قرآن جو عملي پروگرام ئي ان جو حقيقي اعجاز آهي : مولانا عبيداالله سنڌي
هيءَ ڳالھ اڻٽر آهي ته قرآن جي اعجاز جا مختلف پهلو آهن. نظم عجيب آهي. معاني جي ترتيب حيران ڪندڙ آهي. گذريل تاريخي واقعات مختصر ۽ جامع انداز سان اهڙي طرح بيان ڪيا ويا آهن جو عبرت ۽ نصيحت ۽ بصيرت ڏانهن متوجھ ڪندي قومن جي عروج ۽ زوال جا قانون آسانيءَ سان سمجھيا وڃن ٿا. ايئن ته اعجازي سبب ڪيترائي آهن جن تي گذريل ڪتابن ۾ وڏو زور ڏنو ويو آهي، پر قرآن جو حقيقي اعجاز ان جو انسان دوست فڪر آهي. يعني اهڙوعملي پروگرام جنهن کي اپنائڻ سان پوري انسانيت جي ڀلائي نمودار ٿئي ٿي. مطلب ته قرآن پنهنجي فڪر ۽ ان تي مرتب ٿيندڙ عملي نظام جي لحاظ کان معجزو آهي.
ان کي آسانيءَ سان اڃا هيئن چئجي ته قرآن ڪريم فطري اصولن تي قائم اهڙي نظام جو داعي آهي جنهن سان پوري انسانيت هڪ وحدت ٿي ڪري هڪ ٻئي جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري ٿي. ۽ اهو ئي وڏو چيلنج آهي دنيا جي سمورن فڪرن ۽ نظرين کي ته ”فاتو بسورة من مثلھ“ اهڙو نظام پيش ته ڪري ڏيکايو. اهڙي فڪري بلندي ۽ اهڙا قانون جڙيل ته ڏيکاريو. جيڪڏهن قرآن جي اعجاز جي هن پهلو کي ڏسبو ته پوءِ ئي هدي للناس ۽ شفاء للناس جي معني سمجھ ۾ ايندي. ڇو ته اعجاز جو هيءُ پهلو ڪنهن هڪ قوم سان نه، ڪنهن خاص حالت سان نه، ڪنهن مخصوص زبان وارن سان نه بلڪ ان مان هر دور جو انسان فائدو وٺي سگھي ٿو، ڇو ته هي فطرت الله التي فطرالناس عليها آهي ۽ فطرت کي هر انسان سمجھي سگھي ٿو. رڳو مصنوعي پردن کي هٽائي ضمير جي روشنيءَ سان ڏسڻ جي ضرورت آهي.
اعجاز جي هن نموني کي عربي ، عجمي، فلسفي، عام انسان بلڪه هر هڪ سمجھي سگھي ٿو. باقي جيڪڏهن هن جي اعجاز کي عربي نظم ۾ بند ڪبو بلڪ محدود ڪبو ته ان کي چند عربي اديب ئي سمجھي سگھن ٿا باقي ٻيا ماڻهو ان جي اعجازي خوبين کان محروم رهندا. تنهن ڪري قرآن جي اعجاز جي عموميت لاء هيئن چئبو ته قرآن هڪ انقلابي تحريڪ جو نصب العين آهي. هي ڪتاب ڪنهن خاص قوم لاءِ نه بلڪ هي هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو پوري انسانيت، اڄ جي زبان ۾ بين الاقواميت جو تصور پيش ڪري ٿو ۽ جڏهن به ڪابه جماعت ان کي پنهنجي سوسائٽي ۾ نافذ ڪندي ته ان جا به اهي نتيجا نڪرندا جيڪي اسلام جي پهرئين دور ۾ دنيا ڏسي چڪي آهي. اهو قرآن جو اثر آهي.
قرآن جي هن انقلابي فڪر ۽ انسان دوست نظريي کي دنيا جي عام نظرن کان اوجھل رکڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ٿيندا رهيا آهن.
مسيحي دنيا جو سرمائيدار طبقو هن فڪر تي مسلسل پردا وجھڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. جيئن مصر جو مشهور عيسائي مورخ جرجي زيدان اسلام جي پهرئين انقلاب کي چند مخصوص انسانن جي قوت ۽ همت ۾ بند ٿو ڪري. يعني اهو انقلاب قرآن جي تعليم جو اثر نه بلڪ اتفاق سان چند جانباز ۽ طاقت ور ۽ ديانتدار ماڻهن جو نتيجو هيو.
