اسلام ۽ معاشي برابري : علامه محمد غزالي رح
أَوَلَمْ يَرَوْا أَنَّا خَلَقْنَا لَهُمْ مِمَّا عَمِلَتْ أَيْدِينَا أَنْعَامًا فَهُمْ لَهَا مَالِكُونَ () وَذَلَّلْنَاهَا لَهُمْ فَمِنْهَا رَكُوبُهُمْ وَمِنْهَا يَأْكُلُونَ () وَلَهُمْ فِيهَا مَنَافِعُ وَمَشَارِبُ ۖ أَفَلَا يَشْكُرُونَ ()
﴿یٰس: ۷۳-۷۱﴾
”اهي نٿا ڏسن ڇا ته جيڪي جيڪي اسان جي هٿن بنايو آهي تنهن مان هڪڙي (نعمت) هيءَ آهي ته اسان هنن لاءِ ڍور ڍڳا خلقيا آهن، جن جا هو مالڪ بنيا ويٺا آهن؟ ۽ اسان انهن ڍورن کي سندن تابع ڪري ڏنو آهي، سو انهن مان ڪن تي سواري ڪن ٿا ۽ ڪن (جي گوشت وغيره) کي کائن ٿا. ۽ انهن مان هنن لاءِ ٻيا به فائدا آهن ۽ پڻ پيئڻ جون شيون (کير، لسي وغيره) پوءِ به هو شڪر نٿا ڪن.“
ان سان گڏوگڏ اسلام آسودن کي اتساھ ڏئي ٿو ته اهي الله تعالى وٽان مليل نعمت ۾ ٻين حقدارن کي به ڀائيوار ڪن.
وَآتُوهُمْ مِنْ مَالِ اللَّهِ الَّذِي آتَاكُمْ ۚ﴿النور: ۳۳﴾
”۽ جيڪو مال الله تعالى اوهان کي ڏنو آهي تنهن مان انهن (مسڪينن حقدارن) کي به ڪجھه ڏيو.“
اسلام هي به سمجھائي ٿو ته مال اهڙن بيوقوفن جي حوالي به نه ڪريو جيڪي ان کي بي جا استعمال ڪري اجايو وڃائي ڇڏين. فرمايو ويو:
وَلَا تُؤْتُوا السُّفَهَاءَ أَمْوَالَكُمُ الَّتِي جَعَلَ اللَّهُ لَكُمْ قِيَامًا
”اوهان جو مال متاع جنهن کي الله تعالى اوهان جي گذران جو وسيلو بنايو آهي سو بي سمجھه ماڻهن جي حوالي نه ڪري ڇڏيو.“
الله تعالى مؤمنن کي هيءُ به حڪم ڪري ٿو ته هو حرام روزي کان پاڻ کي بچائين ۽ ڦر مار نه ڪن ۽ پنهنجي ڏيتي ليتي هڪ ٻئي جي رضامندي سان ڪن؛
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَأْكُلُوا أَمْوَالَكُمْ بَيْنَكُمْ بِالْبَاطِلِ إِلَّا أَنْ تَكُونَ تِجَارَةً عَنْ تَرَاضٍ مِنْكُمْ وَلَا تَقْتُلُوا أَنْفُسَكُمْ إِنَّ اللَّهَ كَانَ بِكُمْ رَحِيمًا ﴿النساء: ٢٩﴾
”اي ايمان وارؤ! هڪ ٻئي جو مال ناحق نه کائي کپائي ڇڏيو. پر جيڪڏهن گڏيل ڌنڌو واپار هجي ته پوءِ هڪ ٻئي جي رضامندي سان (مناسب طور) کائي سگھو ٿا.“
اسلام ملڪيت جي محدود حقن ڏيڻ سان گڏوگڏ دولت جي بيجا استعمال کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ به ڪجھه پابنديون لاڳو ڪيون آهن. ان جي برخلاف ڪميونزم ذاتي ملڪيت کي مڙني معاشرتي ڏاڍاين جو ذميوار قرار ڏئي ٿو ۽ انهيءَ ئي بنياد تي الحاد (بي ديني) جو علمبردار آهي.
