته ڏي ڪجهه، ٺاپر نه ٿي وڃان.
شهمير کي گهٽيءَ مان ناراض ٿي نه تڙ،
هيڏي وڏي دنيا ۾ بي گھر نه ٿي وڃان.