اڄ جي دور ۾ ڪي وري حجازي انقلاب کي پيغمبر صلي الله عليه وسلم جن جي شخصيت ۾ منحصر ڪن ٿا. يعني ان انقلاب جو بنياد قرآني فڪر نه بلڪ هڪ بهترين ۽ باڪمال شخصيت جي ڪري قائم ٿيو. تنهن ڪري جيڪڏهن ڪڏهن به ڪا اهڙي باڪمال شخصيت پيدا ٿيندي ته ممڪن آهي ته اهو اثر ٻيهر وجود ۾ اچي. پر جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته حجازي انقلاب جو بنيادي ڪارڻ قرآن جو اهو عملي پروگرام آهي، جنهن ۾ پوري انسانذات لاءِ ڀلائي سمايل آهي. ۽ اهو فڪر اهڙي بنيادي بلڪ عالمگير اصولن تي مشتمل آهي جيڪي نه ڪڏهن بدليا آهن ۽ نه ئي وري بدلجي سگھن ٿا.
يعني اهو انساني فطرت جو آواز آهي ۽ سمورن آسماني مذهبن ۽ حڪيمن جو اصل الاصول اهو ئي فڪر رهيو آهي. اهي اصول ازلي ۽ ابدي آهن. پيغمبرن جي بنيادي تعليم اهي ئي اصول رهيا آهن. قرآن ۾ ارشاد آهي:
ترجمو: ”توهان جي لاءِ اهوئي دين مقرر ڪيو ويو آهي جنهن جو حڪم نوح (عليه السلام) کي ڏنو ويو ۽ اهو ئي ابراهيم، موسيٰ ۽ عيسيٰ (عليهم السلام) ڏي موڪليو ۽ توتي به اهو ئي وحي ڪيو ويو آهي، اهو هي آهي ته هڪ خدا جا ٿي رهو ۽ پاڻ ۾ فرقا ٺاهي ڦوٽ نه وجھو.“ (الشوريٰ-13)
قرآن جو هڪ ٻيو ارشاد آهي:.
ترجمو: ”بيشڪ اوهان هڪ ئي امت آهيو ۽ آءٌ هڪ ئي توهان جو رب آهيان پوءِ انڪار ۽ بدعملي جي نتيجن کان ڊڄو. پر افسوس جو ماڻهو هڪ ٻئي کان ڇڄي جدا جدا ٿي ويا ۽ پنهنجا پنهنجا جدا فرقا ٺاهيائون. هاڻي جيڪو جنهن جي پلو ۾ آهي سو انهيءَ ۾ مگن ۽ خوش آهي.“ (المومنون ـ 53)
هڪ هنڌ هيئن ارشاد آهي:
ترجمو: ”اوهان مان هر هڪ قوم لاءِ اسان هڪ شرع ۽ منهاج ٺهرايو (يعني هر هڪ قوم لاءِ مذهبي زندگي جو طريقو مقرر ڪيو).“ (المائده ـ 48)
حضرت ابن عباس ؐ منهاج جي معني طريقو يا رستو ڪئي آهي. پڻ ارشاد آهي:
ترجمو: ”هر هڪ امت لاءِ اسان هڪ طريقو مقرر ڪيو.“ (الحج ـ 67)
شاھ ولي الله رح هنن آيتن کي سامهون رکي ڪري فرمائن ٿا ته اصل دين هڪ ئي آهي. ۽ سمورن پيغمبرن جي بنيادي تعليم اها هڪ ئي رهي آهي يعني توحيد: (خدا هڪ آهي) ان جي ئي عبادت ڪئي وڃي. ان جي ئي نظام جي پيروي ڪئي وڃي. هر مصيبت ۾ ان کان مدد گھري وڃي ۽ جيڪي شيون ان جي شان سان ڀيٽ نه کائن انهن جي نسبت کان پاسو ڪيو وڃي.
آخرت جو تصور:
هر شي وانگر عملن جا به نتيجا آهن. مرڻ کانپوءِ سٺن عملن جو سٺو نتيجو ۽ برن عملن جو برو نتيجو ملندو. ٻين لفظن ته موت زندگي جي انتها ۾ بلڪ هڪ نئين زندگي جي ابتدا آهي.