هڪ مؤمن وحي الاهي جي انڪار کي رد ڪري ٿو. هو پوري طرح سان ذاتي ملڪيت جو احترام ڪري ٿو ۽ رشوت، ڦرمار ۽ ناجائز حق تلفي جي وسيلي حاصل ڪيل مال کان پاڻ بچائي ٿو. پر ان جي باوجود ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجو پاڻ کي اسلام جا وڏا دعويدار سڏائن ٿا . . . پوءِ الله ئي بهتر ٿو ڄاڻي ته سندن دلين ۾ ڇا لڪل آهي . . . ۽ الله تعالى طرفان امانت ڪيل مال کي بي ڊپائي سان رڙڪي وڃن ٿا. عام زندگيءَ جي ڪماين ۾ نه ڪو خيال ڪن ٿا ته ان کي ڪٿان ٿا حاصل ڪن ۽ نه وري ڪو لحاظ ڪن ٿا ته ڪيترن ڪمزورن جي حقن تي ڌاڙو هڻي ويٺا آهن. هوڏانهن وري گڏوگڏ اها به دعوى پيا ڪندا آهن ته پاڻ ڪميونزم جا مخالف آهن، ڇو جو اهو اسلام دشمن نظريو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته اهڙن ماڻهن جو رويو ئي غريبن ۽ پورهيتن کي باغي بنائڻ ۽ معاشري کي ڪميونزم تائين پهچائڻ جو وسيلو هوندو آهي. اهي ماڻهو پاڻ کي جنهن دين جو علمبردار سڏائن ٿا، ان جو سندن ڪردار ۽ طرز عمل سان پري جو به واسطو نه آهي.
قرآن مجيد ۾ صاف صاف فرمايو ويو آهي ته اسان ان ڳالهه کان انڪاري آهيون ته اسلام جو عظيم پيغام ٿورڙن عيش پرست ماڻهن جي جاگير ٿي پوي؛
وَنُرِيدُ أَنْ نَمُنَّ عَلَى الَّذِينَ اسْتُضْعِفُوا فِي الْأَرْضِ وَنَجْعَلَهُمْ أَئِمَّةً وَنَجْعَلَهُمُ الْوَارِثِينَ
﴿القصص: ٥﴾
”۽ اسان چاهيو ٿي ته جن کي ملڪ ۾ دٻائي هيڻو ڪيو ٿي ويو تن تي پنهنجو فضل ڪيون ۽ کين ماڻهن جو امام ڪيون ۽ کين وارث ڪيون. ۽ ملڪ ۾ انهن جا پير ڄمايون ۽ انهن کي طاقتور ڪيون.“
معيشيت کي سياست کان الڳ ڪرڻ هڪ ڏکي ڳالهه آهي. توهان جتي به سياسي ابتري ڏسندؤ، اتي ناجائز دولت، اقتدار جو بي انتها غلط استعمال، ڦر مار، حق تلفي ۽ پنهنجا نوازڻ جهڙيون بڇڙايون توهان کي نظر اينديون.
نفعي جي پاڪائي، معاشري جي بهتري لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي. جيڪا ملڪيت ٻين جا حق ڦٻائي ناجائز طريقي سان گڏ ڪئي وئي هجي، ان کي ضبط ڪري اصل مستحقن کي ڏئي ڪري انهن جي معيشيت بحال ڪرڻ سان ئي هڪ مضبوط ۽ متوازن معاشرو قائم ڪري سگھجي ٿو. ڦر مار، ٺڳي ۽ ذخيري اندوزي جي حرمت اسلام ۾ موجود آهي ۽ انهن طريقن سان ڪمايل مال باطل آهي جيڪو اسلامي رياست کي ضبط ڪرڻ گهرجي. ٿورڙن بڇڙن ماڻهن جي غلط ڪارين سان اسلام جو ڪو واسطو نه آهي.
حلال طريقي سان ڪمايل مال ۾ به ڪيترائي حق لاڳو ٿين ٿا، جن مان سڀ کان اهم ۽ پهريون حق آهي زڪوات. ان جو مقصد غريبن جي مشڪلاتن کي مٽائڻ ۽ انهن کي مالي طور پاڻڀرو بنائڻ آهي. حديث ۾ اچي ٿو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن محتاج کي اهڙي ڏاچي ڏئي جنهن جي ٻن ويلن جو کير سندس گھرج کي پورو ڪري ته اهڙي ماڻهو جي لاءِ الله تعالى وٽ وڏو اجر آهي.