اڳتي هلي شاھ صاحب لکن ٿا ته سڀ پيغمبر نيڪي ۽ بديءَ جي بنيادي اصولن ۾ به متفق آهن ۽ اهو ئي دين آهي. باقي انهن جي شڪل ۽ صورت حالات ، زمان ۽ مڪان جي لحاظ کان تبديل ٿيندي رهي آهي. ان جو نالو شريعت ۽ منهاج آهي.
تنهن ڪري عبادتن جي طريقي ۾ اختلاف، اهڙي طرح خانداني قانونن ۾ اختلاف يا معاشي ۽ معاشرتي قانونن ۾ اختلاف هجڻ جي باوجود انهن سڀني جو روح هڪ ئي هوندو آهي.
پر تاريخ ۾ ٿيندو هيئن رهيو آهي ته هڪ قوم ڏانهن پيغمبر آيو، پوءِ ان قوم کي ان آسماني تعليم مطابق هلايو. پر زماني جي گذرڻ سان ان تعليم ۾ قومي رسمون داخل ٿي ويون. اڳتي هلي اها قوم پنهنجي قومي رسمن کي اصل دين قرار ڏئي ڪري انهن تي ٽڪ هڻي بيهي رهي. ان کي ئي آسماني دين سان تعبير ڪري پنهنجو پاڻ کي حق جي پرچارڪ سڏرائيندي ٻين کي گمراھ ۽ ڪافر چوندي آئي.
جنهن ڪري هڪ خالص انسان دوست پروگرام هڪ قومي ۽ گروهي رسم بڻجي ٿي ويو. ائين ئي هر قوم پنهنجو پنهنجو دين ٺاهي ان کي مخصوص نالو ڏئي پنهنجي انانيت جي تسڪين ڪندي رهي، جنهن ڪري فرقا ۽ ٽولا ٺهي پيا. پوءِ الله پنهنجي حڪمت سان انهن لاءِ حق چٽو ڪرڻ لاءِ پيغمبر موڪليا جن انهن کي دين جي اصليت ۽ وحدت ڏانهن مائل ڪيو.
ارشاد آهي: ”يعني هر پيغمبر جي تعليم سان اهو حشر ٿيو جو ان ۾ غلط رسمون مذهب جو حصو بڻجي ويون. نتيجي ۾ خالص پروگرام وهم پرستي بڻجي ويو پوءِ الله پنهنجي حڪمت سان خالص کي کوٽي کان الڳ ڪرڻ لاءِ نئون پيغمبر موڪليندو آهي ته جيئن نج ۽ اصل پروگرام محفوظ رهي ۽ وحدت انساني قائم ٿئي.“
تنهن ڪري شاھ صاحب فرمائن ٿا ته مون وٽ اسلام جي تعليم جو لب لباب قرآن جي هيءَ آيت آهي:
”هُوَ الَّذِي أَرْسَلَ رَسُولَهُ بِالْهُدَىٰ وَدِينِ الْحَقِّ لِيُظْهِرَهُ عَلَى الدِّينِ كُلِّهِ
وَلَوْ كَرِهَ الْمُشْرِكُونَ“
يعني قرآن جو اصلي مقصد هي آهي ته سمورن فرقيوارانه مذهبن کي ختم ڪري انسانيت جي ڀلائي جو نظريو پيش ڪرڻ ۽ ان کي عملي شڪل ڏئي دنيا جي لاءِ آئيڊيل بڻائڻ آهي.
جيئن ته خالص ۽ بي داغ انسانيت جو قيام قرآن جو نصب العين آهي ۽ ان تي هو هڪ عملي نظام به قائم ڪري ڏيکاري چڪو آهي. تنهن ڪري قرآن انهن سڀني مصنوعي مذهبن کي يڪ قلم”ولاتتفرقوا“ سان ختم ڪري ڇڏيو ۽ ”واعتصموا بحبل الله جميعا“ جي تلقين ڪندي انهن کي گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
قرآن اهو نظريو پيش ڪيو ته خدا جو سچو دين هڪ آهي. اهو آهي پوري انسانذات جي ڀلائي. تنهن ڪري قرآن اڳين پيغمبرن جي تعليم کي غلط قرار نٿو ڏئي بلڪ انهن جي خالص ۽ بنيادي صداقتن کي تسليم ڪري ٿو ۽ ان جي پيروڪارن کي پاڻ سان گڏ هلڻ جي دعوت ڏئي ٿو. قرآن اڳين مذهبن جي عالمگير اصولن کي گڏ ڪري پوري دنيا کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته هي ئي اصل الاصول آهي. هي ئي هڪ بنيادي نڪتو آهي جنهن تي هڪ صحيح بين الاقوامي پروگرام جي تعمير ڪري سگھجي ٿي.
قرآن هڪ ميزان (تارازي) آهي جنهن سان سڀني کي ماپي سگھجي ٿو ان ۾ يهودي، عيسائي، مسلمان وغيره سڀ برابر آهن. بس اصل دين هڪ ئي آهي باقي ٻيون اختلافي شيون شعائر ۽ رسوم آهن جيڪي مقصد کي حاصل ڪرڻ جا ذريعا آهن ( انهن جي افاديت کان انڪار نٿو ڪري سگھجي) پر جيڪڏهن روح کان خالي رڳو صورتن جي پوڄا پاٺ ڪئي وڃي يا انهن کي اصل جي حيثيت ڏني وڃي ته اها دين ۾ تحريف آهي. قرآن مجيد بي روح رسمن جي خلاف جهاد جي تلقين ڪري ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي جو يهودين جي ظاهري دينداري تي ان سڀ کان وڌيڪ ناڪاريو آهي.
قرآن مجيد فطري تعليم جو ترجمان آهي. ان جو مطلب هيءُ آهي ته اهو اهڙو پروگرام پيش ڪري ٿو جيڪو انساني نوع جي نوعي تقاضا آهي ۽ ان ۾ پوري انسانذات لاءِ ڀلائي لڪل آهي. هن جو پروگرام خاص وقت ۽ جماعت سان ڳنڍيل نه آهي بلڪ هر دور ۾ ۽ هر سوسائٽي ان تي عمل ڪري ڪامياب ٿي سگھي ٿي. ان جي ابتڙ جيڪڏهن قرآن کي هڪ مخصوص گروھ جو ڪتاب يا مخصوص وقت ۾ فائدو ڏيندڙ ڪتاب تسليم ڪيو وڃي ته پوءِ ان کي ازلي ۽ ابدي پروگرام چوڻ بلڪل غلط ٿيندو. قرآن مجيد سموري انسانيت جو ڪتاب آهي.
پر ان جو اهو مطلب نه آهي ته هر زماني ۾ ان جي صورت هڪ ئي رهندي. بيشڪ هڪ زماني ۾ ان جي صورت هڪ خاص شڪل ۾ ظاهر ٿي پر ضروري ناهي ته بعينھ اهائي شڪل ٻئي زماني ۾ به قائم ٿئي. زمانو تبديل ٿيندو رهي ٿو ۽ هر نئون ڏينهن الله جو نئون شان کڻي نروار ٿئي ٿو. اهڙي طرح زندگي به ارتقائي سلسلي ۾ هلندڙ آهي. حالات، زمان، مڪان ۽ سوچن جي تبديلي قانون جي تبديلي جا متقاضي آهي. تنهن ڪري اڄ جي دور ۾ بعينھ خلافت راشده جھڙي صورت نٿي ٿي سگھي. جيڪي ائين سمجھن ٿا اهي قرآن جي حڪمت کان بي خبر آهن. بيشڪ خلافت راشده جي حڪومت قرآن جي فڪر جو عملي نمونو بلڪ اعليٰ عملي نمونو هئي، پر اهو نمونو هر دور ۾ هڪ جھڙو نه رهندو بلڪ ان جو روح ۽ اساس باقي رهڻو آهي.
قرآن اڄ به اسان جي رهنمائي ڪري سگھي ٿو. هن زماني ۾ قرآن جي بنياد تي صحيح حڪومت قائم ڪري سگھجي ٿي پر ان لاءِ ضروري آهي ته قرآن کي عقل ۽ فهم سان سمجھيو وڃي. معروضي حالتن مطابق ان مان فائدو ورتو وڃي. ان جي ٻڌايل انساني نفعي وارن اصولن تي قانونسازي ڪئي وڃي. ان جي عالمگير اصولن کي سمجھي اڄ جي زبان ۾ ان جي ترجماني ڪئي وڃي. ٻين لفظن ۾ قرآني فڪر کي عوامي سوچ ۾ تبديل ڪري انقلاب لاءِ راھ هموار ڪئي وڃي.
مطلب ته قرآن جو مقصد انسانذات جي تمدني ترقي سان گڏ ان جي اخلاقي تعمير ڪرڻ آهي. حقيقي تمدني ترقي صحيح اخلاقي اصولن سان ئي قائم ٿي سگھي ٿي. تنهن ڪري قرآن انسانن کي انهن بنيادي اخلاقي اصولن ڏانهن متوجھ ڪري ٿو.