زڪوات جي هيءَ صورت به غلط سمجھي وئي آهي ته ڪنهن ضرورتمند کي فقط ايترو ڏنو وڃي جو رڳو ان ڏينهن جي ئي سندس ضرورت پوري ٿئي ۽ اڳلي ڏينهن هو وري لاچاري جي حالت ۾ هجي. اسلام مال منجھان ”الله جو حق“ ڪڍڻ جي خاص هدايت ڪئي آهي ۽ حڪومت کي پابند بنايو آهي ته اها هر هڪ ضرورتمند کي ڏيڻ جو جو پورو پورو بندوبست رکي. هر ماڻهوءَ کي زڪوات مان ڪيترو ڏنو وڃي، ان لاءِ امام غزالي رحه، مالڪي، حنبلي ۽ ڪجھه شافعي عالمن جي راءِ هيءَ آهي ته ضرورتمندن کي ايترو ڏنو وڃي جو پوري سال جو خرچ نڪري وڃي پوءِ ڀلي ڇونه نصاب کان وڌيڪ ئي ڏيڻو پوي. جڏهن ته امام شافعي پنهنجي ڪتاب ”الام“ ۾، ۽ اهڙي طرح سندس ٻين ڪيترن ئي ساٿين جي راءِ آهي ته محتاجن کي زڪوات مان ايترو حصو ڏنو وڃي جو هنن کي باقي سڄي ڄمار وري زڪوات وٺڻ جي ضرورت ئي نه پوي.
حضرت عمر بن عبدالعزيز جي دور خلافت ۾ روزانو پڙهو ڏنو ويندو هو ته قرضدار ۽ شادي جو ارادو رکندڙ (جن وٽ مهر لاءِ پئسا نه آهن) ڪٿي آهن؟ پوءِ اهڙن ماڻهن جي بيت المال مان مدد ڪئي ويندي هئي.
اسلام هڪ فطري دين آهي، جيڪو چوري کان روڪي ٿو پر گڏوگڏ ماڻهن جي ڪفالت جو به حڪم ڪري ٿو. زنا جي خلاف آهي ۽ ماڻهن جي شاديءَ لاءِ حوصله افزائي ڪري ٿو. ان جو مالي هدايتون اهڙيون ته بي مثال آهن جي سڀني معاشرتي خرابين کي دفن ڪري ڇڏين ٿيون.
زڪوات جي حد ڀلي ڪيتري به ڦهليل هجي پر ان کان لنوائڻ ۽ ڪيٻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي ۽ صحت مند ماڻهن کي گھرجي ته پنهنجي لاءِ محنت سان روزي ڪمائين. ڇو ته محنت ئي دولت ڪمائڻ جو بهترين وسيلو آهي. حڪومت کي گھرجي ته بي روزگاري کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي پوري قوت استعمال ڪري ملڪ جي هر ماڻهوءَ کي روزي سان لڳائي.
هتي قابل غور سوال هي آهي ته آخر ڇا سبب آهي جو مسلمانن جي مقابلي ۾ ٻيون قومون وڌيڪ محنت ڪندڙ ۽ مختلف هنرن ۾ مهارت رکن ٿيون؟ انجو سبب هيءُ ٿو معلوم ٿئي ته قدامت پرستي ۽ جاهليت جون ريتون رسمون اسلامي تعليمات ۽ مسلمانن جي رسم و رواج ۾ داخل ٿي ويون آهن، جنهن ڪري اسان جي اندروني قوت ۽ چرپر رڪجي وئي آهي ۽ ٻيون قومون تيزي سان ترقي ڪندي اسان کان اڳتي نڪري ويون آهن. دور جاهليت جي ماڻهن جو ته حال به هيءُ هو ته هو زراعت ۽ ڪنهن ڌنڌي ڪرڻ ۾ عار سمجھندا هئا. پنهنجي خانداني حسب نسب تي فخر ۽ وڏائي ڪرڻ هنن جو مَرڪ هو.
هاڻي ضروت ان ڳالهه جي آهي ته هڪ اهڙو جديد اسلامي معاشرو قائم ڪيو وڃي جنهن جو بنياد الله تعالى جا مقرر ڪيل قانون هجن؛
اعْمَلُوا فَسَيَرَى اللَّهُ عَمَلَكُمْ (التوبة: ١٠٥)
”عمل ڪندا رهو، الله (تعالى) ڏسندو ته اوهان جا عمل ڪهڙا آهن.“
عياش ۽ نڪمو ٿي رهڻ وارن جي جاءِ جهنم ئي ٿي سگھي ٿي. اسلام ۾ ناجائز طريقي سان مال ڦٻائڻ ڦرمار ۽ مفت خوري کي روڪڻ لاءِ وياج کي حرام ڪيو ويو آهي ۽ ڀائيواري جي بنياد تي واپار کي هٿي ڏيارڻ لاءِ همٿايو ويو آهي. اسان کي گھرجي ته ان ڳالهه کي سمجھون ته مال دولت اصل ۾ انسان جي خدمت لاءِ خلقي وئي آهي، نڪي انسان ان جي خدمت لاءِ.
سنڌيڪار: احمدالدين شر بلوچ