ان جو پيغام سڀني مصنوعي اختلافن کي ٽوڙي هڪ وحدت ۾ پوئي ٿو. اها وحدت توحيد آهي. يعني هڪ الله تي ايمان آڻيو، هڪ الله جا ٿي رهو، سڀ انسان الله جا پيدا ڪيل ۽ ان جا بندا آهن. يعني عبديت ۾ سڀ برابر آهن. اهو توحيد جي ذريعي انساني مساوات جو پيغام ڏئي ٿو. آقا ۽ غلام جي تصور کي ڪچلي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ان دور جون ٻه وڏيون سلطنتون قيصر ۽ ڪسريٰ جيڪي طبقاتي نظام تي قائم هيون انهن کي ختم ڪري توحيد جي تصور تي انساني مساوات وارو نظام قائم ڪرڻ پيغمبر صه جي بنيادي مقصدن منجھان هڪ هيو.
قرآن توحيد کي اعليٰ نصب العين طور پيش ڪري ٿو. خدمت ۽ حريت، انسانيت کي ان نصب العين کي عملي طور پيش ڪرڻ جو ذريعو قرار ڏئي ٿو. يعني توحيد جي عقيدي جي عملي تصوير انسانذات جي خدمت ۽ آزادي آهي. ڇو ته توحيد جو تصور ئي سڀني اڪائين کي هڪ وحدت ۾ پروئي ٿو جنهن مان انساني مساوات جا گل ڦٽن ٿا. ان کي اڃا واضح ڪجي ته صحيح خدا شناسي جو لازمي نتيجو انسان دوستي آهي ۽ قرآن مجيد اهڙي ئي خدا شناسي جي تعليم ڏئي ٿو. پوءِ اهو چئي ٿو ته هن پروگرام کي عام سوسائٽي ۾ ”جادلهم بالتي هي احسن“ يعني نرمي سان سمجھايو ۽ جيڪڏهن ڪي انسانيت جا دشمن رڪاوٽون وجھڻ جي ڪوشش ڪن ته انهن سان جنگ ڪيو ۽ درحقيقت اهوئي جهاد جو مفهوم آهي. ظلم ۽ استحصال خلاف جنگ ئي جهاد آهي. يعني حق لاءِ قربان ٿي وڃڻ ۽ مفاد عامه لاءِ جنگ ڪرڻ.اهڙي جدوجهد ۽ جنگ انسانيت جي وڏي ۾ وڏي خدمت آهي. توهان پوري قرآن کي غور سان پڙهو، اهو ايمان بالله ۽ جهاد في سبيل الله سان ڀريو پيو آهي. ايمان بالله عقيدو آهي ته وري جهاد في سبيل الله ان ايمان تي عمل آهي. هڪ نصب العين آهي ته ٻيو مسلڪ. ٻئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن. جيڪڏهن ڪو هڪ انهن مان ناقص آهي ته پڪ سمجهو ته ٻيو به ناقص هوندو. ان معنيٰ سان ايمان بالله ۽ جهاد في سبيل الله هڪ اهڙي ڪسوٽي آهن جنهن سان هر فرد، هر جماعت ، هر قوم ۽ هر نظام ۽ قانون پرکي سگھجن ٿا. ان ۾ ڪنهن به قسم جي رعايت جي ڪابه گنجائش نه آهي.
هڪ زماني ۾ مسلمان انهن ٻنهي وصفن سان سرشار هئا. ان ڪري قرآن انهن کي امت وسطاً جي لقب سان نوازيو. ارشاد آهي:
”وَکَذٰلِکَ جَعَلْنٰكُمْ اُمَّۃً وَّسَطًا لِّتَكُوۡنُوۡا شُہَدَآءَ عَلَی النَّاسِ“
بيشڪ مسلمانن جو هي (Balanced umma) وارو امتياز هن ڪري آهي جو اهي ايمان بالله ۽ جهاد في سبيل الله کي صحيح معني ۾ مڃن ٿا ۽ ان تي عمل ڪن ٿا.
(قرآن مجيد، انسانيتِ عامہ ڪا داعي؛ از: مولانا عبدالله سنڌي؛ ترتيب: محمد سرور ماهنامہ فڪر و نظر: 1968 تان ورتل، سنڌيڪار: ثناءُالله سومرو)